ڪاروباري گفتگو … هڪ نوڪري- ٻيو ڪاروبار

0
29
ڪاروباري گفتگو ... هڪ نوڪري- ٻيو ڪاروبار

  هن جديد دور ۾ ڪيترائي ماڻھو روزگار سان گڏ پنهنجو ننڍو ڪاروبار به شروع ڪرڻ چاهين ٿا. اهڙو طريقو جنهن ۾ ڪو ماڻھو پنهنجي موجوده نوڪري يا پيشي کي برقرار رکندي هڪ نئون ذاتي ڪاروبار پڻ شروع ڪري ٿو، ان کي “هائبرڊ ڪاروبار” يا “هائبرڊ انٽرپرينيورشپ” چون ٿا. سادي لفظن ۾ هن جو مطلب آهي تہ هڪ ئي وقت ٻه ڪم گڏ هلائڻ: هڪ طرف نوڪري جاري رکڻ ۽ ٻئي طرف پنهنجو ننڍو ڪاروبار هلائڻ. هيءُ اصل ۾ اهڙو انداز آهي جنهن ۾ ماڻهو نوڪري ڇڏڻ جي ضرورت بنا پنهنجو ڪاروباري سفر شروع ڪن ٿا

                 اسان جي سماج ۾ گھڻا ماڻهو پنهنجو ڪاروبار ڪرڻ جي خواهش رکن ٿا، پر مالي ذميوارين ۽ روزگار وڃائڻ جي ڊپ سبب هو سڌو ڪاروبار طرف قدم کڻڻ کان هٻڪ ڪن ٿا. اهڙي صورتحال ۾ هائبرڊ ڪاروبار هڪ مناسب حل ٿي سگهي ٿو. هن طريقي سان ڪاروبار جي شروعات ڪرڻ سان خطرو گهڻو گهٽجي وڃي ٿو ڇو ته توهان جي مهيني جي تَنخواه جاري رهندي آهي. توهان ٿوري سيڙپ ۽ گهٽ خرچ سان نئون ڪم شروع ڪري سگهو ٿا، ۽ جيڪڏهن شروعاتي مرحلي ۾ ڪاروبار ۾ ڪو لاڙو يا نقصان ٿئي به ٿو ته سمورو مالي وزن توهان تي نه پوندو. ان جي ابتڙ، توهان کي نوڪري مان ملندڙ آمدني جاري رهندي، جيڪا توهان جي گھربل خرچن ۾ مدد ڪندي ۽ زندگي کي آسانيءَ سان هلائڻ ۾ سهائتا ڏيندي. ان سان گڏ توهان کي اضافي آمدني جو ذريعو ملي سگهي ٿو جنهن سان مالي صورتحال بهتر ٿي سگهي ٿي. هائبرڊ ڪاروبار ذريعي ماڻهو پنهنجي صلاحيتن کي وڌيڪ استعمال ۾ آڻين ٿا ۽ نيون مهارتون پڻ سکڻ جو موقعو ملندو اٿن. جيڪڏهن ننڍي پيماني تي شروع ڪيل ڪاروبار ڪامياب وڃي ٿو ته آهسته آهسته اهو وڌي توهان جي مک روزگار جو روپ پڻ وٺي سگهي ٿو. ٻئي طرف، جيستائين ڪاروبار مڪمل ڪامياب نه ٿئي تيستائين توهان جي نوڪري جو سهارو توهان کي محفوظ رکندو. البته هائبرڊ ڪاروبار ڪرڻ لاءِ محنت ۽ وقت جي صحيح منصوبابندي جي ضرورت آهي، ڇو ته ٻنهي ذميوارين وچ ۾ توازن رکڻ اهم آهي. جيتوڻيڪ شروعات ۾ ڏکيائي محسوس ٿي سگهي ٿي، پر ڪيترائي ماڻهن هن طريقي سان ڪاميابي حاصل ڪئي آهي

