ڪارونجهر جي ڪنهن کي به ڪٽائي ڪرڻ نه ڏينداسين: سردار شاهه

0
38

سنڌ جي تعليم ۽ معدنيات واري وزير سردار شاهه چيو آهي ته ڪارونجهر جي ڪنهن کي به ڪٽائي ڪرڻ نه ڏينداسين، ڇا پٿر ڪڍڻ لاءِ طُور جبل جي ڪٽائي ڪئي ويندي؟ ڇا سعودي عرب ۾ پٿر ڪڍڻ لاءِ ٻين مذهبي ماڳن جي ڪٽائي ڪئي ويندي؟

سنڌ جي تعليم ۽ معدنيات واري وزير سردار شاهه ٽائيم نيوز کي ڏنل خصوصي انٽرويو دوران وڌيڪ چيو ته ڪارونجهر جبل اسان لاءِ ثقافتي، تاريخي ۽ مذهبي اهميت رکي ٿو، ضمير ۽ ذميوارين جو جڏهن به ٽڪراءُ ٿيو ته ضمير سان گڏ بيهندس

 سردار شاهه چيو ته پيپلزپارٽي جي قيادت جون چٽيون هدايتون آهن ته عوام جي خواهشن جي ابتڙ ڪو به فيصلو نه ڪرڻو آهي، ڪارونجهر جي ڪٽائي بابت نگران وزير جا بيان ٻڌندو هيس

هن چيو ته نگران وزير چوندو هو ته ڪارونجهر کي ڪٽينداسين ته ٽرلين ڊالرز جو گرينائيٽ نڪرندو، ڪارونجهر جبل ڪنهن جي جاگير نه آهي جو اتان پٿرن جي ڪٽائي ڪن، ڪارونجهر جبل ڪنهن کي به نه ڏينداسين، ڪارونجهر جبل يا ننگرپارڪر جي سرزمين کي ڪو به خطرو نه آهي