ڪارپوريٽ فارمنگ: پ پ پاران مخالفت رڳو تقريرن جي حد تائين هوندي؟

0
23
ڪارپوريٽ فارمنگ: پ پ پاران مخالفت رڳو تقريرن جي حد تائين هوندي؟

ملڪ اندر انساني ترقي لاءِ ٿيندڙ رٿابندي ۾ ته سنڌ کي نظرانداز ڪرڻ وارو درد جو داستان ملڪ جي عمر جيترو ئي پراڻو آھي پر سنڌ جي وسيلن تي ڪنٽرول ۽ ان ۾ سنڌ کي جائز حق کان محروم رکڻ جون به ڪوششون اوتريون ئي پراڻيون آھن. سنڌ جي جائز حقن تي لڳندڙ راتاهن جو هن وقت تائين سنڌ ڪيترو نقصان ڀوڳي چڪي آھي، ان بابت سنڌ صوبي جي ڪنهن به حڪمران ليکو چوکو ڪرڻ ئي مناسب ناهي سمجهيو پر سنڌ جي وسيلن کي پنهنجي آسودگي لاءِ استعمال ڪندڙ عنصرن هڪ پل لاءِ به پنهنجي مفادن کي يقيني بنائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آھي. اهو ئي سبب آھي ته سنڌ جا ڀلي آئين ۾ حق تسليم ٿيل هجن پر انهن آئيني حقن تي به راتاها لڳندا رهن ٿا. سنڌ قانوني حقن جي فراهمي لاءِ به دانهيندي رهي ٿي ۽ شاهوڪار سنڌ جي عوام جي حالت ڏينهون ڏينهن ابتر ٿيندي رهي ٿي. افسوس جي ڳالھ ته اها آھي ته پنهنجي سياسي مفادن لاءِ ڪنهن به حد تائين ويندڙ سنڌ جي حڪمرانن سنڌ جي جائز حقن جي لتاڙ لاءِ ڪنهن حد تائين وڃڻ لاءِ نه ڪو ليڪو ڪڍيو آھي، نه ئي اهڙو ڪو سخت ترين تاثر ئي ڏنو آھي پر سنڌ جا حڪمران کوڙ مامرن تي سمجهوتا ڪندي ۽ مصلحتن ۽ مجبورين جو شڪار  ٿيندي ڏسڻ ۾ ايندا رهن ٿا .

تازو ٿيل آدم شماري ۾ واضح طور نظر ايندڙ زيادتي باوجود سنڌ جي وڏي وزير مراد علي  شاه سي سي آءِ ۾ وڃي آدمشماري جي انگن اکرن جي منظوري جي حمايت ڪري آيو. اختلاف وارڻ باوجود آدمشماري جي تڪراري نتيجن جي منظوري جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ جي سنڌ جي وڏي وزير کي ڪهڙي مجبوري لاحق ٿي، تنهن بابت ان سنڌ جي عوام کي اڃان تائين سبب نه ٻڌايا آھن. آدمشماري جو مامرو ڪو ننڍو مامرو نه آھي، جنهن کي درگذر ڪري ڇڏجي، ڇو ته انهيءَ آدمشماري جي انگ اکرن تحت ٻهراڙي سنڌ جون هڪ قومي ۽ ٻه صوبائي سيٽون گهٽجي ويون آھن. ملڪ جي ڪنهن به صوبي جي شهري آبادي ٻهراڙي جي آبادي جي برابر به نه آھي پر سنڌ صوبو ملڪ جو واحد صوبو آھي، جنهن جي شهري آبادي ٻهراڙي جي آبادي کان وڌي وئي آھي .

