ڪارپوريٽ فارمنگ: وڏو وزير پنهنجي واعدي تي عمل ڪري

0
28
خوف کي فتح ڪندڙ قوم کي مطيع بڻائي نٿو رکي سگهجي

سنڌ حڪومت عمرڪوٽ جي 14008 ايڪڙ زمين ڪارپورريٽ فارمنگ لاءِ ڏيڻ جون تياريون ڪري ورتيون آهن. سنڌ ڪابينا جي سب ڪاميٽيءَ جو اجلاس، قانون واري وزير ضياءَ لنجار جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ زمين گرين ڪارپوريٽ انيشيٽِو پرائويٽ لميٽيڊ کي ڏيڻ جي حوالي سان تياريون شروع ٿي ويون آهن. لائيو اسٽاڪ، آبپاشي، قانون، زراعت، لينڊ يوٽلائيزيشن ۽ ناڻي کاتي جي ڪامورن شرڪت ڪئي. عمرڪوٽ جي ڊپٽي ڪمشنر بهادر کي پڻ ورچوئل شرڪت جو اعزاز حاصل ٿيو. ڊي سي عمرڪوٽ اجلاس کي ٻُڌايو ته، دينور تپي جي ٽن ديهن هوڙينگو، ڇور ٿر ۽ ٻانهياري جي 90 سيڪڙو زمين سرڪاري آهي، آبادين کي ضرورت پوڻ تي لڏائي سگهجي ٿو.

سنڌ جون زمينون هارين بدران گرين ڪارپوريٽ انيشيٽِو پرائويٽ لميٽيڊ کي ڏيڻ جي حوالي سان سنڌ حڪومت عوام سان سچ ڳالهائڻ کان لنوائيندي رهي آهي. توڙي جو ان تنظيم سان نگران سرڪار واري دور ۾ معاهدو ٿيو هو پر اليڪشن کان پوءِ نئين سنڌ حڪومت ٺهڻ تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اهو اعلان ڪيو هو ته، نگران دور ۾ ٿيل سنڌ لاءِ هاڃيڪار سمورا فيصلا ختم ڪيا ويندا پر حيرت اها آهي ته، پنهنجي ان بيان تي ڪو به عمل نه ڪيو ويو ۽ سنڌ جون زمينون هارين بدران گرين ڪارپوريٽ انيشيٽِو پرائويٽ لميٽيڊ کي ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي. اسان اڳ ۾ ئي چوندا رهيا آهيون ته، اقتدار اچڻي وڃڻي شئي آهي ۽ حڪومت کي سنڌ جا مفاد وڌيڪ عزيز هجڻ گهرجن پر ماضيءَ ۾ ڏٺو اهو ويو آهي ته، سنڌ حڪومت پنهنجن بيانن جي ابتڙ عمل ڪندي آئي آهي، جنهن جو هڪ مثال آدمشماري وارا انگ اکر قبولڻ پڻ آهي. اسان سمجهون ٿا ته، رياستي ادارن کي ڪو به حق ناهي ته اهي هارين ۽ ننڍن آبادگارن کان اها زمين کسين، جيڪا اهي پيڙهين کان آباد ڪندا اچن. اهو قدم نه رڳو غير قانوني آهي پر غير اخلاقي پڻ آهي. گهڻي ڀاڱي جنهن زمين کي غير آباد ۽ سرڪاري ملڪيت ڏيکاريو پيو وڃي، اُن تي ڳوٺ آباد آهن، جيئن عمرڪوٽ جي زمين جي حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ آهي ته، اتي ويٺل آبادين کي لڏائي سگهجي ٿو. آخر اها ڪهڙي ذهنيت آهي جو ماڻهن کي بي دخل ڪري، انهن کي لڏائي زمين هڪ خانگي اداري جي حوالي ڪئي وڃي؟ ڇا ان عمل سان حڪمران عوام جي مينڊيٽ جو حق ادا ڪري رهيا آهن. بهتر اهو آهي ته، سنڌ جون غير آباد زمينون آباد ڪرڻ لاءِ مقامي هارين کي ڏنيون وڃن ۽ زمينون آباد ڪرڻ خاطر کين بنا وياج قرض ڏنا وڃن ۽ انهن کي تربيت ڏني وڃي ته اهي جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان بهتر پيداوار حاصل ڪري سگهن. ڪارپوريٽ فارمنگ وڏي پيماني تي جديد زرعي طريقن کي اختيار ڪرڻ ۽ گهڻو منافعو حاصل ڪرڻ تي ٻڌل آهي. ظاهري طور تي ته، ائين لڳي ٿو ته ان سان ترقي ٿيندي پر حقيقت ۾ ان جا نقصان گهڻا آهن. نقصان نه رڳو معاشي طرح، مقامي هارين جي لاءِ آهن پر سموري ماحولياتي نظام کي به ڪارپوريٽ فارمنگ سخت متاثر ڪري ٿي. سنڌ ۾ اڳ ۾ ئي پاڻيءَ جي کوٽ آهي ۽ هزارين ايڪڙ نئين زمين آباديءَ هيٺ آڻڻ لاءِ واڌو پاڻيءَ جي ضرورت پوندي، اهو پاڻي ڪٿان ايندو. ظاهر آهي ته، ان سان سنڌ جي پاڻيءَ جو حصو وڌيڪ گهٽجندو. ٻي ڳالهه اها ته، ڪارپوريٽ فارمنگ سان زراعت کي پڻ هاڃو رسندو، خاص طور تي ڪارپوريٽ فارمنگ وارا اهي فصل پوکيندا، جن مان انهن کي وڌيڪ منافعو ملي، ان ڪري انهن جي ترجيح کاڌ خوراڪ لاءِ استعمال ٿيندڙ فصل نه هوندا. ان سان اڳتي هلي فوڊ سيڪيورٽي جو مسئلو پڻ پيدا ٿيندو. ڪارپوريٽ فارمنگ سبب سنڌ جي ٻهراڙين جي سماجي ۽ ثقافتي زندگي تي پڻ اثر پوندو. زمين سان لاڳاپيل ريتون رسون ۽ ثقافتي روايتون پڻ ختم ٿي وينديون. ڪارپوريٽ فارمنگ، جيئن اسان مٿي ذڪر ڪيو آهي، سنڌ جي ماحولياتي نظام کي پڻ شديد متاثر ڪندي. وڏيون ڪمپنيون پيداوار لاءِ ڪيميائي ڀاڻ ۽ زهريلا ڦوهارا استعمال ڪن ٿيون، جنهن جي ڪري زمين جي زرخيزي متاثر ٿئي ٿي. رڳو اهو ئي نه پر انسانن ۽ جانورن جي صحت لاءِ پڻ خطرا وڌي وڃن ٿا.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، سنڌ جو وڏو وزير نگران حڪومت جي واعدن ۽ معاهدن کي رد ڪرڻ واري پنهنجي اعلان جو ڀرم رکي. سنڌ جون زمينون مقامي هارين کي ڏنيون وڃن ته جيئن اهي آباد ڪري سگهن ۽ ان لاءِ سنڌ حڪومت آسان شرطن تي قرضن جي فراهمي کي يقيني بنائي، باقي سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪري عمل ان جي ابتڙ ڪيو وڃي، اها سنڌ سان وفاداري نه چئبي.