ڪالهوڪا قافلا ڪيڏانھن ويا!

0
28
تن کي روئان ڪيئن ڪري

                  هي دور ڀل ته انساني ترقي جو عروج جو دور ليکيو وڃي، پر هن وقت انساني زندگي وڌيڪ مشڪلاتن ۾ ڦاٿل آھي، خاص ڪري پورهيت طبقو جنم وٺڻ کان موت تائين جو سفر ڪُرڪي ڪِنجهي پورو ڪري ٿو. پاڪستان جي پهاڙي علائقن کان ويندي افغانستان ۽ ايران جي  پهاڙي علائقن ۾ رهندڙ ماڻھو هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ ڳڀي جي ڳولها ۾ سرگردان رهندا آھن، هو مارخور يا وري سرنهن تي هنڌ ۽ ٿانو ٺڪر کڻي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين اڙانگو سفر ڪن ٿا. هاڻي مختلف ملڪن جي انهن علائقن ۾ جتي روڊ رستا ٺھي چڪا آھن ته اتي وري ٽرڪون ٽيلا يا وري ٻيون سواريون بار ڍوئڻ ۽ سفر جي ڪم اچن ٿيون. اهڙن علائقن ۾ روڊن ٺھڻ کان اڳ هڪ دور ۾ اٺ، اٺ گاڏيون، ڍڳي گاڏيون، گڏھ، گڏھ گاڏيون ۽ ڇڪڙا، بار ڍوئڻ ۽ سواري لاءِ ڪتب آندا ويندا هئا

سنڌ، بلوچستان توڙي ملڪ جي ٻين حصن ۾ جتي ميداني علائقا آھن. اتي اڄ به گڏھ گاڏين جو استعمال آھي،گهرائي سان ڏٺو وڃي ته تهذيب ۽ تمدن جو بنياد وجهندڙ به اهي ماڻھو هئا، جيڪي پٿر جي دور جا هئا، پٿر جي دور کان پوءِ ڌاتو جو دور ۽ ان کان پوءِ مختلف دور ايندا رهيا، تان جو اچي هي دور بيٺو آھي، هي دور جنهن کي جديد ترين دور سڏجي ٿو، ان دور ۾ به ھتي جا ماڻھو بک ۽ بيماري ۾ مرندا رهن ٿا، حڪمران طبقو فقط اقتدار جي حصول خاطر پورهيت ماڻھن کي دلاسن ۾ رهائيندو رهيو آھي، حاڪم طبقي ڪڏھن عوام تي حڪمراني ڪرڻ خاطر مذھبي ڪارڊ جو استعمال ڪيو آھي ته ڪڏھن وري سکڻن نعرن سان رعيت کي ريجهائڻ جون ڪوششون پئي ڪيون آھن

مون کي هن جديد دور تي چڙ ان ڪري نه آھي ته هن دور ۾ به حڪمران طبقو ڪوڙ ڳالهائي ٿو ، مون کي ان تي چڙ ان ڪري آھي جو هن وقت به پورهيت ماڻھو ڪڏھن بيروزگاري سبب ته ڪڏھن وري بک بدحالي ۽ بيماري ۾ بي علاج مري ٿو وڃي، ۽ اقتداري طبقو عوامي خدمت ۽ ايماندار ھئڻ جا وڏا ڪوڙ ھڻندو ٿو رهي. ڪوڙ ڳالهائڻ ڪيڏو نه ڏوھ آھي؟ اسلام سميت سڀني مذهبن ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ جي سخت منع ڪيل آھي، ۽ اها به حقيقت آھي ته تاريخ جو وڏو ڪوڙ حاڪم طبقي ئي ڳالهايو آھي، پوءِ اهو ڪوڙ ڪڏھن مصر جي فرعونن ڳالهايو آھي ته ڪڏھن وري ڪوفي جي يزيدن ڳالهايو آھي. اهو ڪوڙ ڪڏھن، اورنگزيب ڳالهائي سندس ڀاءُ دارا شڪوه کي صليب تي لٽڪايو آھي ته ڪڏھن جنرل ضيا ڳالهائي ڀٽي کي ڦاهي تي لٽڪايو آھي. يوناني ٻولي ۾ ڪوڙ جي وصف ٻين ماڻھن جي نظر ۾ پاڻ وڻائڻ جي خواهش ٻڌائي ويئي آھي. ڪوڙ مضبوط رشتن کي ناس ڪري ڇڏيندو آھي. ڪوڙ ڳالهائڻ جو هڪ ذائقو ٿئي ٿو، جيڪو ڪوڙ ڳالهائيندڙ ڳالهائي لطف اندوز ٿيندا آھن، ۽ خاموشي ۾ ان تي سوچي کلندا آھن]