ارڙهين آئيني ترميم کي چوڏهن سال ٿي چڪا آھن پر اڃان تائين  صوبي اندر پيدا ٿيندڙ گيس استعمال ڪرڻ تي پهريون حق سنڌ صوبي کي نه ملي سگهيو آھي، جنهن ڪري سنڌ مان نڪرندڙ گيس پنجاب تائين ته استعمال ٿي رهي آھي پر وڌ ۾ وڌ گيس پيداوار ڏيندڙ صوبي سنڌ جي اڌ کان وڌيڪ آبادي گيس کان محروم آھي. آئين تحت صوبي اندر پيدا ٿيندڙ  تيل ۽ گيس پيداوار ۾ سنڌ پنجاهه سيڪڙو حصيدار آھي. سنڌ کي آئين تحت پنجاهه سيڪڙو حصيدار تسليم ڪندي آمدني مان پورو حق ڏنو پيو وڃي يا نه، ان بابت ته درست معلومات سنڌ حڪومت وٽ هوندي پر مون کي اهو ضرور معلوم آھي ته جن علائقن مان گيس نڪري ٿي، انهن علائقن جي پنج ڪلوميٽرن جي دائري ۾ قائم ٿيل ڳوٺن کي گيس فراهمي واري قانون تي عمل نه ٿي رهيو آھي. وفاقي ملازمتن ۾ سنڌ ٻهراڙي جي ڪوٽا تي به عملدرآمد هڪ خواب بڻيل آھي. ملازمتن ۾ ڪوٽا جو جڏهن به ذڪر نڪري ٿو تڏهن اڪثر طور تي رڳو سنڌ ۾ ٻهراڙي جي ڪوٽا مقرر ٿيڻ جو ته ذڪر ڪيو وڃي ٿو پر اهڙو ذڪر ڪندڙ اهو ڪڏهن ذڪر نٿا ڪن ته سنڌ ٻهراڙي جي ڪوٽا تي عملدرآمد ڇو نٿو ٿئي. ذڪر فڪر ته اهو به نٿو ٿئي ته ملڪ جي هر سال ٿيندڙ ڪل  آمدني ۾ 60 سيڪڙي کان وڌيڪ آمدني ڏيندڙ سنڌ صوبي جا رهواسي غربت، تنگدستي ۽ مفلسي جي حالت ۾ ڇو آھن؟ سنڌ صوبي جي اڪثريتي آبادي جو گذران زراعت تي آھي پر ڏهاڪن کان سنڌ کي پاڻي جي قانوني ۽ جائز حصي کان محروم ڪيو پيو وڃي. سنڌ جي آباد زرعي زمين غير آباد ٿي رهي آھي پر ان جو احساس ڪرڻ بجاءِ 91ع جي پاڻي ٺاهه تحت پاڻي ورڇ نه ڪرڻ واري هوڏ تي قائم رهندي پنجاب صوبي جي مرضي موجب پاڻي ورڇ ٿي رهي آھي. ڏهاڪن سالن کان سنڌ رڳو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي رهي آھي، جنهن احتجاج ۽ آواز کي ڏهاڪن سالن ۾ به مڃتا ۽ مان ته نه ملي سگهيو آھي. البته پهريون ڀيرو سنڌ جي موقف کي وزير اعظم پاران جوڙيل ڪميٽي جي سربراهه اٽارني جنرل پاران ٽي رخي فارمولي تحت پاڻي ورڇ کي قانون جي خلاف قرار ڏيڻ جي رپورٽ ڏني پر اسان جي وڏي وزير ان رپورٽ تي عملدرآمد لاءِ مطالبو ڪرڻ بجاءِ نئين ڪميٽي ٺاهڻ واري تجويز تي اتفاق ڪري آيو. هاڻي ارسا جا سمورا اختيار ئي وفاق کي ڏيڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آھن. اهي ڪوششون ڇو ٿي رهيون آھن؟ وارو سوال انتهائي اهم ۽ وقتائتو ٿي وڃي ٿو. ان سوال تي گهرائي سان سوچڻ ۽ ٿيندڙ ڪوششن کي پرکڻ بعد لڳي اهو رهيو آھي ته ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جي خواهش اڌوري رهجي وڃڻ بعد پنجاب صوبو پنهنجي اضافي زمين آباد ڪرڻ لاءِ نت نيون ڪوششون ڪندو رهي ٿو. پنجاب جي انهن ڪوششن اڳيان ارسا اڪثر طور تي سامهون اچي بيهي ٿي. ان ڪري هاڻي ارسا جي چيئرمين جي مقرري جو وزير اعظم کي اختيار ڏنو پيو وڃي. وزير اعظم جيڪو ارسا چيئرمين مقرر ڪندو، ان کي غيرمعمولي اختيار ڏيڻ جي تجويز کي حتمي صورت ڏني پئي وڃي. ان