ڪارونجھر جا ڪولھي راسوڙا ۽ روپلو ڪولھي

0
90
ڪارونجھر-جا-ڪولھي-راسوڙا-۽-روپلو-ڪولھي

  ٿر ۾ پھاڙي سلسلن تي مشتمل ھڪ جبل ڪارونجھر آھي، جنھن جي قدامت ۽ انھي جي اھميت کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگھي. ھي ڪارونجھر جتي فطري حسناڪي جو اھڃاڻ رھيو آھي، اتي ڪارونجھر مزاحمتي جنگين جو مورچو پڻ رھيو آھي. ڪارونجھر ۾ جتي راسوڙن جا رنگ رچن ٿا، ته اتي ڪارونجھر ۾ ڪولھين جي وطن دوستي ۽ بھادري جا قصا پڻ ڳائجن ٿا. ڪارونجھر وطن دوست ۽ سورهيه سپوتن جي ڌرتي آهي ۽ انهي ڪارونجھر جو هڪڙو ڪردار روپلو ڪولهي پڻ ھو. روپلي جو تعلق سنڌ جي انهي دراوڙ نسل سان آهي، جن کي اسان سنڌ جا اصلوڪا ڌرتي ڌڻي چئون ٿا. انگريزن خلاف بغاوت ۽ ويڙهه ڪندڙ سنڌ جي هن قومي سورمي جو جنم1818ع ڌاري ڪارونجهر جي هنج ۾ آباد ڳوٺ ڪونڀاري ۾ ٿيو. جيڪو ننگرپارڪرکان15 ڪلو ميٽر اُتر اوڀر طرف واقع آهي. هڪ غريب گھراڻي ۾ جنم وٺندڙ روپلي ڪولهي جي پيءُ جو نالو شامتو ۽ ماءُ جو نالو ڪيسر ٻائي ھو. روپلو ڪولھين جي گوئل نک مان ھو. ھن جو ننڍپڻ عام ٿري ٻارن جيان ڪارونجهر جي پهاڙي پيچرن تي هلندي ڦرندي گذريو هو. جڏهن روپلو پنهنجي ڦوهه جواني ۾ پهتو ته هو پنهنجي ڪولهي برادري جي ننڍن وڏن مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ دلچسپي وٺندو هو. روپلو پنهنجي راڄ ڀاڳ ۽ برادري ۾ همت ۽ بهادري وارو نوجوان تصور ڪيو ويندو هو. ان زماني۾ پارڪر جي پڊن تي سوڍن جو راڄ هوندو هو. پارڪر جا ڪولهي بهادر به هوندا هئا ۽ وفاداربه هوندا هئا. پارڪر تي سوڍن کان پوءِ ميرن جي بادشاهي رهي. سوڍن جي بادشاهي تي ميرن 1830ع ڌاري ڪاهه ڪري قبضو ڪيو، جيڪو 1843 ۾ انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ تائين جاري رهيو.

انگريزن جڏهن سنڌ فتح ڪئي هئي تڏهن سنڌ ۾ انهي خلاف مزاحمت جي هڪ چڻنگ اُڀري آئي. انهي وقت ۾ انگريزن ٿر ۽ پارڪر سميت سنڌ جي مختلف علائقن کي انتظامي حوالي سان حيدرآباد سان ملائي ڇڏيو هو. انگريزن پارڪر جي راڻن ۽ سندن رعيت کي زير ڪرڻ لاءِ مختلف هنڌن تي پنهنجا خاص عملدار مقرر ڪيا. پارڪر جي سوڍن ۽ ڪولهين انگريز راڄ کي ڪنهن به ريت نه قبوليو ۽ انگريز راڄ جي زيردست نه بڻيا. انگريزن ماڻهن کي پنهنجي قبضي ۾ رکڻ لاءِ مختلف پاليسيون جوڙيون ۽ سوڍن کي آڻ مڃرائڻ لاءِ مٿن انتظامي حڪم نافذ ڪيا. انهي وقت ۾ انگريز ريزيڊنٽ جنرل تروٽ مختلف ٽيڪسن جي وصولي لاءِ ڏيئو مل کي مختيارڪار ڪري ننگرپارڪر موڪليو، پر پارڪر جي سوڍن، کوسن ۽ ڪولهين آڻ نه مڃي. انهي دور ۾ سنڌ جي سورهيه پٽ روپلي ڪولهي پنهنجي ڌرتي جي وارثي لاءِ پنهنجي ساٿين سان گڏ انگريز راڄ خلاف بغاوت جو عَلم کڙو ڪيو. جڏهن پارڪر جي راڻي ڪرني سنگهه ٻين سوڍن سان گڏجي انگريزن خلاف بغاوت ڪئي تڏهن سندس فوجي سپهه سالار روپلو ڪولهي هن جو ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو.

روپلو ڪولهي ويراواهه جي راڻي لاڌوسنگھه ۽ سندس پٽ اڌيسنگھه سان گڏجي ڌرتي جي بچاءُ خاطر ميدان تي آيو. 15اپريل 1859ع تي روپلي ڪولهي جڏهن پنهنجي ساٿين سان گڏجي مزاحمت جي جنگ اُڀاري، تڏهن پارڪر ۾ ڪولهين انگريزن جي ڪئمپن تي حملا ڪيا، خزانا لٽيا سرڪاري آفيسن کي باهيون ڏنيون ۽ انهي مزاحمتي جنگ ۾ انگريز جنرل بوٿ تروٽ جي فوج جو وڏو نقصان ٿيو. انگريز جڏهن پارڪر جي پڊن تي پوري ريت قدم ڄمائي نه سگھيا تڏهن انگريزن جاسوسي لاءِ ڪجهه غدارن کي وڏيون رقمون ڏئي پاڻ سان ملايو.