مون ته خاموشي ۾ صرف اهي الوداعي گيت ٻڌا آھن جيڪي ڪنهن پرڻيل ڇوڪري جي رخصتي ويل ساهيڙين پاران ڳايا ويندا آھن، جن کي راجستان ۾ ڏورو چيو ويندو آھي. مون اهي گيت به ٻڌا آھن جيڪي ڪنهن ماڻھو جي دنيا مان رخصتي ويل ڳايا ويندا آھن، اهڙن گيتن جو ادب ۾ ڪو خاص نالو ته موجود ناهي ليڪن انهن کي الوداعي گيت ئي چئي سگهجي ٿو. مون بچي جي موت تي الوداعي گيت ته ڪون ٻڌا هئا پر سندس زال جڏھن پار ڪڍي ٿي رني ته هانءُ ٿي ڦاٽو. بچو انتهائي غريب ماڻھو هو، جنهن ٻه ٽي ايڪڙ زمين وڪڻي ڪاري ڪامڻ جو علاج ٿي ڪرايو، ليڪن پوئين هڪ سال کان جڏھن ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي منهن ڪڍيو ته هن وٽ ھڪ ٽڪو به نه رهيو، جنهن سان هو علاج جاري رکي سگهي، جنهن بعد هن جا گهر ڀاتي به ان حالت ۾ سندس موت جو انتظار ڪندا رهيا، بچو ننڍپڻ ۾ رڍن جو ڌڻ چاريندو هو، رڍن جو ڌڻ جڏھن الٿي ويل ڳوٺ ڪاهي ايندو. هو ته سج گونگڙي درياءُ جي اولھه ڪنڌي جي هڪ شاهي ڀٽ ۾ گم ٿيندو نظر ايندو هو، ۽ ان وقت رڍن جو ڌڻ به ڪنڌي جي ڀٽ پار ڪري هيٺ لهندو هو ته لهندڙ سج ۽ رڍن جو ڌڻ ھڪ ئي وقت گڏ گم ٿي ويندا هئا، هاڻي ته سڪي ويل درياءُ گونگڙي جي ساڄي ڪنڌي جي قبرستان ۾ بچو به گم ٿي ويو آھي، ان کان چند ڏينهن اڳ منهنجي وڏي ڀيڻ جنهن جو ٻن ڪلاڪن اندر ٻن مختلف گاڏين ۾ ٻه وڏا ايڪسيڊنٽ ٿيا هئا ۽ ھوءَ گذاري ويئي، ان شام سندس قبر مٿان سندس پٽ آصف بيھه قبر جي تازي مٽي کي گهوري لڙڪ ڳاڙي رهيو هو، مون کيس چيو اسان سڀ انهي رستي جا راهي آھيون ۽ اها واٽ ان مشڪل پنڌ تي هر هڪ کي پنهنجي واري سان سڏي ٿي ۽ ماڻھو ڪنهن به حالت ۾ هوندي، ان سڏ جي پٺيان هليو وڃي ٿو. جيئن اوٺي جي پٺيان اٺ ويندا آھن جن جي مهار اوٺار جي هٿن ۾ ھوندي آھي، مون کي اوٺين جي هٿن ۾ اٺن جون مهارون اڄ به ياد آھن، جي اٺن تي اناج يا ڪاٺ کڻڻ دوران جتن جي هٿن ۾ رهنديون هيون، قطار ۾ پويان هلندڙ اٺن جون مهارون اوٺي اڳيان ويندڙ اٺن جي پڇن ۾ ٻڌي ڇڏيندا هئا. فقط اڳئين اٺ جي مهار جت جي هٿ ۾ ھوندي هئي، اسان توڳياڻي ۽ قديمي درياءُ گونگڙي جي وچ واري ڪچي روڊ جي ميل جي لڳل پٿرن تي بيهي ايندڙ ۽ ويندڙ اٺن جون قطارون ڏسندا هئاسين، جن جي پنهنجي نرالي سونهن هوندي هئي، آئون انهن پٿرن تان لهي حال ڏانهن موٽان ٿو ته مون کي هن وقت پورهيتن جي ٻارڙن جون قطارون نظر اچن ٿيون جيڪي کيتن ۾ مائٽن سان گڏ ڪم ڪندي يا وري شھرن جي شادي هالن ٻاهران نظر اچن ٿا، جيڪي سارو ڏينهن پکين جيان پيٽ ڀري کائڻ جي ڪوشش ۾ سرگردان نظر ايندا آھن.