حوالي سان سنڌ لاءِ پريشان ڪندڙ اطلاع اهي آھن ته گرين پاڪستان انيشيئٽو منصوبي لاءِ صدر آصف علي زرداري جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس بابت چيو پيو وڃي ته ان اجلاس ۾ صدر ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جي هدايت ڪئي آھي. اهي سوشل ميڊيا توڙي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي اچي رهيون آھن پر سنڌ حڪومت توڙي پيپلز پارٽي انهن خبرن جي نه تريد، نه تصديق ڪري رهي آھي. ان جو هڪ سبب ته اهو ٿي سگهي ٿو ته آصف علي زرداري جي ڪيل فيصلي جي مخالفت ڪرڻ نه سنڌ حڪومت جي سربراه، نه ئي ڪنهن وزير ۾ همت ٿيندي. نه ته اهو ڪيترو حساس مامرو آھي، ان بابت پيپلزپارٽي جا اڳواڻ چڱي ريت ڄاڻن ٿا، جيڪو پنجاب گريٽر ٿل ڪينال فيز ون جي ڪاميابي بعد هاڻي فيز ٽو جي تعمير لاءِ مسلسل ڪوشش ڪري رهيو آھي، جنهن جي سنڌ دليلن سان مخالفت ڪندي رهي آھي. اهو پنجاب هاڻي نئين رٿائن تحت لکين ايڪڙ بنجر زمين آباد ڪرڻ لاءِ رٿابندي ڪري رهيو آهي. هن ڀيري پنجاب جي اها رٿابندي اهڙي انداز سان اڳتي وڌائي پئي وڃي جو ان کي روڪڻ ايترو آسان عمل نه هوندو، ڇو ته پنجاب اهي رٿائون ايس آءِ ايف سي جي پليٽ فارم ذريعي اڳتي وڌائي رهيو آھي، جنهن فورم پويان طاقتور ڌريون آھن. چيو وڃي ٿو گرين پاڪستان انيشيئٽو تحت 48 لک بنجر زمين آباد ڪرڻ جو منصوبو منظور ڪيو ويو آھي، جنهن تي پاڻي مامرن جي وزير مصدق ملڪ موجب سنڌ ۽ پنجاب صوبي رضامندي ظاهر ڪندي ان لاءِ زمين به فراهم ڪئي آھي، جيڪا زمين سيڙپڪاري ڪندڙ ڪمپني کي ڏني ويندي. انهيءَ منصوبي تحت آباد ٿيندڙ زمين لاءِ پاڻي جي فراهمي لاڳاپيل صوبن جي حصي مان ٿيندي. ظاهر آھي سيڙپڪاري ڪندڙ ڪمپني کي پاڻي جي ضرورت مطابق فراهمي يقيني بنائڻ جي لکت ۾ ذميواري کنئي ويندي. اگر ائين نه ڪيو ويندو ته ڪير ڇو اچي بنا پاڻي جي گارنٽي جي هن منصوبي ۾ سيڙپڪاري ڪندو! اگر سيڙپڪارن کي پاڻي جي فراهمي جي گارنٽي ڏني ويندي ته پوءِ انهن زمينن کي پاڻي اوليتي بنيادن تي ملندو ۽ نتيجي ۾ عام آبادگار کي پاڻي جي فراهمي متاثر ٿيندي. اها صورتحال پاڻي جي کوٽ کي عرصي کان منهن ڏيندڙ آبادگارن جي ڳڻتي ۽ اهنجن ۾ اضافي جو باعث ٿي سگهي ٿي. اهو به چيو پيو وڃي ته ارسا کي ڪنٽرول ۾ ئي ان ڪري ورتو پيو وڃي، جيئن ضرورت پٽاندڙ فيصلا ٿي سگهن .

گرين پاڪستان انيشيئٽو تحت ڪارپوريٽ فارمنگ جو منصوبو سنڌ لاءِ ڪيترو خطرناڪ آھي، ان جو اظهار سنڌ ۾ حڪمران جماعت پيپلز پارٽي جي سينيئر ترين قومي اسيمبلي ميمبرن پنهنجي تقريرن ۾ ڪيو آھي. قومي اسيمبلي جي گذريل اڱاري ڏينهن ٿيل اجلاس ۾ پيپلز پارٽي جي ميمبرن سوڌو پاڻي مامرن جي وزير جي تقرير هت ڏيڻ نه رڳو موضوع کي واضح ڪري ڇڏيندو پر ڪارپوريٽ فارمنگ جو منصوبو سنڌ لاءِ ڪيترو خطرناڪ ٿي سگهي ٿو، ان بابت چونڊيل نمائيندن  جي خدشن کان به سنڌ واسين کي آگاهي ملي سگهندي .

