لنڊن (اسپورٽس نيوز): حسن علي جو چوڻ آهي ته ڪارڪردگي سٺي نه هئي، ان لاءِ ڊراپ ٿيس، جڏهن ته ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ٽيم ۾ شموليت جو ڪو امڪان ناهي، پاڪستان ڪرڪيٽ جي ويب سائيٽ کي انگلينڊ مان خصوصي انٽرويو ۾ حسن علي چيو ته منهنجي ڪارڪردگي اميدن موجب نه هئي، خاص طور تي وائٽ بال ۾ سٺو پرفارم نه ڪري سگهيس، ان لاءِ ڊراپ ٿيس، منهنجي آخري ٽي ٽوئنٽي ۾ ڪا وڪيٽ نه هئي، ون ڊي ۾ 2 وڪيٽون ورتيون، آسٽريليا ۽ سريلنڪا خلاف ميچز ۾ ڪا وڪيٽ حاصل نه ڪري سگهيس، بهرحال مجموعي انگ اکر ايترا خراب نه هئا، جو چونڊجي نه سگهان ها.