حيدرآباد (رپورٽ:امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ ڪارونجھر جي ڪٽائي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڏنل ليزون 24 ڪلاڪن ۾ رد ڪري اڄ ڊي سي ٿرپارڪر کي رپورٽ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي جڏهن ته عدالت پابند بڻايو آهي ته ڪارونجهر جبل جي ننڍڙي پٿر کان 19 ڪلو ميٽر فاصلي تائين ڪٽنگ ڪندڙ عملو يا ڪا به ڪمپني نظر نه اچي. وڪيل شنڪر ميگهواڙ پاران داخل پٽيشن تي جسٽس محمد شفيع صديقي ۽ جسٽس ارشد حسين خان تي مشتمل ڊويزنل بئنچ ٻڌڻي ڪئي. عدالت پاران طلب ڪرڻ تي وائلڊ لائيف ڊويزن ميرپورخاص جو ڊپٽي ڪنزرويٽر عزيز علي ٽالپر، ڪلچرل کاتي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سنڌو چانڊيو، ڪوشليا پنهاڻي، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر منرل ڊولپمينٽ ٿرپارڪر ايٽ مٺي، رابيل سرور ۽ سپرنٽينڊنٽ مائينز اينڊ منرل حيدرآباد محمد صالح ڀٽي پيش ٿيا. پٽيشنرز غلام مصطفيٰ هنڱورجو ۽ شنڪر ميگهواڙ عدالت کي آگاهي ڏيندي استدعا ڪئي ته ڪارونجهر جبل مان اڃا تائين پٿر ڪٽڻ وارو سلسلو جاري آهي جنهن کي روڪي ثقافتي ورثي کي نيشنل هيريٽيج قرار ڏيڻ جو حڪم ڏنو وڃي. عدالت پاران معاونت لاءِ مقرر ايڊووڪيٽ عشرت علي لوهر آگاهي ڏني ته ڪارونجهر ۾ تاريخي مندر، مسجدن سميت 54 عبادتگاهن جا مرڪز آهن جڏهن ته يونيسڪو پاران 26 جاين کي ورلڊ هيريٽيج ڊڪليئر قرار ڏيارڻ لاءِ جيڪا لسٽ ٺاهي وئي آهي ان ۾ پهريون نمبر ننگرپارڪر يعني ڪارونجهر جبل به آهي. وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته ڪارونجهر جبل 19 ڪلوميٽر جي فاصلي تي مشتمل آهي. سنڌ ۾ ان کان اڳ مڪلي، موهن جو دڙو سميت 6 تاريخي ماڳ ورلڊ هيريٽيج ڊڪليئر قرار ڏنا ويا آهن ان ڪري هاڻي ڪارونجهر کي به ورلڊ هيريٽيج قرار ڏيارڻ لاءِ سفارشون ڪيون وڃن. عدالت پاران معاونت لاءِ مقرر سجاد احمد چانڊيو چيو ته ڪارونجهر سنڌ سميت سمورن مذهبن لاءِ مقدس ۽ خاص ڪري جين ڌرم لاءِ پاڪ پٿر جو درجو رکي ٿو. ڪارونجهر جو پٿر گرينائيٽ توڙي ٻيا آثار سمورا قيمتي آهن جن جي ڪٽائي کان سرڪار کي مستقل بنيادن تي روڪڻ جي اهم ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته ڪارونجهر جا جيڪي مقدس هنڌ سمجهيا وڃن ٿا ان جي هٿ چراند سان عوام جا جذبا مجروح ٿي رهيا آهن. عدالت عملدارن کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان اڃا تائين ليزون ختم ڪري ڪٽائي ڪندڙ ڪمپنيز ۽ ماڻهن کي واپس ڇو ناهي اماڻيو جنهن تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مائينز اينڊ منرل ڊپارمينٽ رابيل سرور عدالت کي آگاهي ڏني ته ڪارونجهر توڙي ڀرپاسي جاري ڪيل سمورين مائيننگ ليز کي رد ڪيو ويو آهي. آخري نيلامي وارا نوٽيس به واپس ورتا ويا آهن. عدالت سرڪاري وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان ليزون يا جاري ٽينڊر لکت ۾ رد ڪيا آهن جنهن تي سرڪاري وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته اهو ليٽر کين ناهي مليو، باقي پبلڪ نوٽيس ذريعي اهو ڄاڻايو ويو آهي ته ڪارونجهر جبل جي ڪجهه سائيٽس جي نيلامي بابت جاري سمورا ٽينڊر رد ڪيا ويا آهن. ٻڌڻي دوران جسٽس محمد شفيع صديقي رمارڪس ڏنا ته دنيا ۾ مڃتا رکندڙ ورلڊ هيريٽيج جهڙي سائيٽ ۽ تاريخي ماڳ جي کوٽائي ۽ ليز ڏني وئي. غيرقانوني ليز ڏيڻ ۽ غيرآئيني طريقي سان ڪٽنگ ڪري ڪارونجهر سان هٿ چراند ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيا وڃن. وڪيلن عدالت کي آگاهي ڏني ته جن ماڻهن کي ماضي ۾ لائيسنس يا ليز جاري ڪئي وئي هئي اهي اڃا تائين سائيٽس تي قبضو ڪري ويٺل آهن جنهن مان لڳي ٿو ته هو عالمي ورثي واري ماڳ ڪارونجهر جي کوٽائي ڪري ان تي قبضي جي ڪوشش پيا ڪن جن کي هٽائڻ جو حڪم ڏنو وڃي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد مٺي جي ڊپٽي ڪمشنر کي حڪم ڏنو ته ڪارونجهر جي 19 ڪلوميٽر چورس تائين ويٺل سمورا قبضاگير ۽ ٻيا ماڻهو هٽايا وڃن ۽ سائيٽس ڪليئر ڪرائي اڄ هو عدالت کي رپورٽ فراهم ڪري ٻي صورت ۾ هاڻي سندس ڪو به عذر قبول نه ڪيو ويندو. عدالت ٻن ڌار ڌار پٽيشنز جي ٻڌڻي اڄ 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.