حيدرآباد(بيورو رپورٽ) جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين ۽ جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي جي ڪنوينر نواز خان زئور چيو آهي ته واپڊا چيئرمين سجاد غني پاران ڪالاباغ ڊيم مخالف جدوجهد تي ڀارت کان پئسا وٺڻ واري ڪوڙ تي ٻڌل الزام جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، ڪالاباغ ڊيم سميت سمورا ڊيم درياھ دشمن، ماحوليات مخالف، ايڪو سسٽم ۽ ڊيلٽا لاءِ تباهي مچائيندڙ منصوبا آهن، جن خلاف سنڌ تاريخي جدوجهد پئي ڪئي آهي، رسول بخش پليجي ۽ بشير خان قريشي کان وٺي شهيد بينظير ڀٽو ۽ امداد محمد شاھ تائين سنڌ جي وڏين شخصيتن ۽ قومپرست پارٽين ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪيو ۽ ان خلاف تاريخي جدوجهد ڪئي. سنڌ هينئر به ڪالاباغ ڊيم ۽ ديامير ڀاشا ڊيم سميت سمورن ڊيمن کي رد ڪري ٿي، واپڊا چيئرمين ذهني توازن وڃائي ويٺو آهي، کيس هڪدم عهدي تان هٽائي ڪنهن اسپتال ۾ داخل ڪرڻ گهرجي، جاري ڪيل بيان موجب نواز خان زئور چيو ته ڊيمن، نون بئراجن ۽ ڪئنالن جون رٿائون سنڌوءَ ۽ سندس ڀرتو درياھن تي پنجاب جي دائمي قبضي واري درياءَ ۽ ماحوليات دشمن غليظ سازش جو حصو آهن، پنجابي حڪمران درياھن تي قبضي لاءِ انڊيا جو خوف پيدا ڪري پنهنجون ايجنڊائون اڳتي وڌائي رهيا آهن، جڏهن ته سڄي سڌريل دنيا ڊيمن کي نقصانڪار قرار ڏئي رد ڪري رهي آهي. آمريڪا سميت مختلف ملڪن ۾ ڊيمن کي ڊاٺو پيو وڃي. نواز خان زئور وڌيڪ چيو ته واپڊا توڙي ارسا جي شڪل ۾ درياھن تي پنجاب جي بالادستي قائم ڪئي وئي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ پنجاب جا واھ تار وهي رهيا آهن. چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪئنال وسيلي سنڌوءَ مان پاڻي کڻي جهلم ۽ چناب درياھن ۾ وڌو پيو وڃي.