بيجنگ (انٽريسٽنگ نيوز) هڪ چيني عورت جي زندگي جو سڀ کان خوشگوار ڏينهن ٻار جي پيدائش تي هڪ خوفناڪ خواب ۾ تبديل ٿي ويو، جڏهن سندس مڙس ان کي طلاق جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي، چائنا ٽائمز جي رپورٽ موجب تازو ئي شنگهائي ۾ 30 سالن جي عورت کي ٻار جي پيدائش ٿي، جنهن بعد عورت سان ناخوشگوار واقعو پيش آيو ۽ ان جي ڪهاڻي هن سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي، عورت دعويٰ ڪئي ته ٻار جي پيدائش بعد سندس مڙس جڏهن ٻار کي ڏٺو ته سندس چهري جو رنگ تبديل ٿي ويو، هن ٻار کي کڻڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو ۽ گڏوگڏ مشڪوڪ ڪاري چمڙي سبب ٻار جو ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ جو چيو، ان سان گڏ ئي مڙس عورت کي طلاق ڏيڻ جي به ڌمڪي ڏني، ڄاڻايل عورت چيو ته شروع ۾، مان به ٻار کي کڻندي شرمندي محسوس ڪري رهي هيس، پر پوءِ مون ان کي کنيو، عورت موجب اها ڪڏهن نه ته آفريڪا وئي، نه ئي اتان جون غذائون کاڌيون، ٻئي طرف اسپتال وارن بع ان ڳالهه جي وضاحت پيش ڪئي ته سندس ٻار ڪنهن ٻئي ٻار سان تبديل ناهي ٿيو، ماهرن موجب ٻارن جو ڪاري رنگ سان پيدا ٿيڻ عام ڳالهه آهي، جنهن جو سبب اهو اهي ته سندن اسڪن ٽشو سنهڙا هوندا آهن، جڏهن ته رت جي رواني به خراب هوندي آهي، اها عام ڳالهه آهي ته ڪارو رنگ وقت سان گڏوگڏ هلڪو ٿي ويندو آهي.