ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم)ڪارونجهر کي ڪوري گرينائيٽ کڻڻ لاءِ نئون در کلي ويو، سنڌ ڪابينا وفاقي سرڪار جي فرمائش تي معدنيات ۽ مائننگ کي صنعت جو درجو ڏئي ڇڏيو، انهي فيصلي هيٺ صوبي جي ڪنهن بعد معدنيات لاءِ لڳندڙ صنعت کي عام صنعت واريون سهولتون ملي سگهنديون، معدنيات واري ايريا ۾ اسپيشل زون قائم ڪري اتي معدني صنعتون لڳائي سگهبيون، معدني صنعتڪارن کي بينڪن کان قرض ملي سگهندا، جڏهن ته پرڏيهي سيڙپڪار وفاق يا صوبي ذريعي معدني صنعتن ۾ سيڙپ ڪري سگهندا، ان ڏس ۾ صوبائي ڪابينا جي اجلاس ۾شريڪ هڪ وزير ٻڌايو ته پنجاب جي ضلعي خوشاب ۾ ٽامي جي کاڻين ۾ سعودي عرب 150 ملين ڊالرن جي سيڙپ لاءِ تيار ٿي ويو آهي، ائين ننگرپارڪر جي گرينائيٽ کي ڪڍي انهي مان مختلف مصنوعات ٺاهيندڙ صنعتن ۾ سيڙپ لاءِ ڪو ملڪ يا پرڏيهي ادارو تيار ٿي سگهي ٿو، ڪابينا اجلاس ۾ ڊرائيونگ لائسنس رکندڙ شاگردياڻين ۽ ورڪنگ وومين ۾ مفت ورهائڻ لاءِ 1000 پنڪ اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلون خريد ڪرڻ، ڪراچي شهر لاءِ ڊبل ڊيڪر ۽ اليڪٽرڪ (EVs) بسون خريد ڪرڻ، ڪي فور منصوبي لاءِ پاڻي فراهمي لاءِ ڪينجهر ڍنڍ ۽ ڪي بي فيڊر جي بهتري جا فيصلا ڪيا ويا، اجلاس ۾ ڊائو يونيورسٽي کي نانگ ڪکڻ ۽ ڪتي ڏاڙهڻ جي ويڪسين تيار ڪرڻ لاءِ ڪمپني ڊائو لائيف سائنسز فائونڊيشن قائم ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پهرين مرحلي ۾ 300 ملين جي لاڳت جون 1000 اليڪٽرڪ موٽر سائيڪلون ورڪنگ وومين ۾ پکن ذريعي مفت ورهايون وينديون متعارف ڪرايون وينديون، موٽر سائيڪل حاصل ڪندڙ عورتون انهن کي 7 سالن تائين وڪرو ڪري نه سگهنديون، ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي3 ارب جي لاڳت سان ڪراچي لاءِ 50 پبلڪ ٽرانسپورٽ بسون خريد ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، جن ۾ 15 ڊبل ڊيڪر بسون ۽ 35 اليڪٽرڪ بسون شامل آهن. ڊبل ڊيڪر بسون شاهراهه فيصل تي هلنديون، اجلاس کي ڊبل ڪيبن پڪ اپ جي رجسٽريشن بابت ٻڌايو ويو ته هن وقت ڊبل ڪيبن گاڏيون ڪمرشل گاڏين طور تي رجسٽرڊ ٿي رهيون آهن، جڏهن ته اهي نجي مقصدن لاءِ استعمال ٿينديون آهن، انهي سان صوبائي رجسٽريشن في ۽ ٻين ٽيڪسن ۾ مالي نقصان ٿي رهيو آهي. ڪابينا فيصلو ڪيو ته ڊبل ڪيبن گاڏين کي انهن جي ڪل قيمت جي 4 سيڪڙو جي شرح سان غير تجارتي گاڏين طور رجسٽر ڪيو ويندو، جڏهن ته موٽر وهيڪل في 7000 رپيا ساليانو ۽ لگزري ٽيڪس ۽ ڪنورشن في تي رعايت ڏني ويندي. ڪابينا ٻڌايو ويو ته پريميئم نمبر پليٽن جي وڪري مان مليل 541.6 ملين رپيا ٻوڏ سٽيلن جي گهرن جي اڏاوت لاءِ سنڌ پيپلز هائوسنگ پروجيڪٽ کي منتقل ڪيا ويندا. اجلاس ۾ SZABIST ۽ زيب ٽيڪ پاران گورنمينٽ پولي ٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ ميهڙ کي هنج وٺڻ واري تجويز تي بحث ڪيو ويو. وڏي وزير 160.3 ملين رپين جي گرانٽ جي تجويز جي منظوري ڏني. وڏي وزير اربن اينڊ انفرااسٽرڪچر کاتي کي هدايت ڪئي ته صنعتي ڪپڙن جي پيداوار، اسٽريچنگ، ڊريس ميڪنگ ۽ صنعتي بجلي جي شعبن ۾ تربيت وٺندڙن جو تعداد چار لک تائين وڌايو وڃي. اجلاس ۾ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ جي آٽوميشن ۽ آءِ بي اي سکر ۾ 144.118 ملين رپين جي لاڳت سان سي ايم ايس تيار ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.