ڪارو رنگ

0
288
ڪارو رنگ

آئون اڪثر سوچيندو آهيان ته هن دنيا ۾ ذات پات، رنگ نسل، اونچ نيچ، طاقتور ڪمزور، مطلب ته هي ڪلاس سسٽم ڇو آهي ۽ ڪڏهن کان، ۽ ڪنهن افضل ۽ اڇوت جي باري ۾ سوچيو؟ منهنجا خيال اڪثر مونکي ٿڪائي ڇڏين ٿا، جڏهن آئون اهو سوچيندو آهيان ته اهو ڇو آهي، جيڪو ناهي، اهو ڇو ناهي جيڪو آهي. مطلب ته ماڻهن ۾ اُوچ نيچ ڇو آهي، جڏهن ته اسين سڀ هڪ جوڙي جو اولاد آهيون، اسين سڀ برابر ڇو ناهيون، جڏهن ته قدرت سڀني کي هڪ فطرت تي پيدا ڪيو آهي، هن زمين، آسمان ۽ ان جي وچ ۾، هر شئي انسان جي لاءِ پيدا ڪئي وئي آهي، شڪل، رنگ، احساس، جسم جو هر حصو هڪ جهڙو ئي ته آهي، غريب جي جهوپڙي ۾ پيدا ٿيندڙ ٻار به ماءُ کي روئي کير لاءِ ٻڌائي ٿو ۽ امير جو ٻار به ان فطرت تي ‌ئي پيدا ٿيو آهي، دنيا ۾ اوهان ڪٿي به هليا وڃو، ٻولي چاهي ڪهڙي به هجي پر فطرت جي زبان يعني باڊي لينگويج هڪ ئي آهي، دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ کائڻ پيئڻ، خوشي غم جا تاثر، سردي گرمي کي اوهان اشارن يا قدرت جي طرفان پيدا ٿيندڙ احساسن کي سمجهي سگهو ٿا.

منهنجي خيال ۾ انسان پنهنجي لامحدود خواهشن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ معاشري ۾‌نفسياتي قلعا ۽ وسنديون ٺاهڻ شروع ڪيون، ٻين جا حق غضب ڪرڻ جي لاءِ ڪوڙن سچن خيالن کي جنم ڏنو، ڪمزورن کي اهو احساس ڏياريو ويو ته توهان کي قدرت طرفان طاقتورن جي خدمت جي لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي، ، جڏهن معاشرا بگڙڻ شروع ٿيا ته قدرت هر قبيلي جي اندر اصلاح ڪندڙ پيدا ڪيا، جيڪي معاشري ۽ ان جي برائين مان بخوبي واقف هئا، انهن پوري زندگي پنهنجي ماڻهن کي سمجهائڻ ۾ گذاري ڇڏي، پر سندن زندگي ۾ تمام گهٽ ماڻهو سندن پيروڪار بڻيا، پر مرڻ بعد مفاد پرستن پنهنجون خواهشون پوريون ڪرڻ جي لاءِ سندن تبليغ کي پنهنجي مقصد جي لاءِ پورو پورو استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. مثال طور حضرت عيسيٰ جي زندگي ۾ مشڪل سان ڪجهه ماڻهو ئي ان جا پيروڪار بڻيا پر روم جي بادشاهه پاڻ کي طاقتور بڻائڻ جي لاءِ عيسائيت قبول ڪئي ته پوري يورپ ۾ عيسائيت پکڙجي وئي، پوءِ گرجا گهرن جو جيڪو رول رهيو اهو تاريخ جو حصو آهي. اهڙي طرح سينٽرل ايشيا مان لاڏائو قبيلا سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويا، انهن مان ڪجهه اسان جي خطي، ايران، هندستان آيا، خود کي هن معاشري مٿان مسلط ڪرڻ جي لاءِ انهن طاقت ۽ مذهب جو سهارو ورتو، اڄ اوهين ڏسو پيا ته هن خطي جي پراڻي مذهب تي انهن ماڻهن نه صرف قبضو ڪيو بلڪه هڪ ڪلاس سسٽم ٺاهي ڇڏيو. معاشري کي پنج ڇهه حصن ۾ ورهائي، پاڻ پهرين حصي جا حقدار بڻجي ويهي رهيا، باقي معاشري کي ايئن ورهايائون جو آخري حصي جا ماڻهو هنن وٽ پهچڻ کان پهرين چئن طبقن سان مقابلو ڪندا ته هنن تائين پهچي سگهندا. اهڙي طرح اسان جي مذهب ۾ خلافت کان پوءِ جڏهن ملوڪيت آئي ته انهن دين کي صرف پاڻ کي طاقتور بڻائڻ لاءِ استعمال ڪيو.

