اسلام آباد(بيورورپورٽ) سنڌ حڪومت پاران سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سنڌ ڪلچرل هيريٽيج ايڪٽ تحت ڪارونجهر کي عالمي ورثو قرار نه ٿو ڏياري سگهجي جڏهن ته ان سلسلي ۾ اڳ ۾ موجود قانون کي به 2023ع ۾ ئي ختم ڪيو ويو هو. چيف سيڪريٽري جي پٽيشن ۾ 7 سوال اٿاريا ويا آهن ته ماحوليات، ثقافتي ورثي ۽ اقتصادي بحالي عوامي مفاد جا معاملا ته آهن پر انهن جي حفاظت ڪرڻ پارليامينٽ ۽ انتظاميا جو ڪم آهي عدليا جو نه. ڇا سنڌ حڪومت کي جهنگلي جيوت، ثقافتي ورثي، ماحوليات ۽ ڪارونجهر جبل جي حفاظت ڪندر اتي پوريل اربين ڊالرن جي معدنيات کي سنڌ جي ماڻهن جي حق ۾ استعمال ڪرڻ جو اختيار آهي يا نه؟ 19 ڪلوميٽرن ۽ هڪ لک هڪ هزار 931 ايڪڙن تي پکڙيل سموري ڪارونجهر کي هڪ يادگار ۽ جهنگلي جيوت جي آماجگاهه قرار ڏيڻ ۽ اتي ڪنهن به قسم جي معدنيات جي کوٽائي تي پابندي لڳائڻ هاءِ ڪورٽ جي اختيارن کان مٿاهون نه آهي؟ ڇا هاءِ ڪورٽ حڪومت جي اختيارن کي ختم ڪري پارليامينٽ ۽ انتظاميا جي اختيارن ۾ مداخلت نه ڪئي آهي؟ سنڌ حڪومت اڳ ۾ ئي ثقافتي ۽ قديم آثارن جي ورثي کي محفوظ قرار ڏئي چڪي آهي ته پوءِ ڪارونجهر جبل ۾ واقع 25 مخصوص مندرن ۽ مسجدن ۽ ٻين آثارن بابت هاءِ ڪورٽ ڪيئن حڪم جاري ڪري سگهي ٿي؟  هاءِ ڪوٽ جهنگلي جيوت کاتي جي شقن جو اثر ختم ڪري ڇڏيو آهي. پٽيشن ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ ڪورٽ جا فيصلا ٺوس بنيادن تي ٻڌل هجڻ گهرجن اهي افواهن ۽ اخلاقياتي پاليسي تي ٻڌل نه هجڻ گهرجن. عدالت فريادي کي ٻڌڻي دوران نوان سوال اٿارڻ جي به اجازت ڏني. پٽيشن ۾ چيو ويو آهي ته فريادي ڪارونجهر جي معاملي ۾ ذاتي طور متاثر ڌر نه هو. ٻڌڻي هلندي حڪومت معدنيات جي نيلام جو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو هو ان ڪري پٽيشن ٻڌڻ جوڳي ئي نه رهي هئي. سنڌ حڪومت سموري جابلو ٽڪري کي محفوظ ورثو قرار ڏيڻ جو اختيار ئي نه ٿي رکي. سنڌ ڪلچرل هيريٽيج ايڪٽ تحت ڪنهن به ڊڪشنري جي معنيٰ ۾ سمورو ڪارونجهر جبل حد قرار نه ٿو ڏئي سگهجي اتي رڳو انسان جي تعمير ۽ ٻيون نقصان روڪڻ جو حڪومت کي اختيار آهي. جيتوڻيڪ ڪارونجهر جبل ٻين قدرتي آثارن جيان خوبصورت نظارو پيش ڪري ٿو پر اهو هيريٽيج ايڪٽ تحت نه ٿو اچي پر اتي موجود مندرن، مسجدن ۽ ٻين آثارن جي حفاظت ڪرڻي آهي ان ڪري ان باري ۾ فيصلو عدالت جو اختيار ئي نه هو. درخواست ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته فريادين ڪارونجهر جبل کي وائلڊ لائف سينڪچري قرار ڏيڻ جو مطالبو ئي نه ڪيو هو، سنڌ حڪومت جي ڪيترن ئي کاتن ان باري ۾ جواب جمع ڪرايا پر عدالت انهن کي ٻڌو ئي ڪونه. حڪومت چيو آهي ته عدالت سنڌ حڪومت جي اختيارن ۾ غيرضروري مداخلت ڪئي، حڪومت قانون تي ان جي روح موجب عمل ڪري رهي آهي. اهو به انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سنڌ وائلڊلائف ايڪٽ، سنڌ انوائرنمينٽ پروٽيڪشن ايڪٽ 2014، سنڌ ڪلچرل هيريٽيج ايڪٽ ۽ سنڌ مائنز اينڊ منرلز گورننس ايڪٽ 2021 ڪارونجهر ۾ کوٽائي جي اجازت ڏين ٿا ۽ مڪمل پابندي نه ٿا لڳائين. ڪارونجهر جبل ۾ اربين ڊالرن جا اڻ کوٽيل معدني وسيلا موجود آهن جيڪي ڪڍڻ سان سنڌ خاص طور تي ٿرپارڪر جي رهواسين جي زندگي تبديل ڪري سگهن ٿا. پر اهو موجوده صورتحال ۾ نه ٿو ٿي سگهي. ان لاءِ سمورين لاڳاپيل ڌرين ۽ عوام جي راءِ ۽ ٽيڪنيڪل اڀياس سان ڪو وچون رستو ڪڍي سگهجي ٿو. اهو عدليا نه پر پارليامينٽ ۽ انتظاميا ئي ڪري سگهن ٿا. درخواست ۾ اهو به انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت سموري ڪارونجهر جبل کي نه پر اتي موجود 25 خاص ماڳن ۽ عمارتن کي محفوظ قرار ڏنو هو. جڏهن ته حڪومت دعويٰ ڪئي آهي ته ڪارونجهر جبل عالمي ورثو نه آهي. هي معاملو عدالت جي اختيار کان ٻاهر آهي. ڪارونجهر جبل جي حصن ۾ کوٽائي جي اجازت ڏيڻ ۽ ان مان معاشي فائده کڻڻ جو اختيار سنڌ حڪومت جو آهي. پٽيشن ۾ ڪارونجهر کي عالمي ورثي جو حصو بڻائڻ جي مخالفت ڪندي چيو ويو آهي ته عدالت جي ڏنل ان صلاح جو ڪو قانوني جواز موجود نه آهي ته ڪارونجهر جبل کي عالمي ورثي جو حصو قرار ڏياريو وڃي جيڪو پاڪستان جي قانون جي به خلاف آهي. پٽيشن ۾ اهو به انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سنڌ مائنز ۽ منرل جي قاعدن ۽ قانون ۾ هلندڙ سال ترميم ڪندي ان مان ڪارونجهر ۾ کوٽائي تي پابندي جا لفظ خارج ڪيا ويا هئا.، ڪارونجهر جبل 1904ع جي قديم يادگارن واري ايڪٽ تحت قديم يادگار ۾ شمار ٿئي ٿو پر عدالت اهو ڄاڻڻ ۾ ناڪام رهي ته ان ايڪت کي به 1968ع ۾ ختم ڪيو ويو هو. پٽيشن موجب ڪنهن به جاءِ کي محفوظ ورثو قرار ڏيڻ جو اختيار سنڌ حڪومت ۽ سنڌ ڪلچرل هيريٽيج ايڪٽ تحت قائم ڪيل ڪاميٽي جو آهي هاءِ ڪورٽ ان جو فيصلو نه ٿي ڪري سگهي. سنڌ جهنگلي جيوت رولز تحت کاتو محفوظ قرار ڏنل ڪنهن به علائقي ۾ معاشي سرگرميون شروع ڪرڻ جي اجازت ڏئي سگهي ٿو.