ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي ڪمشنر پاران کير جون قيمتون مقرر ڪرڻ خلاف ريٽيلرز ۽ کير منڊي مالڪن جي داخل پٽيشن تي سنڌ سرڪار پاران جواب جمع نه ڪرائڻ تان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪهڙن ثبوتن جي بنياد تي ريٽيلرن ۽ ڊيري فارمرز کي الان ڪيو پيو وڃي؟ رڳو ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ چالان مٿان چالان ڪاٽيا پيا وڃن، ڪنهن جو هڪ لک ته ڪنهن جو وري ٻن لک رپين جو چالان ڪاٽيو پيو وڃي. عدالت کي ٻڌايو وڃي ته واڌو قيمتن تي کير وڪرو ڪرڻ جا ڪهڙا ثبوت آهن؟ عدالت لياري جي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ٻين کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو,