ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ وڌندڙ تڪرار ۽ جنگ جهڙي صورتحال سڄي دنيا لاءِ خطري جي گهنٽي بڻجي چڪي آهي. جنگ يا ان جهڙيون حالتون رڳو انهن ملڪن تائين محدود ناهن رهنديون، بلڪه ان جا اثر سڌيءَ ريت ٻين ملڪن جي معيشت، ڪاروبار، واپار، ۽ عام ماڻهن جي زندگيءَ تي به پوندا آهن. پاڪستان جهڙو ملڪ، جيڪو اڳ ئي مهانگائي، بيروزگاري ۽ قرضن جهڙين حالتن سان منهن ڏئي رهيو آهي، ان لاءِ ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ هلندڙ تڪرار هڪ نئون خطرو کڻي اچي ٿو، جيڪو نه رڳو هاڻوڪي وقت ۾ پر مستقبل ۾ به پاڪستان جي واپاري دنيا تي گهرا اثر ڇڏيندو.
هڪ اهم ڳالهه اها آهي ته ايران تيل پيدا ڪندڙ اهم ملڪ آهي. جيڪڏهن جنگ گهڻي وڌي ٿي يا حالتون خراب ٿين ٿيون ته ان جو سڌو اثر تيل جي اگهن تي پوي ٿو. تيل جي قيمتن ۾ واڌ سان سڄي دنيا ۾ پيٽرول، ڊيزل ۽ گيس جون قيمتون وڌن ٿيون. پاڪستان جيڪو پاڻ تيل پيدا نٿو ڪري پر ٻاهرين ملڪن مان تيل وٺي ٿو، ان لاءِ تيل جي مهانگائي سخت نقصان ڏيندڙ آهي. پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگا ٿين ته انهن تي هلندڙ ٽرڪن، گاڏين، بسن، ۽ مشينن جو خرچ وڌي وڃي ٿو. ان سان نه رڳو ٽرانسپورٽ مهانگي ٿئي ٿي پر روزمره جي شين جا اگهه به وڌي وڃن ٿا. ان صورتحال جو سڀ کان وڏو اثر عام ماڻهن تي پوي ٿو، جيڪي اڳ ئي مهانگائيءَ سبب پريشان آهن.
تيل جي مهانگائي سان بجلي پيدا ڪرڻ جو خرچ به وڌي وڃي ٿو. پاڪستان ۾ بجلي جو وڏو حصو تيل تي هلندڙ پاور پلانٽن مان پيدا ٿئي ٿو. جڏهن بجلي مهانگي ٿيندي ته ڪارخانا، ملون، مارڪيٽون، ۽ ٻيون واپاري جايون وڌيڪ خرچ هيٺ اچن ٿيون، جنهن سان ڪاروبار هلائڻ مشڪل ٿي پوي ٿو. واپاري نقصان ۾ وڃن ٿا، نوان ڪاروبار شروع ڪرڻ مشڪل ٿين ٿا، ۽ روزگار جا موقعا گهٽجي وڃن ٿا. جڏهن ڪاروبار تيز نٿا هلي سگهن ته ان جو اثر مزدورن تي پوي ٿو، جن کي بيروزگاريءَ جو منهن ڏسڻو پوي ٿو.
پاڪستان جون برآمدات به عالمي حالتن تي دارومدار رکن ٿيون. جڏهن دنيا ۾ جنگ يا سياسي بيچيني ٿيندي آهي ته بين الاقوامي خريدار واپار ڪرڻ کان گهٻرائين ٿا. اهڙي ماحول ۾ پاڪستان مان ڪپڙا، ميوا، ڀاڄيون، چمڙو، فرنيچر ۽ ٻيون شيون وٺڻ ۾ دير يا گهٽتائي ٿيندي آهي. ان سان ملڪ ۾ واپار گهٽجي ٿو، ڪارخانا ڪمزور ٿين ٿا، ۽ برآمد ڪندڙن کي نقصان ٿئي ٿو. ان سان گڏ ڊالر جي کوٽ پيدا ٿئي ٿي، جنهن سان روپيو ڪمزور ٿي وڃي ٿو، ۽ ٻيهر شيون مهانگيون ٿين ٿيون. ان صورتحال جو اثر عوام تي ئي اچي ٿو.
