ڪارونجهر، اسين موٽي آيا آھيون ….!

0
53
ڪارونجهر، اسين موٽي آيا آھيون ....!

 بي بي سي اردو وارن انڊونيشيا جي هڪ ٻيٽ ڪموڊو ڊريگن آئي لينڊ تي هڪڙي ڊاڪيومينٽري ٺاهي آھي، جتي انسان پڻ ڪموڊو ڊريگن سان گڏ رهائش پذير آھن. هن ڊاڪيومينٽري جو مک موضوع ئي اهو آھي ته انسان هيڏي وڏي ۽ خطرناڪ مخلوق سان گڏ ڪيئن ٿا رهن، جيڪا جيڪڏھن ماڻھو کي چڪ پائي يا ڇهي وٺي ته ان کانپوءِ انسان وڌ ۾ وڌ 12 ڪلاڪ زنده رهي سگهي ٿو. اهو سوال جڏھن آئي لينڊ تي رهندڙ ماڻھن کان پڇيو ويو ته هنن جو جواب هو ته هي خطرناڪ ته توهان کي ٿا لڳن، نه ته هي ته انتهائي معصوم آھن. اسٽوري ڪندڙ جڏھن هڪ اهڙي ماءُ سان ملي ٿو، جنهن جي پٽ ڪموڊو ڊريگن زنده ڳڙڪائي ويو هو، هُو ان ماءُ کان پڇي ٿو ته ڇا توهان ان ڪموڊو ڊريگن کي ماري ڇڏيو، جنهن توهان جي پٽ کي ماريو؟ ته اُھا ماءُ انتهائي معصوميت سان وراڻي ٿي ته، نه. ڇو مارينديس ان کي؟ منهنجي لاءِ ته اهو حادثو ايئن هو، جو ڄڻ ته منهنجي وڏي پٽ پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي ماري ڇڏيو، ته ڇا هاڻي آئون پنهنجي وڏي پٽ کي ماري ڇڏيان؟ هي صحرائن، درياهن، ٻيٽن، ٻيلن، جبلن ۽ جهنگلن ۾ رهندڙ ماڻھو فطرت سان ايئن وهنوار رکن ٿا. اها ڳالھ ڪنهن به سرمائيدار کي ڪڏھن به سمجھ ۾ نه ايندي ته صحرائن، جبلن، جهنگن ۽ ٻيلن ۾ رهندڙ مقامي ماڻھو فطرت سان ايترو پيار ڇو ٿا ڪن پر جيڪڏھن اها ڳالھ اوهان کي سمجھ ۾ اچي پئي ته پوءِ اچو ته انهن ماڻھُن جي فطرت پسندي جا ٻانهن ٻيلي ٿيون ۽ انهن جي ھمٿ افزائي ڪريون ته جيئن سرمائيدار دنيا هنن جا جبل معدنيات قرار ڏيئي لٽي نه وڃي. هنن جي درياهن تي بجلي ٺاهڻ خاطر بند نه ٻڌي سگهي. ڪوئلو ڪڍڻ خاطر هنن جون ٻنيون، رستا ۽ ڳوٺ نه اجاڙي ڇڏين. هنن جا ٻيلا ۽ جهنگل ڪپجي نه وڃن. اچو ته هنن جي آواز سان پنهنجو آواز ملايون. اسين سڀ جنهن جنهن فورم تي موجود آھيون، ان فورم تي پنهنجي فطري وسيلن جي بقاءَ ۽ بچاءَ جي جنگ وڙھندڙ ھنن ماڻھن جو آواز بڻجون. هنن جا مددگار بڻجون. هي ئي اهي اصل ماڻھو آھن، جيڪي ڌرتيءَ جي هن گولي تي فطرت جي جنگ وڙھي رهيا آھن.

