* اي ڪارونجهر جا مورَ جڏهن تنهنجي ڳلي ۾ سانوڻ رت جي لاءِ گيت کُٽي وڃن، تڏهن تون منهنجي من جي ڳالهين کي گيت بڻائي ڳائجان. منهنجي من جون اُهي ڳالهيون، جن کي آئون ڪڏهن پنهنجي چپن تي آڻي نه سگهيو آهيان، ۽ نه وري انهن کي ڪو نانءُ ڏئي سگهيو آهيان.
* جڏهن سانوڻ، بڊي جي موسم ۾ ٻاٻيها ٻولڻ ڇڏي ڏين. جڏهن وسڪاري ورڻ سين، ٿاريليءَ جي اندر ۾ پنهنجي ور جي ياد نه وري، جڏهن ڳنڍير جو گاهه ڳنڍيون هڻڻ ڇڏي ڏي، جڏهن جهنگ ۾ اُڀرندڙ جوڳيڙن (هڪ ٻوٽو) جي سُونهن دل نه موهي، تڏهن تون ۽ آئون هڪ ٻئي کي وساري سگهون ٿا.
* اباڻو ديس به هڪ عقيدو آهي، جنهن تان ويساهه ساهه جي آخري هڏڪيءَ کان پوءِ به ختم ناهي ٿيندو، تڏهن ئي مارئيءَ جي واتان شاهه عبداللطيف چيو آهي ته: ”ميائي جياس جي وڃي مڙهه ملير ڏي”.
* ٿورو سوچ اي ڪڪر! تنهنجو هڪ پهاڙ کان ٻئي پهاڙ تائين جو سفر توکي پهاڙي گلن جي خوشبوءَ سان واسي ڇڏيندو. پوءِ جڏهن تون منهنجي محبوب وٽ پهچندين ته مور پنهنجن رتن نيڻن ۽ دلسوز ٽهوڪن سان تنهنجي آجيان ڪندو.
* ڪارونجهر جي ڪور تي ڪڪرن جي ڇانءُ ۾ مورن جو ناچ ڏسي زندگيءَ جو اٿاهه حُسن تصور ۾ تري ايندو آهي. ناچ ڪندي جڏهن مور ٽهوڪا ڪندا آهن، تڏهن ڪڪر به جُهڪي داد ڏيندا آهن.
* تاسري ڀريل رٻ ۾ ڏيئي جي روشنيءَ جي سهاري آئون ڪڻڪ جو ڏريل داڻو ڳولڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. او شيخ اياز! توکي گوگاسر جي پوڙهي سچ چيو هو ته، ڪڻڪ اسان جي لاءِ ميوو آهي.
* منهنجي ڳوٺ جي ڌنارن، ڳنوارن ۽ اوٺارين کي مون ڪڏهن به عمر جي زنگ ۾ زنگيل ناهي ڏٺو، انهن جي وک، ويچار ۽ جذبات ۾ ازل جي تازگي محسوس ڪئي آهي. شهر جي ماڻهن کان وڌيڪ ماڻهپو آهي.
* ٿر جي زندگيءَ ۾ ڏٿ وڏي وٿ آهي، ڏڪارن جي ڏينهن ۾ ڪنهن جي اڳيان هٿ ٽنگڻ جي بدران لپ ڪوڪڙ يا ڪُرين جي کائي مٿان پاڻي جو گلاس پي سمهي پوندا آهيون .
* ٿر ۾ جتي مارئي ڄائي اتي ڦوڳ به پيدا ٿيو هو، اڄ به آزمائش جي گهڙي اچڻ تي ڦوڳ جا وارث چِٽا ٿي پوندا آهن .
* جتي راوي نه پهتو اتي ڪوي پهتو: يعني شاعر جي تخيل جي اڏام سج جي روشنيءَ کان به بلند آهي، هِي منهنجي خطي جي عام چوڻي آهي، انهي کان وڌيڪ شعر سناشي جو ٻيو ڪهڙو مثال ٿي سگهي ٿو؟
* اسين ٿر جا ماڻهو ڏڪار جي ڏينهن ۾ اڪ جهڙي ڪڙي ڪساري وڻ ۾ ڦٽندڙ ڦلڙين مان جيئڻ جو اتساهه وٺندا آهيون .
* باز کي اُڏام ۽ جهڙپ کانسواءِ ڇا ٿو اچي؟ هن وٽ ٻين پکين جهڙي مٺڙي ٻولي به ناهي، پاريهر جي ڳٽڪار ۾ ازل جي گيت جهڙو آلاپ آهي، جنهن کي ٻُڌڻ جي لاءِ منهنجي ٿر جا ماڻهو وڏي اسر جو اٿي پکين کي داڻا ڏيڻ لاءِ ويندا آهن .