هتي اها ڳالهه به سمجهڻ گهرجي ته ايران ۽ اسرائيل جي جنگ جو اثر رڳو موجوده حالتن تائين محدود نه آهي، پر مستقبل ۾ به ان جا وڏا اثر پئجي سگهن ٿا. هاڻي ته ان جنگ ۾ آمريڪا به شامل ٿي چڪو آهي. جيڪڏهن جنگ ڊگهي ٿئي ٿي يا ان ۾ ٻين ملڪن جي به مداخلت ٿئي ٿي ته سڄي خطي ۾ بيچيني پيدا ٿي سگهي ٿي. اهڙين حالتن ۾ واپار جي رستن تي خطرا وڌن ٿا. پاڪستان جي واپاري جهازن کي سمنڊن مان گذرڻ وقت خطرو محسوس ٿئي ٿو، ۽ ان سان واپار سست ٿي وڃي ٿو. سست واپار سان آمدني گهٽجي ٿي، ۽ ملڪ جي معيشت ڪمزور ٿئي ٿي. ايران جي ويجهو ٿيندڙ ڪا به جنگ پاڪستان لاءِ ان ڪري به خطري واري آهي، ڇو ته اسان جا لکين مزدور وچ اوڀر جي ملڪن ۾ ڪم ڪن ٿا. سعودي عرب، دبئي، ڪويت، قطر، عمان ۽ ٻين عرب ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني مزدور جيڪڏهن جنگ جي ڪري متاثر ٿين ٿا ته انهن جي نوڪريون وڃڻ جو خطرو پيدا ٿئي ٿو. انهن مزدورن پاران پاڪستان موڪليل پئسا ملڪ جي معيشت جو وڏو حصو آهن. جيڪڏهن اهي پئسا گهٽجي وڃن ته پاڪستان جي آمدنيءَ ۾ وڏي کوٽ اچي سگهي ٿي، جنهن سان حڪومت کي به مشڪلاتون ٿين ٿيون، ۽ عوام جي زندگيءَ تي به اثر پوي ٿو.
ايران- اسرائيل جنگ جو اثر زرعي شعبي تي به پئجي سگهي ٿو. پاڪستان جي زراعت لاءِ ڪيترائي اوزار، ٻج، ڀاڻ ۽ مشينون ٻاهرين ملڪن مان اچن ٿيون. جيڪڏهن عالمي واپار متاثر ٿئي ٿو ته اهي شيون وقت تي نه پهچنديون، يا مهانگيون ملنديون. ان سان پيداوار گهٽ ٿيندي، ۽ ملڪ کي اناج جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو. اهڙي حالت ۾ کاڌ خوراڪ جون شيون مهانگيون ٿينديون، ۽ بک ۽ غربت وڌندي. جيڪڏهن مستقبل ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿين ٿيون ته پاڪستان کي سيڙپڪاريءَ جي ميدان ۾ به ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوندو. سيڙپڪار هميشه اهڙي ملڪ ۾ پئسا لڳائين ٿا، جتي امن هجي، واپار لاءِ سٺا موقعا هجن، ۽ قانون جو تحفظ هجي. جيڪڏهن عالمي سطح تي بيچيني وڌندي رهي ته پاڪستان ۾ نوان ڪارخانا، نيون صنعتون، ۽ نوان روزگار پيدا ڪرڻ جو عمل سست ٿي ويندو. ان سان نوجوانن ۾ بيروزگاري وڌندي، جيڪي اڳ ئي نااميديءَ جو شڪار آهن.
ايران- اسرائيل جنگ جي صورتحال مان نڪرڻ لاءِ پاڪستان کي پنهنجون تياريون شروع ڪرڻ گهرجن. ملڪ جي اندروني پيداوار وڌائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. زراعت، صنعت، واپار، ۽ توانائيءَ جي شعبن کي مضبوط ڪيو وڃي ته جيئن ٻاهرين ملڪن تي انحصار گهٽجي. مقامي واپار کي فروغ ڏنو وڃي، ۽ اهڙو ماحول پيدا ڪيو وڃي، جتي نوان ڪاروبار آسانيءَ سان شروع ٿي سگهن. حڪومت کي گهرجي ته واپاري رستن، جهازن، مال گاڏين ۽ پيداوار واري عمل کي محفوظ بڻائڻ لاءِ اڳواٽ منصوبابندي ڪري. مهانگائيءَ تي ضابطو آڻڻ، عوام کي رليف ڏيڻ، ۽ غيرضروري خرچن کي گهٽائڻ لازمي آهي. ان سان گڏوگڏ عالمي حالتن تي نظر رکڻ، ۽ دوست ملڪن سان سفارتي لاڳاپا مضبوط ڪرڻ به اهم آهي.
مجموعي طور تي ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ هلندڙ جنگ رڳو ٻن ملڪن جي تڪرار ناهي، پر ان جا اثر سڄي دنيا تي پئجي رهيا آهن. پاڪستان لاءِ اهو ضروري آهي ته هو موجوده حالتن مان سبق وٺي، پنهنجا وسيلا صحيح طريقي سان استعمال ڪري، ۽ هڪ مضبوط، خودمختيار، ۽ پائيدار معيشت طرف قدم کڻي، ته جيئن هاڻوڪن حالتن سان گڏوگڏ مستقبل جي خطرن کي به منهن ڏئي سگهجي. عوام، واپارين، حڪمرانن، ۽ ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ڇو ته اهڙن حالتن مان نڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوشش ئي ڪاميابيءَ جو واحد رستو آهي.
mntunio@gmail.com