ڪارونجهر جبل کي ملڪي مفاد ۾ استعمال ڪنداسين: خدابخش مري

0
48

ننگرپارڪر: سنڌ جي معدنيات واري نگران وزير مير خدابخش مري چيو آهي ته ڪارونجهر جبل بابت ڪجهه شرپسند پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن، ڪارونجهر جبل کي ڪٿان به نه پيو ڪٽيو وڃي، ڪارونجهر جي حوالي سان رياست کي بدنام ڪندڙ پراجيڪٽي سازشين کي وائکو ڪنداسين، ڪارونجهر جبل سميت ٻين معدني وسيلن کي ملڪي مفاد ۾ استعمال ڪنداسين، ڪنهن کي خدشا آهن ته مون سان اچي مناظرو ڪري

ننگرپارڪر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نگران وزير چيو ته پروپيگنڊا ڪندي اهو چيو ويو ته هتي مسجدون ۽ مندر ڊاٿا ويا آهن

هن چيو ته  قوميت ۽ مذهب جو ڪارڊ استعمال ڪري ماڻهن کي گمراهه ڪيو پيو وڃي، ميڊيا کي آرڪيالاجي سائيٽس جو دورو ڪرائي حقيقتن کان آگاهه ڪنداسين

نگران وزير چيو ته جن علائقن ۾ معدني وسيلا استعمال ڪيا ويندا اهي تاريخي ثقافتي ماڳن کان 2 سئو ميٽرز جي فاصلي تي هوندا، ڪارونجهر اسان جو قومي ورثو آهي ان جي هر لحاظ کان سنڀال ڪئي ويندي