ممبئي (شوبزنيوز) بالي ووڊ اداڪار ڪارتڪ آريان جي هڪ اهڙي وڊيو ليڪ ٿي آهي جنهن سندس مداحن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. بالي ووڊ اسٽار ڪارتڪ آريان پنهنجي ايندڙ فلم جي سٽ تان ليڪ ٿيل هڪ وڊيو ۾ اهڙو جارحاڻو روپ اختيار ڪيو جنهن سڀني کي دنگ ڪري ڇڏيو آهي. وائرل وڊيو ۾ ڪارتڪ آريان کي هڪ شو دوران ڪاوڙ ۾ اڻڄاتل شخص کي گٽار سان ماريندي ۽ اسٽيج تان گهليندي ڏسي سگهجي ٿو. اصل ۾ اِهو منظر فلم ”تو ميري زندگي هي“ جي سيٽ تان ليڪ ٿيو آهي، جيڪا 2001ع ۾ جي ڪلاسڪ فلم ”عاشقي“ جو ريميڪ آهي. ڪارتڪ وڏن وارن ۽ گهاٽي ڏاڙهي ۾ سان هڪ راڪ اسٽار جو ڪردار نڀائي رهيو آهي، جڏهن ته اداڪارا شري ليلا سندس بينڊ جي ميمبر طور نظر اچي رهي آهي، هدايتڪار انو راگ باسو به سيٽ تي موجود آهي جيڪو ڪارتڪ کي هدايتون ڏئي رهيو آهي. فلمي شوقينن وڊيو ڏسڻ کانپوءِ 2011ع جي فلم ”راڪ اسٽار“ سان ڀيٽڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ رنبير ڪپور هڪ جذباتي راڪ اسٽار جو ڪردار ادا ڪيو هو. ڪجهه مداح ڪارتڪ جي ان ڪردار کي شاهد ڪپور جي ”ڪبير سنگهه“ ۾ سان به ملندڙ جلندڙ قرار ڏئي رهيا آهن.