ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا زارا نور عباس تازو ڪراچي جي علائقي نارٿ ڪراچي ۾ برقعو پهرين عورت کي هيسائڻ جي واقعي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، اداڪارا زارا نور عباس انسٽاگرام جي اسٽوري تي واقعي جي وڊيو شيئر ڪئي ۽ ڪئپشن ۾ سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي لکيو موٽرسائيڪل تي ويهاري هراسان ڪندڙن جي هڪ ٻئي نسل کي وڌايو پيو وڃي، زارا نور لکيو ته ٻار ڪٺ پتلي هوندا آهن جيڪو انهن جي سامهون ڪيو وڃي اهو ئي ڪندا آهن ۽ اهو موٽرسائيڪل تي ويٺل شخص ان ٻار جي لاءِ مثال بڻجي رهيو آهي، اداڪارا ڪاوڙ ۾ لکيو ته ڪاش مونکي قتل جي اجازت هجي ها، اداڪارا زارا کانسواءِ سجل علي، مريم نفيس ۽ ٻين شوبز ستارن به واقعي جي مذمت ڪئي.