ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ کسجندڙ زمينون ۽ سنڌ انتظاميا جي سهولتڪاري

0
35
ڌماڪن سان ڌڏندڙ ملڪ ۽ “بيپرواهه بادشاهه”

خبرون آھن ته، گرين پاڪستان کي ڪاڇي جي زرخيز زمين ڏيڻ لاءِ روينيو کاتي جي جديد ٽيڪنالاجي سان ڪيل ڊجيٽلائيز رڪارڊ ۾ وڏي پيماني تي ھيرا ڦيري ڪئي وئي آهي، اهڙو رڪارڊ منظر تي اچي ويو آھي. سنڌ روينيو بورڊ جي ديھن واري فھرست ۾ جوھي تعلقي جي 110 ديھن مان صرف 86 ديھن جا نقشا آن  لائن  ظاھر ڪيا  آھن. ڄاڻايل نقشن تحت خيرپور ناٿن شاھ جي ديھه پئي تپو ڏنگر ۽ ميھڙ جي ديھه ناٿ تپو منگواڻي ديھ نئو ڳوٺ تپو نئون ڳوٺ، ديھه نسوئي تپو ٿرڙي محبت ۽ ديھه نيرھه تپو نئون ڳوٺ کي جوھي تعلقي ۾ شامل ڪيو ويو آھي، جڏهن ته وري ديھه پئي جو نقشو ڊجيٽل رڪارڊ مان ئي غائب ڪيو ويو آھي.  ديھه پئي گاج ڊيم لڳ آھي، جتان جو نقشو آن لائن رڪارڊ مان غائب ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. خبرن موجب، ڪجھه ڏينھن اڳ روينيو جي آن لائن ديھن جي رڪارڊ ۾ نقشا موجود ھئا، اوچتو ردوبدل ڪري تبديل ڪيا ويا آھن. ھي رڪارڊ جي ھيراڦيري ان وقت ظاھر ٿي آھي، جڏھن جوھي تعلقي ۾ گرين پاڪستان اِنيشيٽِو کي زمين ڏيڻ لاءِ پاڪستان سروي ڊپارٽمينٽ، سروي سيٽلمينٽ سنڌ ۽ ڊي سي دادو جي ٽيم ڳجھه ڳوھه ۾ ڪاڇي جي مختلف ديھن سميت گورک جي وسيع ايراضي جو جائزو ورتو ۽ پراڻن  نقشن سان گڏ موجود نقشا تيار ڪري کڻي ويا. 27 ڊسمبر 2007ع تي بينظير ڀٽو جي شھادت بعد سرڪاري رڪارڊ ساڙيو ويو. ان رڪارڊ جي ٻيھر جوڙجڪ ناھي ٿي سگھي. جڏھن ته  ڳوٺاڻن وٽ موجود رڪارڊ ٻن مھا ٻوڏن 2010ع ۽ 2022ع ۾ ضايع ٿي ويو آھي ۽ جنھن به آبادگار وٽ رڪارڊ موجود آھي ته روينيو کاتو ان کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، جنھن ڪري سرڪاري سطح تي رڪارڊ ۾ ھيرا ڦيريءَ جا به ڪيترائي ڪيس منظر عام تي اچي ويا آھن، جنھن سان ڪاڇي ۾ ھزارين ايڪڙ ايراضي سرڪاري ڄاڻائي گرين پاڪستان کي الاٽمينٽ ڪرڻ جو منصوبو مڪمل ڪيو ويو آھي.