تازو ئي پاڪستان جي هڪڙي ڪنڊ ۾ تمام ڊگهي عرصي کان تنهاين جو شڪار ٿيل ۽ هٿ وٺي اڪيلا ڪيل ماڻھو خواب گاھ جهڙي شھر ننگرپارڪر ۾ ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پنهنجي محبوب جبل ڪارونجهر کي بچائڻ لاءِ تمام وڏي تعداد ۾ رستن تي نڪري آيا. هنن جو ايئن پلي ڪارڊ کڻي رستن تي نڪري اچڻ ھڪڙو واقعو هو. هنن جي پلي ڪارڊن تي انتهائي حسين جملا  لکيل هئا، جن کي ڏسي ايئن پئي لڳو ڄڻ ته پلي ڪارڊ ڳالهائي رهيا هئا ۽ چئي رهيا هئا: “اي اسان جا جبل، اسين هڪ ڊگهي دربدري کانپوءِ موٽي آيا آھيون. اسين جيڪي پاتالن ۾ اڇلايا ويا هئاسين، ٻيهر واپس موٽي آيا آھيون”.

* جبل اسان کي پالي ۽ نپائي ٿو .

* جبل اسان لاءِ مٺي پاڻي جو واحد وسيلو آھي.

* ڪارونجهر پکين، جانورن ۽ جيتن جي پناهه گاهه آھي .

* ڪارونجهر اسان لاءِ مٺي پاڻي جو واحد وسيلو آھي .

* هي جبل اسان جو پالڻھار آھي .

* ڪارونجهر روپلي ڪولهي ۽ وير اُڌيسنگھ سوڍي جو مورچو آھي .

* ڪارونجهر معدنيات نه پر جهنگلي جيوت جو وطن آھي .

اهي جملا لکيل پلي ڪارڊ کڻي ايڏي وڏي تعداد ۾ مقامي ماڻھن جو پنهنجي جبل جي دفاع ۾ روڊن تي نڪري اچڻ ننگرپارڪر جي تاريخ جو بنھ وڏو واقعو هو، جنهن جي گونج ايندڙ ڪئين زمانن تائين گونجندي پئي.

ڌرتي جي هڪڙي ڪنڊ ۾ ڊگهي زماني کان ديوار سان لڳايل ماڻھُو پنهنجي محبوب جبل لاءِ تمام وڏي تعداد ۾ ان اعتماد سان نڪري آيا ھئا ته هاڻي اسان جي آواز کي روڪي ۽ دٻائي نٿو سگهجي .هو ان يقين سان ٻاهر نڪتا ته اسين واپس موٽي سگهون ٿا، پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي وسيلن جا ٻيهر مالڪ ٿي سگهون ٿا. هي ماڻھو شديد ڪاوڙ سان گڏ صدمي ۾ آيل هئا ته فطرت پاران کين عطا ٿيل تحفو ايئن چئي ڇو پيو کسيو وڃي ته هن مان ناڻو ملندو.

