حيدرآباد (رپورٽ:امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ڪارونجھر جي ڪٽائي خلاف داخل پٽيشنز تي ٻڌڻي دوران ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر، ڊپٽي ڪنزرويٽر وائلڊ لائيف ۽ ايس ايچ او ننگرپارڪر کان ليزون ڪينسل ڪري قبضا گيرن کي هٽائڻ بابت قسم ناما لکرائڻ بعد ٻڌڻي 5 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. جسٽس محمد شفيع صديقي رمارڪس ڏنا ته هو ڪڏهن ڪارونجهر تي ناهي ويو پر جيترو هن پڙهيو ۽ ٻڌو آهي ته ان حساب سان ايشيا ۾ ڪارونجهر جهڙو ڪو جبل ناهي جنهن کي هر صورت ۾ بچايو ويندو. پٽيشنر منور علي، شنڪر ميگهواڙ ۽ ايڊووڪيٽ غلام مصطفيٰ هنڱورجو سان گڏ ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر ايٽ مٺي، ڊپٽي ڪنزويٽر ۽ ڪلچرل کاتي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سميت ٻيا عملدار پيش ٿيا. جسٽس محمد شفيع صديقي ۽ جسٽس ارشد حسين خان تي مشتمل ڊويزنل بئنچ ٻڌڻي ڪئي. عدالت ڊي سي کان پڇاڻو ڪيو ته هڪ ڏينهن اڳ اوهان کي حڪم ڏنو هو ته سموريون ليزون ۽ لائسنس رد ڪيا وڃن ان تي ڪيترو عمل ٿيو آهي. ڊي سي عدالت کي آگاهي ڏني ته انهن اڳ ئي سموريون ليزون ۽ لائسنس رد ڪري ڇڏيا هئا جڏهن ته تازو گرينائيٽ لاءِ جاري ٽينڊر به رد ڪرايو ويو آهي. عدالت ڊي سي جي اهڙي خاطري کانپوءِ کيس حڪم ڏنو ته هو ۽ ڊپٽي ڪنزرويٽر وائلڊ لائيف، ايس ايڇ او ننگرپارڪر قسم نامو جمع ڪرايو ته اوهان سمورا لائسنس ۽ ليزون رد ڪري ڇڏيون آهن. عدالت وائلڊ لائيف کاتي جي ڊپٽي ڪنزرويٽر کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان ڪارونجهر جي ڪٽائي ڪندڙن خلاف ڪيتري حد تائين ڪارروائي ڪري گهڻا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. ڊپٽي ڪنزرويٽر عدالت کي آگاهه ڪيو ته ڪارونجهر تي هاڻي ڪو به ماڻهو ڪٽنگ يا گرينائيٽ جي ڪٽائي لاءِ موجود ناهي پر اڳ ۾ انهن هٿ چراند جي الزام هيٺ ٻن ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيا هئا. عدالت حڪم ڏنو ته ڪارونجهر جبل جي 19 ڪلوميٽر حصي ۽ 13 ڪلوميٽر چئني پاسن تائين ڪٽنگ ڪندڙ عملي، ڪمپني يا ايڪسيويٽر بيهارڻ جي اجازت ڏيندڙن خلاف به ڪيس داخل ڪيا وڃن. ٻڌڻي دوران ڪوهنور ماربل ڪمپني جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيو جنهن عدالت کي آگاهي ڏني ته کين ٻڌو وڃي ڇاڪاڻ ته هو هاڻي اتي موجود ئي ناهن پر تنهن باوجود کين نوٽيس ملي رهيا آهن. عدالت مٿس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن اوهان جو اتي ڪو ماڻهو يا ايڪسيويٽر نظر آيو ته اوهان خلاف به ڪيس داخل ڪرايو ويندو. سرڪاري وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته کيس عملدارن پاران جمع ڪرايل ڪمپلائينس رپورٽ جون ڪاپيون فراهم ڪيون وڃن جنهن تي عدالت کيس دلچسپ جواب ڏيندي چيو ته اوهان ڪاپين کي ڇڏيو، جيڪڏهن اوهان پنهنجي رپورٽ ڏٺي ته توهان کي شرم ايندو. جسٽس محمد شفيع صديقي رمارڪس ڏنا ته ڪارونجهر جبل قديمي ورثو آهي ۽ جيڪڏهن ورثي کي بچائڻ لاءِ ڪجهه نه ڪيو ته ايندڙ نسل کي اهو پيغام ڏينداسين، ڇا ته اسان ڪجهه ناهيون ڪري سگهيا. جسٽس چيو ته هن توڙي ساڻس گڏ ويٺل جج اڃا تائين ڪارونجهر ناهي ڏٺو پر ان جي تاريخ پڙهڻ ۽ ٻڌڻ بعد ان نتيجي تي پهتا آهن ته ڪارونجهر تهذيب آهي ۽ تهذيب سان هٿ چراند ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. عدالت ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي خلاف 2021ع دوران پٽيشن داخل ڪرائيندڙ منور علي نالي شخص جي وڪيل غلام مصطفيٰ هنڱورجو کي حڪم ڏنو ته سندن داخل پٽيشن تي ٻڌڻي 5 سيپٽمبر تي ڪئي ويندي جنهن لاءِ هو تياري ڪري عدالت ۾ پيش ٿين.