اسپيڪر قومي اسيمبلي اياز صادق جي صدارت ۾ ٿيل قومي اسيمبليءَ جي اجلاس دوران پيپلز پارٽيءَ جي سينيئر ميمبرن سيد نويد قمر، سيد خورشيد احمد شاهه، نواب يوسف ٽالپر، مير غلام علي ٽالپر ۽ سيد حسين طارق پاران ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏني ويندڙ 48 ايڪڙ زمين بابت ڌيان طلب نوٽيس پيش ڪيو. جنهن جي جواب ۾  پاڻي مامرن واري وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو ته “گرين پاڪستان انيشيئٽو تحت ڪارپوريٽ فارمنگ جو منصوبو شروع ڪري رهيا آهيون، جنهن جو مقصد جيترا به بنجر علائقا آهن، اُنهن کي آباد ڪرڻ آهي. هن پروگرام کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ تقريبن 48 لک ايڪڙ بنجر زمين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جنهن مان 8 لک 12 هزار ايڪڙ زمين سنڌ ۽ پنجاب صوبن کان حاصل به ڪئي وئي آهي. سنڌ ۽ پنجاب صوبي اِها زمين ٽرانسفر ڪئي آهي، باقي بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا صوبن سوڌو گلگت- بلتستان سان اِن منصوبي بابت ڳالهيون هلي رهيون آهن. ڪارپوريٽ فارمنگ تحت آباد ٿيندڙ  زمين جي آمدني مان 40 سيڪڙو آمدني لاڳاپيل صوبي کي ملندي. 40 سيڪڙو آمدني سيڙپڪاري ڪندڙ ڪمپنيءَ کي ملندي، جڏهن ته آمدني مان 20 سيڪڙو رقم زرعي ريسرچ تي لڳندي. ڇو ته اسان وٽ في ايڪڙ پيداوار ٿوري آهي. اِن مقصد لاءِ ايس اي سي پي تحت گرين ڪوآپريٽو نالي ڪمپني رجسٽرڊ ڪرائي وئي آهي. اهو طئي ڪيو ويو آهي ته اِن منصوبي تحت جيڪا بنجر زمين جنهن صوبي ۾ آباد ٿيندي اُن لاءِ پاڻي لاڳاپيل صوبي پنهنجي حصي مان ڏيندو. اِن حوالي سان پهريون منصوبو پنجاب ۾ چولستان ڪئنال جو آيو آهي. اُن ڪئنال جي لاءِ 100 سيڪڙو رقم پنجاب حڪومت فراهم ڪندي. 211 ارب روپين جو منصوبو آهي، جنهن مان 296 ڪلو ميٽرز تائين چولستان ڪئنال ٺهندو ۽ 120 ڪلو ميٽرز جو هڪ ٻيو ڪئنال آهي. اُنهن ڪئنالن تي پنجاب جي ساڍا چار لک ايڪڙ زمين آباد ٿيندي. ارسا جو اصرار هو ته ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي تحت آباد ٿيندڙ زمين هر صوبو پنهنجي حصي مان پاڻي ڏئي اُن لاءِ پنجاب صوبي کان چولستان ڪئنال لاءِ ارسا سرٽيفڪيٽ ورتو آهي. اهو ڪئنال 6 مهينا هلندو، جنهن مان چار مهينن دوران پنجاب اُن کي پنهنجي حصي مان پاڻي فراهم ڪندو، جڏهن ته ٻه مهينا ٻوڏ دوران اُن کي پاڻي ملندو”. اڳوڻي وفاقي وزير سيد نويد قمر چيو ته پاڪستان پاڻي جي کوٽ جي حوالي سان دنيا ۾ ڪڏهن اٺون ته ڪڏهن پنجين نمبر تي قحط وارو ملڪ شمار ٿيندو آهي، جيڪا ڪارپوريٽ فارمنگ جي ٿيوري ڏني پئي وڃي ته اسان وٽ ڪو سرپلس (اضافي) پاڻي موجود آهي، جنهن کي جنهن وقت چاهيون استعمال ڪري ڪئنال ٺاهي سگهون ٿا. پاڪستان ۾ ڪالاباغ ڊيم اِن ڪري اڄ تائين ناهي ٺهيو جو پڇڙي جي حصيدار صوبن کي پاڻي جي رخ تبديل ٿيڻ جو هر وقت خطرو هوندو آهي. پاڻي اُنهن لاءِ زندگي ۽ موت جو سوال آهي. ڪالاباغ ڊيم مان مس جان ڇڏائي آهي ته ڪارپوريٽ فارمنگ نالي تي اسان لاءِ هڪ ٻئي مصيبت ۽ بحران پيدا ڪيو پيو وڃي. ٻڌايو وڃي ته اُن لاءِ اضافي پاڻي ڪٿان ايندو؟ ماهرن جون اهي به رپورٽون آهن ته جيڪڏهن هڪ ٻن سالن ۾ ٻوڏ ايندي ته اوترو ئي وقت پاڻي جي قحط واري صورتحال به پيدا ٿيندي. ڪارپوريٽ فارمنگ تحت 48 لک بنجر زمين آباد ڪرڻ جو چئو ٿا، جنهن مان خوف ٿي رهيو آهي منهنجو تعلق انڊس رور جي آخر ۾ ايندڙ ضلعن سان آهي. منهنجي ضلعي ٽنڊو محمد خان کانپوءِ بدين ۽ ٺٽو ضلعو پڇڙي ۾ آهي. جيڪڏهن پاڻي مٿي ئي استعمال ٿي ويندو ته اسان وٽ ڪٿان ايندو؟ جيڪي آباد علائقا آهن اُنهن کي متاثر ڪري بنجر علائقن کي ڪارپوريٽ فارمنگ نالي تي آباد ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو پيو وڃي. ٻڌايو وڃي ته اُن اهو پاڻي ڪٿان ايندو؟ نويد قمر جي تقرير جو جواب ڏيندي وفاقي وزير مصديق ملڪ چيو ته نويد قمر اهم مسئلن جي نشاندهي ڪئي آهي. ارڙهين ترميم کان پوءِ وفاق کي اهو حق ناهي ته اهو صوبن کي ٻڌائي ته پاڻي ڪيئن استعمال ڪن. صوبا هڪ يا اُن کان وڌيڪ ڪئنال ٺاهي سگهن ٿا. ٻن صوبن ڪارپوريٽ فارمنگ جو ايگريمينٽ ڪيو، جنهن ۾ سنڌ به شامل آهي. توهان جو تعلق به سنڌ سان آهي. سنڌ بنجر زمين جي نشاندهي ڪري زمين به ڏني آهي. جيڪڏهن اوهان کي اعتراض هو ته هن منصوبي کي نه مڃيو ها. هن منصوبي کي اوهان تسليم ڪندي زمين به ڏئي چڪا آهيو ۽ فيصلو به ڪري چڪا آهيو ته بنجر زمينون آباد ٿينديون. صدين کان ماڻهو غريب به آهن جِتي پاڻي نٿو وڃي اُنهن جي به زندگي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. پيپلز پارٽيءَ جي مير غلام علي ٽالپر چيو ته ٻڌايو وڃي ته جڏهن ٻوڏ نه آئي ته اِن منصوبي لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو. پ پ جي باني چيئرمين زرعي سڌارا آندا جاگيردارن جون زمينون گهٽ ڪري بي زمين هارين کي زمين ڏني وئي پر هن منصوبي تحت هڪ ته نوان چوڌري، وڏيرا، خان ۽ سردار ٺاهيا پيا وڃن. انهن کي ٺاهڻ بجاءِ جن علائقن ۾ بنجر زمين آهي اُتان جي مقامي ماڻهن کي زمينون ڏنيون وڃن ڪمپنين جي نالي تي نوان خان ۽ سردار نه ٺاهيا وڃن. پاڻي معاملن واري وفاقي وزير مصدق ملڪ جواب ڏيندي چيو ته پيپلز پارٽي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جو شڪريو ادا ڪريان ٿو ته اُنهن زرعي سڌارا آندا. اهڙا سڌارا وڌيڪ ٿيڻ گهرجن. اُن لاءِ ڪو بل آڻڻ چاهيو ٿا ته آندو وڃي. پيپلزپارٽيءَ جي سيد حسين طارق چيو ته سنڌ جي ٻن هيٺين بئراجن تي مجموعي طور تي 60 لک زمين آباد ٿئي ٿي، جيڪڏهن 48 لک نئين بنجر زمين لاءِ پاڻي استعمال ٿيندو ته اُنهن بئراجن تي آباد ٿيندڙ زمين لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟ پيپلز پارٽيءَ جي سينيئر ميمبر ۽ پاڻي مامرن جي اڳوڻي وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته پاڻي مامرن واري وفاقي وزير جي جوابن مان مايوس ٿيو آهيان. هي انتهائي حساس معاملو آهي پنجاهه، سٺ ۽ نوي ۾ پاڻي ٺاهه ٿيا، 91ع ۾ جڏهن پاڻي ٺاهه ٿيو اُن وقت اسان جي حڪومت نه هئي. اعتراضن باوجود اسان اُن پاڻي