ڪارونجهر جبل مان هٿ آيل انساني شڪل جو مجسمو نوادرات کاتي حوالي

0
24
ڪارونجهر جبل مان هٿ آيل انساني شڪل جو مجسمو نوادرات کاتي حوالي
ڪارونجهر جبل مان هٿ آيل انساني شڪل جو مجسمو نوادرات کاتي حوالي

ننگرپارڪر (ن پ ا) ڪارونجهر جبل مان قديمي زماني جو انساني شڪل جو مجسمو نوادرت کاتي حوالي ڪيو ويو، ان ڏس ۾  ثقافت سياحت ۽ نوادرات کاتي جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار شاهه جي نوٽيس وٺڻ بعد مقامي زميندار الهرکيو کوسو پاران  سندس  زرعي زمين ۾ هٿ آيل مورتي ڊپٽي ڊائريڪٽر ٿرپارڪر ڪيلاش مالهي جي حوالي ڪئي.جڏهن ته مجسمو مسڪين جهان کوسو ڪلچرل ڪامپليڪس ۾ رکيو ويو آهي،ان  حوالي سان سماجي اڳواڻ الهرکيو کوسو جو چوڻ هو ته مون پنهنجي قومي ذميواري پوري ڪندي هٿ آيل مجسمو نوادرات کاتي حوالي ڪيو آهي ۽ آرڪيالاجي کاتي وارن يقين ڏياريو آهي ته هٿ آيل مجسمي بابت آرڪيالاجي جا ماهر تحقيقات ڪندا.