ڪارونجهر جبل،پنندڙ ٻارڙا ۽ مقامي سياحت

0
18
ڪارونجهر جبل،پنندڙ ٻارڙا ۽ مقامي سياحت

                 ننگر پارڪر جو ڪارونجهر جبل ۽ جابلو سلسلو پنهنجي اندر ۾ وڏي معدنيات ۽ تاريخي پڻ رکي ٿو. روزانو سوا سير سون جيتري رقم ڏيندڙ هي جابلو سلسلو قدرتي شاهڪار ۽ سياحت سان لاڳاپيل ماڻهن لاءِ هيل به نگاهن جو مرڪز بڻيل آهي.

                 هيلوڪيون وقتائتيون بارشون توڙي جو سڄي ٿر لاءِ خوشي جو سبب هيون اتي  معاشي حوالي سان مثبت  خبرون به کڻي آيون آهن، گڏوگڏ ڪارونجهر جبل کي سائي چادر پهرائي خوبصوتي جو شاهڪار پڻ بڻائي ڇڏيو آهي ۽ وئڪيشن، عيد ۽ عيد وارن موڪلن ۾ ماڻهن کي پاڻ  ڏانهن سفر ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. مٺي واري گڊي ڀٽ به هيل وڌيڪ سير و تفريح ڪندڙن کي خوشي ۽ مسرت جو سامان فراهم ڪري رهي آهي ۽ ڪارونجهر جبل کي ڏسندڙ مداح انهي گڊي ڏانهن پڻ دلچسپي سان اچي رهيا آهن.

                 ميلن جي روايت توڙي جو سنڌ ۾ وڏي تاريخ رکي ٿي انهن ميلن کي منظم طريقي سان مينيج ڪري جيڪڏهن منعقد ڪيو وڃي ته هونئن سنڌ جي ثقافت، هنر، تاريخ، ادب کي آڪسيجن ملي پوي.

گذريل دفعي اسلام آباد ۾ هڪ دوست جڏهن سبي،ڪالام،سوات مينگوره اَمن ميلو وغيره بابت تفصيل ٻڌايا تڏهن حيران ٿي ويس، اُنهن مشهور رسالن جي رپورٽنگ جيڪا انهن ميلن بابت ٿيل هئي تن جو ذڪر ٻڌي سنڌ جي ميلن بابت رپورٽنگ جي سوال تي پڻ سوچڻ تي مجبور ٿيس.هُن سبي ميلي بابت ٻڌايو ته انهن ميلي جو افتتاح اڪثر وزيراعليٰ بلوچستان ئي ڪندو آهي، باقي وزير مشِير ڪمشنر وغيره خوشي سان شرڪت ڪندا آهن ۽ انتظام  ڪندا آهن ، جتي مقامي پٽي جي اعليٰ نسل جي  جانورن سميت سڄي ملڪ مان جانورآندا ويندا آهن. 4 کان 5 ڏينهن تائين هلندڙ انهي ميلي ۾ وڏن ننڍن شاگردن فلاور شو پيش ڪيا. اسڪائوٽنگ جي جٿن رقص،ٽيبلوز، هارس اينڊ ڪيٽل شوز، مقامي رقص پيش ڪيا ۽ اسڪول ۽ ڪاليجن پنهنجا اسٽال پڻ لڳايا. انهي موقعي تي وفاقي وزير انهن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي انعام ڏنا پر گڏوگڏ سبي شهر جي ترقي لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن کي پڻ ايوارڊ ڏنا.

ننگر پارڪر گهمڻ لاءِ گائيڊ طور ڪم ڪندڙ مقامي ڏيوجي، نانجي، مگهجي، سامجي، سومون ڪولهي ڪارونجهر جي ورن وڪڙن ۽ اڙانگن پيچرن تان گهمندڙن کي ايئن وٺي ويندا آهن ڄڻ انهن جي ذهنن ۾ اهي شيون فيڊ ٿيل هجن. انهن کي مقامي خطرناڪ جيتن کان وٺي ڀٽنُ ۽ نانگن جي به خبر هوندي آهي ۽ گهمندڙن جي ذهن ۾ انهن بابت ڪيئي سوال هوندا آهن پر ڪارونجهر جا ڪوڏ يا اصل وارث مسڪين جهان خان جا مداح اڪثر اهي کيس (مهاڏيو) ڪوٺيندا هئا.

ننگر کان ڪاسبي چوڙيي تائين آباد هي ڪولهي برادري جا ماڻهو آهن اڪثر غريب تعليم ۽ شعور کان وانجهيل اڪثر ٻارڙا ۽ عورتون ڪارونجهر تي گهمڻ ايندڙ ماڻهن کان خيرات گهرن ٿا. وسڪاري بعد هي ماڻهو ٻني ٻاري تي گذارو ڪن ٿا. ننگر جي جبلن وٽ ٺهيل ڊيم ڀرجي وڃڻ جي صوررت ۾ پاڻي جبلن تان لهي رڻ ڪڇ ۾ رائيگان وڃي ٿو، جنهن کي ڏسندي ڪيترائي ورهيه ٿيا آهن. سرڪاري سطح تي ڪي خاص اپاءَ نه وٺڻ جي ڪري اهو پاڻي ڪنهن ڪم جو نٿو رهي. ماهرن جو خيال آهي ته اهو پاڻي جيڪڏهن اسٽور ڪيو وڃي ته ويهه کان مٿي ڊيم ٺهي سگهن ٿا جنهن مان زرعي مقصدن کي حاصل ڪري سگهجي ٿو ۽ مقامي ويجهن کوهن جو پاڻي به نه سڪندو.مقامي ڊيم ٺاهڻ جي شروعات ٻانهن ٻيلي ڪئي هئي تنهن بعد ارادو تنظيم به هڪ ڊيم ٺاهيو آهي.

مقامي ٽن يونين ڪائونسلن جي اها آبادي جيڪا مقامي بصر ، مرچ ۽ ڀاڄيون استعمال ڪري ٿي اهو پڻ مقامي واٽر پونڊس ۽ ڊيمن جي پاڻي تي پوکين ٿا. هن پاڻي سان مقامي وسيلن کي موبلائيز ڪري مستقبل ۾ روزگار ۽ سياحت جي وڏن موقعن ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. وسڪاري جي صورت ۾ مقامي وسيلن کي وڏي پئماني تي منظم طريقي سان مقامي هنرن ۽ کاڌن کي پروموٽ ڪرڻ سان روزگار جا ذريعا پيدا ڪري سگهجن ٿا. مقامي ٻوٽين، گاهن، کي وڪڻندڙن لاءِ پڻ روزگار وڌي سگهي ٿو ۽ سياحتي پاليسي جوڙي حڪومت چڱو ناڻو حاصل ڪري سگهي ٿي.

شيهن گڙو، مسڪين جهان خان کوسو ۽ راڻپور جي پاڻي  ننڍن منصوبن کي وڏن منصوبن ۾ تبديل ڪري هزارن جي انساني آبادي کي فائدا ڏئي سگهجن ٿا. سبي سوات  ۽ مينگورا جتي امن جو مسئلو موجود آهي تنهن هوندي به ميلا لڳن ٿا. ته پوءِ ننگر پارڪر ۾ سياحت  ۽ روزگارکي فروغ ڏيڻ لاءِ ننگر پارڪر امن ميلو وغيره لڳائي مقامي هنر ثقافت کاڌن پيتن ۽ سياحت کي پروموٽ ڪري روزگار جا وسيلا ڇو پيدا ڪري نه ٿاسگهجن.

[email protected]