ٺاهه کي قبول ڪيو. هن منصوبي سان تمام گهڻا مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا اضافي پاڻي موجود ناهي. پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي سمنڊ ۾ پاڻي وڃي ٿو. هن وقت ٻوڏ جي صورتحال آهي. اسپيڪر صاحب اوهان ڪميٽي ٺاهيو ته ڏسو ته ڪيترو پاڻي سمنڊ ۾ وڃي رهيو آهي. هن چيو ته مان پاڻي معاملن وارو وزير هئس منهنجي ڪوششن باوجود ٽيليميٽري سسٽم نه لڳي سگهيو، اهو لڳي به نه سگهندو. جڏهن چشما جهلم لنڪ ڪئنال ٺاهيو ويو اهو چيو ويو ته اهو ٻوڏ ۾ هلندو پر اُن تي به عمل نه ٿيو. ڪالا باغ ڊيم جي اِشو وقت رستا بند ڪيا ويا. هن چيو ته مصدق ملڪ اهو نه ٻڌايو ته ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ سنڌ ۾ ڪهڙي حڪومت زمين ڏيڻ جي منظوري ڏني آهي. ڇا اُها منظوري اسان ڏني آهي؟ اها منظوري نگران حڪومت دور ۾ ڏني وئي آهي. ايڪسپلائٽيشن ڪئي پئي وڃي ته اها سنڌ صوبي منظوري ڏني آهي. پهريان جڏهن منظوري ٿي اُن وقت چونڊيل حڪومت نه هئي. پهريان پاڪستان باقي اسان سڀ بعد ۾ آهيون. هن وقت سنڌ پر امن صوبو آهي. بنگلاديش جڏهن نه ٺهيو هو اُن کان به اڳ به جي ايم سيد سنڌو ديش جو نعرو هنيو هو. پ پ سنڌو ديش واري تحريڪ کي ختم ۽ تباهه ڪيو. پر اهڙن معاملن سان خطرناڪ بحران پيدا ٿي سگهي ٿو اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته 48 لک ايڪڙ زمين گهرجي يا پاڪستان گهرجي. پاڻي معامرن واري وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو ته ملڪ ۾ سنڌو ديش جو نعرو ڇو لڳندو. پاڪستان کپي جو نعرو هڻڻ واري پيپلزپارٽيءَ اهڙو نعرو ڇو هڻڻ ڏيندي. پ پ پاڪستان کي نقصان رسائڻ وارين تحريڪن اڳيان لوهي ديوار ٿي بيٺي، بينظير ڀٽو جي شهادت وقت پاڪستان کپي جو نعرو هنيو پوءِ هاڻي توهان کي سنڌو ديش نعري جو ذڪر ڪرڻ جي ڇو محسوس ٿي رهي آهي جيستائين توهان حڪمران آهيو، تيستائين سنڌو ديش جو نعرو نه لڳندو. اهو اسان کي قوي يقين آهي. پيپلز پارٽي شهادتون ڏنيون ۽ پاڪستان مخالف تحريڪن کي به ختم ڪيو. اسپيڪر صاحب اوهان ڪميٽي ٺاهيو جنهن جو سربراهه نويد قمر يا خورشيد شاهه کي ڪريو. اسان انهن سان ويهنداسين. گڏجي فيصلو ڪري معاملي کي اڳتي وڌايو ويندو.

پيپلزپارٽي جي سينئر ميمبرن جون اهڙيون سخت تقريون ٻڌي ذهن ۾ سوال اٿي ٿو ته اگر اهو منصوبو سنڌ لاءِ ايترو هاڃيڪار آھي ته ان تي سنڌ حڪومت ڇو نه ڳالهايو آھي؟ سنڌ حڪومت نگران حڪومت ۾ ان منصوبي لاءِ ڏنل زمين واپس ڪرڻ جو فيصلو نه ڪري رهي آھي. ڇا ان منصوبي جي پيپلز پارٽي پاران مخالفت رڳو تقريرن جي حد تائين هوندي، عملي ڪم نه ٿي سگهندو؟ سوال هي به آھي ته ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن واري منصوبي سامهون اچڻ بعد جيڪو سنڌ واسين ردعمل ظاهر ڪيو هو، اهڙو ردعمل ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي بابت اچي سگهندو؟ ڇو ته ٻيٽن واري منصوبي ۾ به سنڌ حڪومت اين او سي ڏني هئي پر عوام جي دٻاءَ بعد اها اين او سي واپس ورتي وئي هئي.