پھاڙ سر ڪرڻ هن جو جنون هو، هڪ اهڙو جذبو جنهن لاءِ هو هر قيمت ادا ڪرڻ لاءِ تيار هو. هو جبلن ۾ زندگيءَ جا مختلف رنگ ڳوليندو رهندو هو، پر ”جبلن جي شهزادي“ جي نالي سان مشھور سياح انعام منير لاءِ ڪنهن به اهو نه سوچيو هو ته اهو جنون هڪ ڏينهن سندس موت بڻجي ويندو.
27 جولاءِ تي جڏهن موڪلون ٿيون ته انعام منير هميشه وانگر پنهنجن ساٿين سان گڏجي ڪالام جبل جي سلسلي ۾ گوادر لڪ وٽ جبل جا منظر ڏسڻ جو فيصلو ڪيو، پر هن کي اها خبر ئي نه هئي ته اهو ايڊونچر سندس سر ئي کڻي ويندو.
انعام منير، جيڪو ڪالام ۾ گوادر لڪ جي برفاني جبل جي سلسلي کي ٽريڪ ڪري رهيو هو، سوات يونيورسٽي مان سماجيات ۾ ايم فل جي ڊگري سان اسڪول جو استاد هو. هو گولڊ ميڊلسٽ هجڻ سان گڏ هڪ بهترين شاعر به هو.
سوات ٽريڪنگ ڪلب جي ميمبر ھڪ نيوز ويبسائٽ کي ٻڌايو ته انعام منير جبلن جو شهزادو هو. هو موڪلن دوران جبلن ۾ وڃڻ گهمڻ ڪندو هو.
ٽريڪنگ ڪلب جي هڪ ٻئي ميمبر انعام منير جي اوچن جبلن جي سلسلي ۾ ايڊونچر جي ڪهاڻي ٻڌائيندي چيو ته انعام پنهنجي ساٿين سان گڏ سوات کان ڪالام جبل جي ديسان بانڊا وٽان گوادر لڪ لاءِ روانو ٿيو هو. انعام منير پنهنجن ساٿين سميت گوادر لڪ پهتو پر اتي رات گذارڻ کانپوءِ سندس طبيعت خراب ٿيڻ لڳي ۽ هو ڏهين وڳي تائين بيمار ئي پنهنجي خيمي ۾ ويٺو رهيو.
انعام منير سان گڏ ٽريڪنگ تي نڪتل لياقت علي خاوري ٻڌايو ته جڏهن انعام جي حالت ٺيڪ ٿي ته هن چڙهائي جاري رکڻ لاءِ چيو. اسان چڙهڻ لڳاسين پر انعام منير جي حالت وري خراب ٿيڻ لڳي.
لياقت علي خاوري موجب، انعام جي خراب صحت ڏسي هن کانئس ٿيلهو وٺي ورتو ۽ سندس هٿ جهلي مٿي چڙهندو رهيو. ان دوران اوچتو موسم خراب ٿي وئي. زوردار برسات شروع ٿي وئي. اسان ٻن گروپن ۾ ورھائجي وياسين.
لياقت علي خاوري چيو ته ثاقب نثار ۽ انعام منير پوئتي رهجي ويا جڏهن ته ھو پنھنجن ساٿين سان گڏ اڳتي وڌي ويو.
سوات ٽريڪنگ ڪلب موجب ثاقب نثار کيس مٿي کان اشارو ڪري رهيو هو ته مان ڪنڊول ۾ ٻه ڍنڍون ڏسڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان. توهان منهنجي پٺيان هلو، هو وضاحت ڪري ٿو ته هي هڪ اهڙو علائقو آهي جتي موسم فوري طور تي تبديل ٿي ويندي آهي ۽ ڪيترن ميٽرن تائين ڪجهه به نظر نه ايندو آھي.’
جڏهن انعام جو ساٿي مٿي ويو ته انعام هيٺان ساڳي جاءِ تي ترسي پيو. ان دوران هو بيقرار ٿي ويو ۽ ڪنهن محفوظ جاءِ تي وڃڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، سو هن گوادر لڪ جي ويجهو هڪ گليشيئر جي ڀرسان پنهنجو خيمو لڳايو ۽ فون چارج ڪرڻ لڳو. هن سوچيو هوندو ته شايد سڀ ماڻهو هن طرف هليا ويا هئا، ان ڪري موٽي به اتي ايندا. پر پوءِ خبر ناهي ته سڄي رات هن کي ڇا ٿيو ۽ ڪيئن زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهندو رهيو.
”جتي هي سڀ ماڻهو ٽريڪنگ لاءِ ويا هئا، نيٽ ورڪ بلڪل ڪم نه ڪري رهيو هو، پوءِ جڏهن ٻئي ڏينهن هيٺ آيا ته انعام منير گروپ ۾ نه هو،“ هو چوي ٿو. هن واقعي بابت سوات ۽ ڀرپاسي جي ٽريڪنگ ڪميونٽي کي اطلاع ڏنو، سوات ۽ ڪالام جون مختلف ٽيمون انعام منير جي ڳولا ۾ نڪتيون. ٽن ڏينهن بعد 2 آگسٽ تي منجهند 12 وڳي انعام منير جو لاش جبل مان مليو. ڪالام کان پوليس ۽ امدادي ٽيمون پهچي ويون. انعام جي لاش کي اتان واپس آڻڻ ۾ ڪافي ڏکيائيون پيش آيون.
انعام منير لڳ ڀڳ 135 جبلن تي چڙهائي ڪئي. هو پنهنجي هر سفر بابت سفري ڊائري جي صورت ۾ پنهنجي فيس بوڪ پيج ۽ پروفائل تي لکندو هو ۽ يوٽيوب تي ويلاگ به اپ لوڊ ڪندو هو. انعام منير جي اوچتو موت جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ ان سان گڏ ويندڙ ٻين ساٿين کي گرفتار ڪيو ويو آهي.