تاريخ لکي ٿي ته انهن جاسوسن ۾ هڪڙو ڪاسٻي جو رهاڪو مهاوجي لهاڻو ۽ ٻيو ساڙدري مندر جو پوڄاري هنس پوري ٻاوو هو. انهن جي ڏس تي روپلي ڪولهي کي گرفتار ڪيو ويو. جڏهن روپلو انگريزن جي قيد ۾ هو تڏهن هن تي طرحين طرحين جو تشدد ڪيو ويو ۽ روپلي کي چيو ويو ته جيڪي تنهنجا ساٿي ۽ پارڪر جا سوڍا آهن جيڪي اسان خلاف مزاحمتي جنگ جوٽي رهيا آهن، انهن جو تون ڏس پتو ڏي ته اهي ڪٿي آهن؟ پر روپلي آڻ نه مڃي ۽ انگريزن کي وڏي واقعي چيو ته آئون پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي جي ماڻهن سان غداري نه ٿو ڪري سگھان ڇاڪاڻ ته:

هي ڌرتي منهنجي ماءُ آهي

انهي ۾ منهنجو ويساهه آهي.

روپلي ڪولهي جڏهن پنهنجي وطن خاطر آڻ نه مڃي تڏهن انگريز سامراجن قيدخاني ۾ روپلي ڪولهي جي هٿن جي آڱرين تي ڪپهه جون وٽون ٺاهي، باهه ڏني ته جيئن روپلو پنهنجي ساٿين جو ڏس پتو ٻڌائي، پر هي ڪارڙو ڪولهي ڌرتي جو جونجهار پٽ هو، جنهن انگريزن کي چيو ته: “جيڪڏهن آئون غداري ڪندس ته منهنجي ڪارونجهر تي غداري جو ٽڪو لڳي ويندو ۽ سنڌ جي تاريخ مون کي معاف نه ڪندي”. انهي دوران روپلي ڪولهي جي گھر واري مڻياوتي (ميگھاوتي) کي گھرايو ويو، ته جيئن هو پنهنجي ور روپلي جي حالت ڏسي روپلي کي بغاوت تان هٿ کڻڻ تي مجبور ڪري. پر بهادر روپلي جي انهي وني انگريز سامراج کي للڪاريندي چيو ته روپلو ڌرتي جو بهادر سپوت آهي هو اوهان اڳيان آڻ نه مڃيندو. ميگھاوتي پنهنجي ور کي مخاطب ٿيندي چيو ته “روپلا جيڪڏهن تو پنهنجي ڌرتي ۽ قوم سان غداري ڪئي ته ڪارونجهر جون ڪامڻيون (ڪولهڻيون) مون کي مهڻا ڏينديون، تون ڌرتي خاطر سر ڏئي سرهو ٿجان ۽ آءٌ بهادر جي بيواهه سڏائيندي فخر محسوس ڪندس”. سنڌ جي هن عظيم سورهيه سپوت روپلي ڪولهي کي 22 آگسٽ 1859ع جي شام ڌاري گوڙدرو ندي جي ڪناري تي بيٺل ٻٻر جي وڻ ۾ ٽنگي، بنا ڪنهن ڪيس هلائڻ جي ڦاهي ڏني وئي ۽ اهڙي ريت سنڌ جي هڪ جهونجهار شخص پنهنجي ڌرتي ۽ وطن خاطر شهادت جو جام پي ڪارونجهر جو ڳاٽ اوچو ڪيو.

روپلي جي شھادت کان پوءِ به سندس ساٿي انگريزن سان وڙھندا رھيا. روپلي ڪولھي جي اولاد مان ڪولھين جا ڪجهه گھر اڄ به ڳوٺ ڪونڀاري ۾ رھن ٿا. اڄ ٿر ڪارونجهر جي انهي ڪارڙي ڪولهي يعني روپلي ڪولهي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. ۽ هي سمورا سنڌ جا ڪولهي ڌرتي جا اصلوڪا ڌرتي ڌڻي آهن ۽ مزاحمت جي علامت آهن. مشھور ڊرامانويس علي بابا روپلي ڪولھي جي ڪردار تي “ڪارونجھر جو قيدي “جي نالي سان ڊرامو پڻ لکيو ھو. روپلو ڪولهي ڌرتي جو حقيقي قومي هيرو ۽ قومي سورمو آهي. مزاحمت جي حوالي سان اھڙا رول ماڊل سنڌ جي تاريخ جو سوجهرو آهن، جنهن تي سنڌ فخر ڪري ٿي. اهڙن عظيم سورمن کي ياد ڪرڻ اسان جو قومي فرض آهي. 22 آگسٽ تي سنڌ جي عظيم سورمي روپلي ڪولهي جي ورسي جو ڏهاڙو ھو ثقافت کاتي سنڌ پاران روپلي ڪولھي جي نالي سان ڀوڏيسر جي ڀر ۾ “روپلو ڪولھي موٽل” پڻ جوڙيو ويو آهي، گوڙدڙو ندي جي ڪناري ھن جي ڦاھي واري ھنڌ تي ھڪ ننڍڙي يادگار پڻ ٺھيل آهي.