ننگرپارڪر (ن پ ا ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ برانچ حيدرآباد جي ٻه رڪني بئنچ جي ڪارونجهر جي ڪٽائي روڪڻ ۽ ڪارونجهر کي يونيسڪو پاران عالمي ورثي ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ ڏنل تفصيلي فيصلي بعد ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف ۽ ڪارونجهر کي محفوظ ڪرڻ لاءِ تحريڪ ھلائيندڙ ڪارونجهر سجاڳ فورم پاران عدالت جي حڪم تي عملدرآمد جو مطالبو ڪيو آھي، ڪارونجهر سجاڳ فورم جي اڳواڻ الهرکيو کوسو، مصطفي دل، رميش ڪارونجهري ۽ ٻين پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڪارونجهر جي ڪٽائي روڪڻ ۽ ان کي محفوظ ڪرڻ وارو اڄوڪو عدالتي فيصلو سموري سنڌ جي مسلسل گڏيل جدوجهد جو نتيجو آھي، جنهن ۾ ڪارونجهر سان پيار ڪندر سنڌ جا عام ماڻهون، اديبن، شاعرن، صحافين، وڪيلن جي گڏيل جدوجهد شامل آھي، عدالتي فورم تي سنڌ جي وڪيلن ڪارونجهر جو مضبوط ڪيس رکي عدالت کي قانوني، آئيني ۽ زميني حقيقتن کان آگاهه ڪيو، وڪيلن عدالت کي ٻڌايو ته ڪارونجهر نه صرف سياحتي، مذهبي، تاريخي ماحوليات لاءِ اھم آھي پر ان سان گڏوگڏ مقامي ماڻهن جي جياپي جو واحد ذريعو ڪارونجهر جبل آھي، ڪارونجهر شجاڳ فورم جي اڳواڻن بيان ۾ وڌيڪ چيو ته اڄوڪو فيصلو سنڌ جي ماڻهن جي ننڍڙي ڪاميابي ضرور آھي پر ان سان گڏوگڏ سنڌ واسين کي ڪارونجهر جي بچاءُ لاءِ وڌيڪ جدوجهد جي ضرورت آھي، ھنن چيو ته  سڀني کي گڏجي ڪارونجهر کي حڪومتي ۽ يونيسڪو واري فورم تي  ڪارونجهر کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون.