ڪافيءَ جي اثر انگيزي

0
22
ڪافيءَ جي اثر انگيزي

 سنڌي شاعريءَ جي هڪ مقبول ۽ قديم صنف آهي، ڪافيءَ جو بنياد لطيف سائينءَ کان گهڻو آڳاٽو آهي، تقريباً ڏيڍ سئو ورهيه اڳ شاهه صاحب جي شاعريءَ کان اڳ ڪافيءَ جي صنف جو وجود ملي ٿو، مخدوم طالب الموليٰ پنهنجي ڪتاب ڪافيءَ ۾ ڄاڻايو آهي، ته، ارغون ۽ ترخانن جي قتل وغارت گيريءَ جي دور ۾ جيڪي پاٽ جا عالم ۽ صوفي بزرگ برهانپور لڏي ويا، انهن ۾ مشهور شاعر حضرت قاسم بن شيخ ۽ شيخ لاڏ جيو هئا جن کي سنڌي ڪافيءَ تي مهارت حاصل هئي، بزرگ شيخ برهانپور ۾ سنڌي ڪافيون ڳائي هتان جي ياد تازي ڪندو هو. منظور نقوي موجب ته، “ڪافي موسيقيءَ جي ٺاٺ مان نڪتل راڳ جو نالو آهي، جيڪو ست سئو سال اڳ هوپا ميل ۾ ڄاڻايو ويو آهي، هن صنف جو نالو ان ڪري اهو آهي جو منجهس سڀ سر سڌا سنوان ٿي ٿا لڳن، ڪافي معنيٰ مڪمل ۽ پوري ۽ ان جي ڳائڻ جو وقت اڌ رات آهي. سنڌي ڪافيءَ جو موجد شيخ لاڏ جيو چيو وڃي ٿو ڪافي جي هيئت جي باري ۾ جيڪڏهن ڏسبو ته، هيئت جي لحاظ کان ڪافيءَ جا ڪيترائي قسم آهن انهن هيئتن جا مختلف نالا به آهن، جيئن يڪيون، ڏيڍيون، ٻه تڪيون، ٽه تڪيون، ۽ چئو تاريون، ڪافيءَ جو وزن ڪٿي عروض ۽ ڪٿي موسيقي ۽ عروض تي ٻڌل آهي.

شروع دور جي واين ۽ ڪافين ۾ فني سٽاءُ جي لحاظ کان گهڻو فرق نه هو پر پوءِ آهستي آهستي جيئن هيءَ صنف وڌيڪ لکبي وئي ۽ ڳائڻ ۾ آئي ته پوءِ ان جي فني سٽاءُ ۾ پڻ تبديلي آئي ۽ وائي ۽ ڪافي واضح طور ٻه الڳ صنفون ٿي سامهون آيون. ڪافيءَ کي ڊاڪٽر نبي بخش صاحب “قافي” چيو آهي درحقيقت لفظ “ڪافي” ئي رائج آهي، ڪافيءَ جي صنف کي ڪيترن شاعرن لکيو آهي پر مصري شاهه ڪافين جو، “بي تاج بادشاهه شاعر” سڏيو وڃي ٿو. ڪلهوڙا دور ۾ شاهه لطيف ۽ شاهه عنايت صوفيءَ جون ڪافيون، انهيءَ کان پوءِ ميان صاحبڏني فقير ۽ روحل فقير جون ڪافيون موجود آهن ان کان پوءِ صاحبڏنو شاهه، امير علي شاهه، اميدن ڀريو، سچل، بيدل، بيڪس، حمل فقير، خوش خير محمد، سائين ميرل شاهه، صديق فقير سومرو، پير علي گوهر، اصغر، نانڪ يوسف، عثمان سانگي، ڇتو سانگي، مخدوم محمد امين، شاهه نصير، خواجه غلام فريد، حسين ديدڙ، فقير ولي محمد لغاري، مير عبدالحسين خان سانگي، سيد رکيل شاهه، مخدوم طالب الموليٰ، رشيد احمد لاشاري، محمد خان غني، استاد بخاري، بردو سنڌي ۽ ٻيا ڪيترائي شاعر آهن جن سنڌي ڪافيون چيون آهن ۽ جن کي وڏن وڏن فنڪارن ڳائي اوج تي پهچايو آهي، جيئن استاد منظور علي خان، قاسم علي شاهه لاڙوارو، سيد سليمان شاهه، مٺو ڪڇي، عثمان ڪڇي، علڻ فقير، حسين بخش خادم، ڍول فقير، عابده پروين، روبينه بلوچ، محمد ابراهيم، محمد جمن، محمد يوسف ۽ ٻين ڪيترن سُريلن فنڪارن هن صنف کي ريڊيو اسٽيج ۽ ٽي وي ذريعي اوج تي پهچايو آهي. موضوع جي حوالي سان ڪافيءَ ۾ عورت جي زباني گفتگو ڪئي ويندي آهي ۽ مکيه موضوع مجازي عشق جو درد ۽ فراق آهي ان ڪري ڪافيءَ جو مضمون عشقيه هوندو آهي، جيئن اميد علي شاهه ڀرئي جي ڪافيءَ جو هي ٿل ڏسون.

يار سڄڻ تنهنجي ماڻن ماري آهيان،

تنهنجي ڳالهين ڳاري آهيان.

(اميد علي)

مٿين ڪافي مشهور آهي ڪافيءَ جي صنف جي اثر انگيزيءَ جو وڏو سبب ان جي ڳائڻ ۾ پڻ آهي، ڪجهه سنڌ جي فنڪارن ڪافيون اهڙي ته رس رچاءُ سان ڳاتيون آهن جو ٻڌڻ وارن تي ماٺ طاري ٿي ويندي آهي ڄڻ اهي منڊ جي ويا هجن. فني توڙي موضوع جي لحاظ کان سچل جون ڪافيون گهڻيون مشهور آهن هن شاعر ڪافيءَ جي صنف جو پورو پورو حق پنهنجي شاعريءَ ۾ ادا ڪيو آهي، سندس ڪافيءَ جو نمونو هن ريت آهي.

مون کي هوتن هاڻي، ڪوٺي پنهنجو ڪيو،

جت گهڻا ٻيا جڳ ۾، منهنجو هوت آرياڻي،

ڪنديس ڪونه ٻيو.

 لکين پڇن پرينءَ کي، آئون تان ڪير نماڻي،

سندن نينهن نيو،

پرين ڪيو پنهنجو،

سچو سنڱ سڃاڻي، وچؤن ورهه ويو. (سچل)

سچل کان پوءِ ٻين ڪيترن صوفي شاعرن پنهنجا خيال ڪافيءَ جي صنف ۾ پيش ڪيا صاحبڏني شاهه جي ڪافيءَ ۾ سڪ ۽ سوز جا سڏ آهن چوي ٿو ته،

ٿل: سور سختيون عاشقن ڏي يار مهماني مُڪا،

اهنج اوکيون سالڪن ڏي يار مهماني مُڪا،

 “صاحبڏنا” سڪ سوز ۾ ٻي تا وٺج تون راهه ڪا،

اسم ري الله جي ٻولي نه ٻولج ٻي ڪا.

(صاحبڏنو شاهه)

بيڪس محبوب جي خماري اکين جو ذڪر هن ريت ٿو ڪري،

خوني خماري چشما چٽن ٿيون،
ڏسڻ ساڻ عاشق به ڪيئي، ڪُهن ٿيون،

اهي ڪرين سودو سدائين ٿيون سر جو،

ڏسي طالبوتؤ ڪڏهن ڪين مڙجو،
”بيڪس” ساڻ بازار ۾ اُمالڪ اڙن ٿيون.

(بيڪس)

مٿي ڄاڻايل ڪافين ۾ عشق الاهيءَ جا راز آهن ته مجازي محبوب جا جلوا پسايل آهن. رکيل شاهه پڻ عشق الاهيءَ جو قائل آهي چوي ٿو ته،

ڇڏي ڏي ملڪ دنيا کي، ويهي ٻڌ عشق جون ڳالهيون،

فائدو ڪهڙو عشق منجهه آهي، چاڙهيائين منصور کي ڦاهي،
شمس سڄي کل ڏني لاهي، عجب ڏس عشق جون چاليون.

مٿي اڳ ۾ ڄاڻايو اٿم ته مصري شاهه ڪافين جو وڏو شاعر آهي، سندس نالي کان سواءِ سنڌي ڪافيءَ جي تاريخ لکڻ ڪَسي شمار ٿيندي، مصري شاهه جي ڪافين ۾ گلاب جي گل جي هٻڪار آهي ڪافيءَ ۾ عورت جي واتان گفتگو ڪئي وڃي ٿي پر فقط وڇوڙي جا ورلاپ نه آهن مصري شاهه پنهنجي محبوب جي واکاڻ مان نٿو ڍاپي، هو حسن جو شاعر آهي، “مصري شاهه محبوب جي اکين ۽ زلفن جو ذڪر ڪندي نٿو ٿڪجي زلف جا ڪمند ڪيئن دام پائين ٿا تنهن جو تجربو مصري شاهه کي پورو پورو آهي، هو اکين جي جادوءَ جو قائل آهي ۽ عشق جي آڙاهه ۾ جبلن کي به جلندو ٿو ڏسي، مصري شاهه حسن ۽ عشق جي رنگ محل ۾ جيڪي گلڪاريون ڪيون آهن، سي سنڌي ڪافيءَ جو قيمتي سرمايو آهن”.

وسري ويا ٻئي جڳ جڏهن دل جان سان دلبر ڏٺم،

مهتاب مک محبوب جو محراب منهن منور ڏٺم. (مصري شاهه)

مخدوم طالب الموليٰ سنڌي ڪافيءَ ۾ هڪ ناليوارو شاعر آهي. مخدوم صاحب جي ڪافين ۾ سوز وگداز جو اڻ کٽ خزانو آهي هن جو ڪلام محبت ۽ مجاز جو هڪ جيئرو جاڳندو مثال آهي. مخدوم طالب صاحب هلندڙ دور ۾ ڪافيءَ کي وڏي اهميت ڏياري آهي پاڻ انهيءَ صنف تي تحقيقي ڪم پڻ ڪيو اٿن، سندن ڪتاب “بي پيراکيون”، ڪافين تي مشتمل آهي، ان کان سواءِ مخدوم صاحب جي ڪتابن “ڇپر ۾ ڇڙيون” ۽ “آب حيات” ۾ پڻ ڪافيون گهڻي قدر موجود آهن سندن ڪافيون سنڌ توڙي هند ۾ تمام مشهور آهن. ٿيون مخدوم صاحب جي ڪافيءَ جو نمونو هيٺين ريت آهي.

ٿل: تو دلڙي يار ڌتاري پو يَر ڪانه ڪئي پوئواري،

تنهنجي قرب ڪراين ڪيهون، شب روز روئان ڪري ريهون،

ڏنيون پرت پيارل پيهون، ويون ورهن گذري ويهون،

ٿي دلڙي ڇيهون ڇيهون، پيون لال لڱن ۾ ليهون،

تنهنجي فڪر سڪايون قيهون، اچ برهه ۾ گڏ جي بيهون،

ڪئي گوندر آ گلزاري.

 (طالب الموليٰ)

مطلب ته ڪافيءَ جي صنف اڄ به سنڌي شاعريءَ ۾ عام آهي جنهن کي ڪيترائي موجوده دور جا شاعر لکي رهيا آهن.