بيروزگاري جي بک ۽ مهانگائي جي ڀيڙ ۾ ماڻھو ڪيترون جلد طبعي توڙي نفسياسي موت جي ور چڙھي چڪو آھي، طبعي موت ته هر ڪنهن کي گهائي ٿو وڃي، ليڪن نفسياتي موت به وڏو عذاب هجي ٿو، نفسياتي موت اڪثر ڪري ٻرندڙ واقعن توڙي حد درجي جي بيوسي جي پيداوار آھي، يا وري جذبات جي شديد حالت جو ردعمل آھي، نفسياتي موت ناگزير عمل ن بلڪ عمل واپسي آھي، ان کي مختلف سرگرمين وڌائڻ سان ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو. ريگستان، ڪوهستان ۽ ساحلي پٽي واري علائقن ۾ ھن وقت معاشي صورتحال وڌيڪ خراب آھي دنيا جا سائنسدان ۽ ملڪن جا حڪمران وڏا جتن ڪري چنڊ تي چڙھي اهو باور ڪرائين ٿا ته هو ڪيڏا نه ترقي يافتا ٿي چڪا آھن، پر انهن ڪڏھن اهو سوچيو آھي ته هن دنيا جا ڪيترائي ماڻھو بکيا سمهي ٿا پون ۽ ڪيترائي بيمار ٿي بنا علاج مري ٿا وڃن، انهن جي بک ۽ بيماري ختم ڪرڻ لاءِ هنن ڪهڙا نوان وسيلا پيدا ڪيا آھن ڪائنات ته تمام وسيع آھي. دنيا جا ڪيئي سائنسدان عالم ۽ اڪابر بک، بيماري ۽ ان کان پوءِ ايندڙ موت کي به سمجهي نه سگهيا آھن، دنيا ۾ ته ڪيئي اهڙا ڊاڪٽر به اهڙين بيمارين کان بچي نه سگهيا جيڪي انهن بيمارين جا خاص ڊاڪٽر هئا، آئون چوان ٿو ته جيڪو لوح محفوظ ۾ لکيل آھي اهو ئي ٿيڻو آھي. آئون وري هڪ ٻي ياد جي وهڪري ۾ لڙھي ٿو وڃان، جيئن وهندڙ درياءُ ۾ ڪيلي جو ٿڙ لڙھندو آھي، عثمان فقير،  ڪاٺ ٻانڀڻ اسان جي ڳوٺ ۽ ٻين ڳوٺن ۾ اچي جماعت ڪڍندو هو، هو ڳوٺ ڳوٺ مان هڪ ٻه ماڻھو پاڻ سان وٺي فقيرن جي قطار ٺاهي ملتان ڏانهن روانا ايندا هئا، اهي فقيرن جون ٽوليون ايندي ويندي، لٺيون هٿن ۾ کڻي شاهه جا بيت ڏيندي پيون وينديون هيون، اهي فقير ٽنڊي آدم تائين پنڌ ويندا هئا جنهن کان پوءِ حيدرآباد مان وڃي ريل تي چڙھندا هئا، جتان ملتان ۾ لهي درگاه غوث بهاءُ الدين جو سلام ڀري موٽندا هئا. انهن فقيرن جو ڪورس جي انداز ۾ڳايل اهو آواز اڃا تائين ڪنن ۾ گونجي رهيو آھي. هاڻي ته اهو آواز ۽ فقيرن جون قطارون ڳولهيان ٿو، نه ٿيون ملن، ڄڻ ته ڪنهن ڪھه ۾ گم ٿي ويون آھن.