ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جسقم (شهيد بشير خان قريشي ) پاران چوٿين ڏينهن به ڪراچي پريس ڪلب آڏو بک هڙتال جاري رھي، جتي جسقم جي چيف آرگنائيزر ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي سان يڪجھتي لاءِ ذوالفقار ڀٽو جونيئر، جيئي سنڌ محاذ جو سربراھه رياض چانڊيو، ايس يو پي اڳوڻ منير حيدرشاھ ۽ جڳديش آهوجا پهتا. ان موقعي تي ڳالهائيندي ذوالفقار ڀٽو جونيئر چيو ته گرين انيشيئٽو پروگرام هيٺ ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنالن تي وفاق ۾ ويٺل توڙي سنڌ جي وڏيرن جي اربين رپين جي سيڙپڪاري ٿيل آهي، وفاقي سرڪار ڪئنال ڪڍي سنڌ جي عوام کي اڃايل مارڻ چاهي ٿو، اسان ٿا چئو ته ملڪ ۾ پاڻي ناهي، توهان ڪئنال ڪيئن پيا ٺاهيو؟ اهي چون ٿا ته ٻوڏ جو پاڻي موڪلي سنڌ کي ٻوڙي ماريندا، هن چيو ته ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي جھدوجھد کي سلام پيش ڪريان ٿو، درياءَ ۽ ڌرتيءَ خاطر جدوجهد جاري رهندي، اسان کي ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ قبول ناهن، هوڏانهن ايس يو پي اڳواڻ سيد منير حيدر شاھ ۽ جڳديش آهوجا ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي وٽ سيد زين شاھه جو بک هڙتال ختم ڪرڻ جو جو پيغام کڻي پهتا، جنهن تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته بک هڙتالي ڪيمپ لڳائڻ کان اڳ سيد زين شاهه کي آگاهه ڪيو هو، جنهن چيو هو ته ڀلي ڪيمپ لڳايو، هن چيو ته هن وقت بک هڙتال ختم نٿو ڪري سگهان،پارٽي عهديدارن ۽ ڪارڪنن سان صلاح مشورو ڪرڻ بعد زين شاه کي ورندي ڏيندس