اھا ڌرتي ئي آهي، جيڪا ڪنهن به قوم جي سڃاڻپ ۽ ان جي وجود لاءِ بنياد مهيا ڪري ٿي. ڌرتي نه رڳو قوم جي جاگرافيائي حدن جو تعين ڪري ٿي پر ان جي تهذيب، ثقافت ۽ تاريخ جي پاڙن کي به مضبوط بڻائي ٿي. ڌرتي کانسواءِ ڪابه قوم پنهنجي خودمختياري، خودداري ۽ وجود کي برقرار نٿي رکي سگهي. هڪ قوم لاءِ ڌرتي اهو بنياد آهي، جيڪا ان کي دنيا جي نقشي تي هڪ سڃاڻپ عطا ڪري ٿي. هي نه رڳو قدرتي وسيلن جي فراهميءَ جو ذريعو آهي پر سماجي، اقتصادي ۽ سياسي ترقيءَ لاءِ به لازمي آهي. جڏهن ڪا قوم ڌرتيءَ کان محروم ٿي وڃي ٿي ته ان جي سڃاڻپ، تهذيب ۽ ثقافت خطري ۾ پئجي وڃي ٿي. تاريخ شاهد آهي ته اهي قومون جيڪي پنهنجي ڌرتي جي حفاظت نه ڪري سگهيون يا پنهنجي ڌرتيءَ کان محروم ٿي ويون، اهي پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت کان به محروم ٿي ويون. فلسطين ان جو واضح مثال آهي. جيڪڏهن ڌرتي موجود نه هجي ته قوم لاءِ پنهنجي سڃاڻپ جو دفاع ۽ پنهنجي تاريخ جو تحفظ ڪرڻ ممڪن نٿو رهي. ڌرتي نه رڳو خوراڪ جي پيداوار جو ذريعو آهي پر اها اقتصادي خودمختياري، ثقافتي سڃاڻپ ۽ سماجي استحڪام جي به ضامن آهي. پر موجوده دور ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي زمين جي وڏي پيماني تي قبضي واري عمل غريب ۽ زرعي معيشت تي ڀاڙيندڙ سنڌ لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي. هِي عمل نه رڳو زمين سان لاڳاپيل وسيلن کي متاثر ڪري ٿو پر قوم جي اجتماعي خودمختياري ۽ مستقبل لاءِ به سنگين خطرا پيدا ڪري ٿو.  زمين ڪنهن قوم جو وڏو اثاثو هوندو آهي، جيڪو ان کي نه رڳو اقتصادي استحڪام پر قدرتي وسيلن تائين رسائي به فراهم ڪري ٿو. پر سنڌ حڪومت ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ زمينون وٺندڙ ڪمپنين جي سھولتڪار بڻيل آهي ۽ روينيو کاتو رڪارڊ ۾ جعلسازي ڪري، زمينون ڏنيون پيون وڃن.

ڪارپوريٽ فارمنگ جو سڀ کان وڏو نقصان اهو آهي ته مقامي آبادگار، جيڪي نسلن کان زمين تي ڪم ڪري رهيا آهن، پنهنجي زمين کان محروم ٿي وڃن ٿا. ان سان سندن روزگار ختم ٿي وڃي ٿو ۽ هو غربت ۽ بيروزگاريءَ جو شڪار ٿي وڃن ٿا. ڪارپوريٽ فارمنگ جو مقصد گهڻو ڪري برآمدات هوندو آهي. نتيجي طور، مقامي سطح تي خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿئي ٿي ۽ قيمتون آسمان کي ڇهڻ لڳن ٿيون. ان جو اثر خاص طور تي غريب طبقي تي پوي ٿو، جيڪو اڳ ئي محدود وسيلن سان زندگي گذاري رهيو آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ ڪيميڪل جو بي انداز استعمال ڪيو ويندو آهي، جنهن سان زمين جي زرخيزي گهٽجي وڃي ٿي، زميني پاڻيءَ جا ذخيرا ختم ٿي وڃن ٿا ۽ ماحولياتي توازن خراب ٿي وڃي ٿو. ان کانسواءِ وڏي پيماني تي ٻيلن جي واڍي ۽ زمين جي فطري زرخيزي کي نظرانداز ڪرڻ ماحول لاءِ وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿئي ٿو.

ھن وقت سنڌ جون سياسي ڌريون، ساڃاھ وند ۽ سول سوسائٽيءَ جو سمورو ڌيان ڪئنالن واري مسئلي تي آهي ۽ ٻئي طرف سنڌ جي عوام جي پيرن ھيٺان ڌرتي کسڪائي پئي وڃي. ڇا ٻنھي مسئلن کي گڏ کڻي نٿو سگھجي؟ تڪراري ڪئنالن خلاف احتجاج سان گڏوگڏ ڌرتي پيرن ھيٺان کسڪائڻ کي به سنجيده ورتو وڃي. ڪارپوريٽ فارمنگ جي نقصانن ۽ مقامي زمين جي تحفظ جي اهميت بابت آگاهه ڪيو وڃي.