ڪارونجهر رڳو انسانن لاءِ مٺي پاڻي جو واحد وسيلو ڪونهي پر هي ته دنيا ۾ ختم ٿي ويل الائجي ڪيترن ٻوٽن، وڻن، جيت جڻن ۽ جهنگلي جيوت جو وطن آھي. ڇا اها رياست يا اهي ماڻھو انسانيت جي دائري ۾ رهن ٿا، جيڪي لکين ڪروڙين ريڙھيون پائيندڙ، اڏامندڙ جيوت ۽ وڻ ٻوٽن کان سرمائي جي لالچ ۾ انهن جو وطن کسي وٺن؟ ننگرپارڪر ۾ ٿيندڙ هن احتجاج ۾ اهي ماڻھو شامل نه هئا، جن وٽ ڪوڙيون دعوائون آھن پر اهي ماڻھُو شامل هئا، جن جا پير ڪالھ به زمين اندر کتل هئا ۽ اڄ به زمين اندر کتل آھن. وير اُڌيسنگھ جي نالي وارا پلي ڪارڊ به اڇوتن جي هٿن ۾ ھئا، جن تي لکيل هو ته، “اسان لاءِ ڪارونجهر وير اُڌيسنگھ سوڍي جي امانت آھي”. هي پلي ڪارڊ ڪنهن راجپوت جي هٿ ۾ ھجڻ کپندو هو پر هن احتجاج ۾ پري پري تائين ڪو راجپوت ڪو نه هو. جاگير لاءِ وڙھڻ ۽ ڌرتي لاءِ وڙھڻ جو فرق به هي احتجاج چٽو ڪري ويو. اڇوت ڪالھ به ڌرتي لاءِ وڙھيو پئي ۽ اڄ به ڌرتي لاءِ ئي وڙھي پيو. ڪنهن به اڇوت کي نه ڪالھ ڪا جاگير هرکائي سگهي، نه ئي وري اڄ ڪنهن ڊئم جو ٺيڪو هرکائي سگهيو آھي. هر دور جي حاڪم سان اين آر او ڪرڻ، ھر حمله آور جي ڪابينه ۾ شامل هجڻ ۽ هر حال ۾ پنهنجي ڌرتي سان گڏ بيهڻ ٻه مختلف عمل آھن. حمله آور جي تاريخ ۾ ھڪڙا هيرو آھن ته اڇوتن جي يادگيرين ۾ ٻيا هيرو آھن. ياد رکو اڇوت جي يادگيري ڏاڍي تيز هوندي آھي. اڇوت اهو ڪيئن وساريندو ته هنن جي ابن ڏاڏن جي قاتلن سان اين آر او ڪنهن ڪيو. اڄ کان ٻه سئو سال اڳ ڪنهن معرڪي ۾ ٽي هزار ماڻھُن جو وڙھندي مارجي وڃڻ بنھ وڏو واقعو هو، جيڪو درٻاري تاريخ ۾ به سرسري لکيل آھي ته حمله آور جي گزيٽ ۾ به اڻ لکو لکيو پيو آھي. تاريخ جي سمورن دستاويزن ۾ ٽي هزار ڪولهين جي قتل جو واقعو صرف هڪڙي سٽ ۾ اڪلايل آھي. ايڏو وڏو قتلام ۽ قرباني صرف هڪڙي سٽ ۾ لکيل آھي ته، “ان ويڙھ ۾ ٽي هزار ڪولهي قتل ٿيا”. اسين ته اها اجتماعي قبر پيا ڳوليون، جيڪا اڇوتن جي سينن ۾ ته موجود آھي پر ڌرتي تي ان قبر جو نشان نه آھي ۽ نه درٻاري تاريخ جي ڪتابن ۾ ان قبر جو احوال آھي.

ننگرپارڪر جهڙي ننڍڙي شھر ۾ هيڏو وڏو قتل عام لڪايو ويو. اسين پنهنجون قبرون ڳولڻ لاءِ موٽي آيا آھيون. ان هڪڙي سٽ مان اسان جي شاعري اڳتي وڌندي. اسان جو ادب اڳتي وڌندو ته، “اسين موٽي آيا آھيون”. اڇوت جي سڀ کان وڏي خوبي اها آھي ته هو ڪجھ به وساريندو ناهي. خون جي اها ندي اڇوتن جي يادگيرين ۾ اڄ به وهي رهي آھي . ننگرپارڪر ۾ اڇوت پنهنجي جبل ۽ پنهنجي ماحول کي بچائڻ لاءِ گڏ ٿي ويا. ايئن چئجي ته ڌرتي جا اصل مالڪ موٽي آيا. هٿراڌو هيرا ۽ ڪوڙيون تاريخون هڪڙيون ڊھي ويون ۽ ٻيون ڊھي وينديون .اڄ به اها دعوا صرف اڇوت ئي ڪري سگهي ٿو ته، “اسين ‘سيوِ ڪارونجهر’ وارن سان گڏ آھيون. ‘سيل ڪارونجهر’ وارن سان گڏ ناهيون”. باقي ڪوڙيون دعوائون ڪندڙن جا هٿ ڪارونجهر جي قتل ۾ ملوث آھن. تاريخ اوهان کي ڪڏھن به معاف ڪانه ڪندي. اوهان جا محل اجڙي ويندا، اسان جو ڪارونجهر سلامت رهندو .