جڏهن کان دنيا قائم ٿي آهي ۽ جيستائين قائم رهندي، ٽن قسمن جا ماڻهو ملي ڪري دنيا تي حڪمراني ڪندا پيا اچن ۽ ڪندا رهندا. پهريان جنگجو، ٻيا مذهب کي استعمال ڪرڻ وارا ۽ ٽيان ڪاروباري، انهن ٽنهي جا مفاد پاڻ ۾ جڙيل آهن، هڪ ٻئي کان بغير هو اربين ماڻهن تي حڪمراني نٿا ڪري سگهن، اوهان اڄ جي دنيا تي غور ڪريو، حڪمران ۽ حڪمراني ڪرڻ جا طريقا ساڳيا آهن، صرف وقت سان گڏ طريقيڪار جون شڪليون تبديل ٿيون آهن، انسان هڪ روبوٽ جيان آهي، جيڪي خيال انهن کي ڏيکاريا ۽ ٻڌايا وڃن ٿا، هو انهن کان متاثر ٿيڻ بغير رهي نٿو سگهي، جيئن مون مٿي لکيو ته وقت سان گڏوگڏ طريقيڪار بدليو آهي. مثال طور بادشاهن جي زماني ۾ ماڻهن کي متاثر ۽ خوفزده ڪرڻ جي لاءِ فوجي لشڪر جي نمائش ٿيندي هئي ۽ ان کان خوفزده ڪيو ويندو هو، پوءِ ان خوف کي غلامي ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ اهڙا ماڻهو گڏ ڪيا ويندا هئا، جيڪي بظاهر ته تمام گهڻا نيڪ نيت نظر ايندا هئا، ماڻهو جڏهن انهن طرف متوجه ٿيندا هئا ته هو حڪمرانن کي عدل ۽ انصاف ڪرڻ وارا ٻڌائيندا هئا ۽ انهن سان وفادار رهڻ جي تلقين ڪندا هئا، نه ته اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهيو ٿي ته اسين اڄ جي سوشل ميڊيا  جي دور ۾ پاڻي جي بحران دوران هڪ طرف شاخن کي فل ۽ ٻئي طرف شاخن ۾ واري اڏامندي ڏسي رهيا آهيون، ته هن دور جي نه قاضي کي ڪجهه نظر اچي ٿو نه نمازي کي، ته ان دور ۾ اهو ڪيئن ممڪن هجي ها ته ڪنهن حڪمران جي شهر ۾ رهي ان جي خلاف فتويٰ ڏني وڃي ها، نه ته انهن سان به اهو ئي ساڳيو ورتاءُ ٿئي ها جيڪو ابن علي سان ٿيو،

اسان کي خدا جي قهر کان ته ڊيڄاريو ويندو آهي پر ان جي رحمت جو ذڪر ڪيترو ٿئي ٿو؟ ڇا اوهان ڪڏهن اهو ٻڌو ته هڪ مومن جي حرمت ڪعبي جي حرمت کان وڌيڪ آهي؟ ڇا توهان ڪڏهن اهو ٻڌو ته جيڪڏهن هن دنيا وارا ۽ آسمان وارا  ڪنهن بي گناهه جو قتل ڪندا ته قيامت جي ڏينهن سڀ اُبتا ٽنگا ويندا. ڇا اوهان ڪڏهن ٻڌو ته جيڪڏهن ڪنهن سبب جي ڪري مرد ۽ عورت گڏجي نه رهي سگهن ته عورت کي عزت ۽ احترام سان رُخصت ڪريو. رستي تان پٿر هٽائڻ جو حڪم آهي ته ڪنهن کي ڪا تڪليف نه پهچي، اسين ته رستي جي وچ ۾ گاڏي بيهاري نماز پڙهڻ هليا ويندا آهيون، خدا جو حڪم نماز پڙهڻ آهي، ماڻهن جي لاءِ مصيبتون پيدا ڪرڻ ناهي. فروٽ جو ڪچري تائين سامهون اڇلڻ کان منع ڪيو ويو آهي ته ايئن نه ٿئي جو ڀر واري گهر جا ٻار ڏسن ۽ پنهنجي والد کان فروٽ جي فرمائش ڪن ۽ هو پوري نه ڪري سگهي.

انسان ڪنن سان گهٽ ۽ اکين سان وڌيڪ سکي ٿو، ٻار توهان جي ڳالهين سان نه بلڪه توهان جي ايڪشن مان سکي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو آمريڪا ۽ يورپ جو معاشرو اڃا تائين  ڪلاس سسٽم کان ناهي نڪري سگهيو. اتي اڄ به ڪاري يا ڪڻڪئي رنگ جي ماڻهو کي گهٽ سمجهيو ويندو آهي، اهو ڪڏهن شروع ٿيو، تاريخ ان تي خاموش آهي پر هي سينه به سينه منتقل ٿيندو پيو اچي. انگريز جڏهن اسان تي حڪمران ٿيا ته هنن جسماني سان گڏوگڏ نفسياتي طور به اسان کي غلام بڻائڻ شروع ڪيو، اهڙي پروپيگنڊا ڪئي جو اڄ تائين ان مان ٻاهر ناهيون نڪري سگهيا. آفريقين سان ته اڃا بدتر سلوڪ ڪيو ويندو هو. ويسٽ جي ترقي جو بنياد ڪارن غلامن جي ڪاري خون سان رکيو ويو آهي، اڄ به انهن کي احساس ڏياريو ويندو آهي ته  توهان ڪند ذهن ۽ ويڙهاڪ آهيو.

آئون اڪثر سوچيندو آهيان ته رنگن ۾ به ڪنهن ڪلاس سسٽم متعارف ڪرايو آهي؟ نيرو ڇو بادشاهي رنگ آهي؟ اڇو ڇو بهترين، ڪارو رنگ ڇو ڪمتر جي نشاني آهي؟ ان کي اڄ تائين اهڙي طرح پڙهيو، لکيو ۽ سمجهايو ويندو آهي. ڪنهن ڪاري رنگ جي تعريف ڇو ناهي لکي، ڪاري رنگ جون خاصيتون ڇو ناهن ڄاڻايون، ان کي عظيم ڇو نٿو سمجهيو وڃي؟ انسان کي سڀ کان وڌيڪ خوبصورت بڻائڻ وارا سندس وار هوندا آهن، جيڪي ڪارا هوندا آهن، مٿي تي ڪو به اڇي کي پسند نٿو ڪري، عورت جي خوبصورتي سندس اکين ۾ هوندي آهي ۽ انهن اکين کي خوبصورت ان جي مٿان ڪارا وار ۽ اکين جا ڪارا تارا ڪن ٿا، ڪاريون مڇون نوجواني جي نشاني آهن، ڪارو گهوڙو سڀ کان وڌيڪ خوبصورت هوندو آهي، هي ڪاري اوندهه ئي ته آهي، جيڪا ڪائنات کي زندگي بخشي ٿو. انسان ماءُ جي پيٽ ۾ اوندهه ۾ پلجي ٿو، ڪاري مينهن اڇو کير ڏئي ٿي، صبح رات جي پيٽ مان جنم وٺي ٿو، انسان کي زنده رهڻ جي لاءِ آرام گهرجي اهو آرام اکيون کولڻ سان نه اکيون بند ڪري اوندهه ڪرڻ سان ملي ٿو، اندر جو سڪون رات ۾ ملي ٿو، ڏينهن جي اڇي روشني  انسان هڪ ٻئي کي دوکو ڏئي ٿو. مونکي ناهي خبر  ته ٻين مذهبن ۾ ڪاري رنگ جي ڪهڙي اهميت آهي پر منهنجي دين ۾ ڪاري رنگ کي تمام گهڻي اهميت حاصل آهي. اسين خدا جي گهر ڪعبه کي ڪاري غلاف سان ڍڪيون ٿا. جڏهن اسلام ۾‌نماز جو حڪم ٿيو، نماز جي لاءِ سڏ ڪرڻ جو طريقو ٺاهيو ويو ته خدا جي گهر ڪعبه، جنهن طرف ڏيڍ ارب مسلمان منهن ڪري سجدو ڪن ٿا، ان پاڪ مقام جي ڇت تي نماز جو سڏ ڏيڻ لاءِ جيڪي پهريان قدم پيا اهي ڪارا هئا، جنهن پهرين اذان ڏني، اهو حبشي ، مطلب حبشه جو رهاڪو، بلال ڪاري رنگ جو هو.