ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) توانائي واري وزير ناصر شاھه چيو آهي ته ڪارپوريٽ فارمنگ سميت اهڙو ڪو به منصوبو نه ٺهندو، جيڪو سنڌ جي خلاف هجي. ڪئنالن وارو معاملو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي ڪوششن سان رڪجي ويو، جيڪڏهن سنڌ خلاف ڪو منصوبو آيو ته اسان وفاقي سرڪار جو ساٿ  ڇڏي ڏينداسين. هن چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾اسان جي ترجيح پاڻي جون اسڪيمون آهن ته جيئن سڄي سنڌ ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪيو وڃي.