* ٿر جي واريءَ تي هلندي منهنجي پيرن ۾ ايترا ڇالا ٿي پيا آهن، جو هاڻي جُتي به لاهي نٿو سگهان. تون منهنجي پويان اچڻ چاهين ٿو ته، رت-ڦُڙن واري واٽ وٺيو هليو اچ، مون پنهنجا پير ڦٽي پويان ايندڙ پانڌيئڙن جي لاءِ گهاڙو گهڙي ڇڏيو آهي.
* منهنجي خطي جي مردن وٽ عورت جو عاشق نه پر معشوق ٿيڻ جي روايت آهي .
* ماڻهو ڪيترو به ڪٻو ٿي وڃي، پر ڌرتيءَ جي پيٽ ۾ اچڻ سان سڌو ٿي پوندو آهي .
* جا ماءُ کان وڌ ڀانئي اها ڏانئڻ آهي. (هڪ ٿري چوڻي )
* سانوڻ جي رت ۾ ڀتوارڻ جڏهن مٿي تي ماني جو ٽٻڪو (کارو) رکي ٻني ۾ هر ڪاهيندڙ پنهنجي ور لاءِ ماني کڻي رواني ٿيندي آهي، تڏهن هن جي ٻانهياري لوڏ تان لکين حُسن جا منظر گهوري ڇڏڻ تي دل چوندي آهي.
* سماجي اوسر جي ايجنڊا ايستائين اڌوري ۽ اڻپوري آهي، جيستائين ڌرتي جا قديم ماڻهو هن سفر ۾ شامل نه آهن .
* ماڻهو جا ميرڙا ڳل به سڳنڌ ڀري اجري گل کان پيارا هوندا آهن، هڪ دفعي هٿ ڇهاءُ سان نازڪ پنکڙين جو ساءُ وسري ويندو آهي .
* اسين ان مٽيءَ جا ٺهيل آهيون، جنهن تي جبر ۽ ظلم ڪو اثر نه ڪندو آهي، ان جي ڪري اها ڳالهه هر ڪو ذهن مان ڪڍي ڇڏي ته، هُو اسان کي جُهڪائي سگهي ٿو .
* ڪُتي جي ڀونڪ تي ڪڏهن ستارا ڇِرڪندا نه آهن! ڪڏهن چنڊ کي چڙ نه ايندي آهي، ڪڏهن سج جي روشنيءَ ۾ گهٽتائي نه آئي آهي، ڪڏهن وڻن جي ڇانو ڇڊي نه ٿي آهي، ڪڏهن گلن جو واس ڪوماڻو نه آهي، ته پوءِ تو تي ۽ مون تي ڪهڙو فرق پوندو ؟!
* ڌرتي ڪنهن خاص ٽولي نه پر پنهنجن سمورن ڪارن، گورن، ننڍن، وڏن ڪک ڄاون جي ماءُ هوندي آهي .
* وارياسي جا گل اڪثر ٽِڙڻ کان اڳ ۾ ڇڻي ويندا آهن، ڪو ورلو لُري ۽ لُڪ سهي ٽڙندو آهي، جنهن جو ٽڙڻ جهنگل ۾ منگل ڪندو آهي، هن جي حُسن تي آڪاش جا نَو لک تارا موهجي پوندا آهن، سانوڻ جا بادل مِينهن ڦُڙا وسائي هن سان پريت جو اظهار ڪندا آهن .
* گوڙي مندر کان هيٺ ويندي پوري پارڪر ۾ سرخ گهوڙا نظر ايندا، هِي پارڪر جي رهواسين بيگڙي جي حملي کان پوءِ پنهنجي ڌرتيءَ جي حفاظت جي لاءِ تيار رکيا آهن، جيئن ڪو بيگڙو ٻيهر حملو نه ڪري سگهي .
* ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ظالم ماڻهوءَ جي اندر ۾ پڻ شرافت ائين جهلڪو کائيندي آهي، جيئن ٿر ۾ مينهوڳي ڪاري رات جو وڄ چمڪندي آهي .
* ڳاڙهاڻ گلن ۾ جيئن سهڻو ڏيک ڏيندي آهي، تيئن ماڻهو جي ڳلن تي به پياري لڳندي آهي، پيلاڻ رڳو گلن ۾ سونهين ٿي .
* اي منهنجا همعصر! تو ڪڏهن واٽڙين ۾ هرڻ کي پاڻي پيئندي ڏٺو آهي؟ سونهن جو هي منظر فطرت جو نظم آهي، انهي نظم جي حسناڪي ماڻڻ جي لاءِ ڪنهن به وزن، بحر، ڇند ۽ ماپي جي ضرورت نه آهي!