حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌو درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت جو ڪٽر مخالف ۽ ان خلاف سنڌ آبادگار بورڊ جي پليٽ فارم تان ڀرپور جدوجهد ڪندڙ ناميارو آبادگار اڳواڻ عبدالمجيد نظاماڻي 88 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. عبدالمجيد نظاماڻي ڪجهه عرصي کان آنڊي جي بيماري ۾ مبتلا هو. بيماري جي شدت جي ڪري کيس ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ علاج لاءِ داخل ڪيو ويو جتان هو ڪجهه ڏينهن اڳ واپس پنهنجي ڳوٺ پهتو جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. مرحوم عبدالمجيد نظاماڻي جي جنازي نماز ٽنڊي محمد خان ڀرسان ڳوٺ باقر خان نظاماڻي ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۽ تدفين ۾ وڏي تعداد ۾ علائقي جي معززين ۽ آبادگارن شرڪت ڪئي. کيس مقامي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. هن 3 پٽ الهداد خان نظاماڻي، خداداد خان نظاماڻي، عبدالحفيظ نظاماڻي ۽ 7 ڌيئرون سوڳ وار ڇڏيون آهن. سندس گهرواري هڪ سال اڳ انتقال ڪري وئي هئي. مرحوم جي تعزيت وصول ڪرڻ لاءِ ڳوٺ باقر خان نظاماڻي تڏو وڇايو ويو آهي.