پاڪستان ۾ ڪيترائي پيشه ور ماڻهو هائبرڊ ڪاروبار جي ذريعي پنهنجي زندگي بهتر بڻائي رهيا آهن. استاد، ڊاڪٽر انجنيئر، آئي ٽي ماهر، فري لانسر، فنڪار، عورتون ۽ شاگرد سڀ پنهنجي موجوده ڪم سان گڏ ڪو نه ڪو اضافي ڪاروبار ڪن ٿا. ننڍا ڪاروباري پڻ پنهنجي ڪاروبار سان گڏ نوان تجربا ڪندا رهن ٿا. مثال طور، هڪ استاد جيڪو ڏينهن ۾ اسڪول يا ڪاليج ۾ پڙهائي ٿو، اهو شام جو يا فارغ وقت ۾ خانگي ٽيوشن پڙهائڻ يا ڪو کوچنگ سينٽر هلائڻ سان اضافي آمدني حاصل ڪري ٿو. گھڻن استادن لاءِ اهو معمول بڻيل آهي، ڇو ته گھڻا شاگرد به اسڪول کانپوءِ ٽيوشن وٺن ٿا. اهڙي طرح استاد پنهنجي پڙهائڻ جي قابليت ذريعي وڌيڪ شاگردن کي فائدو پهچائي پنهنجو معاشي حالت بهتر ڪري سگهن ٿا. ساڳئي ريت ڊاڪٽر حضرات ڏينهن جي اسپتال ڊيوٽي يا نوڪري کانپوءِ شام جو پنھنجو نجي ڪلينڪ هلائيندا آهن. پاڪستان ۾ ڪيترن ڊاڪٽرن جو اهو معمول آهي تہ سرڪاري يا خانگي نوڪري سان گڏ خانگي پرئڪٽس ڪن ٿا اهڙي طريقي سان ڊاڪٽر وڌيڪ ماڻهن کي علاج جي سهولت به ڏين ٿا ۽ پنهنجي آمدني ۾ به اضافو آڻي سگهن ٿا مثال طور، هڪ سرڪاري اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر شام جو پنهنجي گهر يا آفيس ۾ چند ڪلاڪ لاءِ مريضن کي ڏسي سگهي ٿو. هن هائبرڊ انداز سان هو پنهنجي مهارت وڌيڪ ماڻهن تائين پهچائي ٿو ۽ مالي طور تي به مستحڪم رهي ٿو

انجنيئر ۽ آئي ٽي شعبي جا ماهر جديد ٽيڪنالاجي جو فائدو کڻي نوڪري سان گڏ اضافي پروجيڪٽس ڪري سگهن ٿا مثال طور، هڪ انجنيئر يا سافٽ ويئر ڊويلپر آفيس کانپوءِ خانگي مشاورت يا ڪوڊنگ جا آنلائن پروجيڪٽ وٺي ٿو ڪيترائي نوجوان نوڪري سان گڏ فريلانسنگ ذريعي رات جو يا هفتي جي آخر ۾ ڊالر ۾ ڪمائي ڪن ٿا. اهڙي ريت انهن کي آمدني سان گڏ نئين سکيا ۽ تجربي جا موقعا ملن ٿا. ڪي ماڻهو پنهنجي روزگار سان گڏ فري لانس ڪم پڻ ڪن ٿا. هڪ نوجوان ڏينهن ۾ آفيس جي ملازمت ڪرڻ سان گڏ شام جو آنلائن گرافڪ ڊيزائن يا ليکڪت (ڪنٽينٽ رائيٽنگ) جا ڪم ڪري ٿو ته جيئن اضافي ڪمائي حاصل ڪري. جيڪڏهن ڪو فري لانسر پنهنجي ڪم ۾ ڪامياب ٿئي ٿو ته اهو آهسته آهسته هڪ ٽيم يا ننڍي ڪمپني قائم ڪري وڌيڪ وڏا پروجيڪٽ پڻ ماڻي سگهي ٿو. يعني هڪ آزاد پيشه ور به هائبرڊ ماڊل ذريعي پنهنجي ڪم کي وڌائي سگهجي ٿو.

فنڪار ۽ تخليقي شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهو پڻ هائبرڊ طرز اختيار ڪن ٿا. ڪيترائي فنڪار شروعات ۾ پورو روزگار فن مان نه ڪمائي سگهڻ سبب ڪا ٻي نوڪري ڪندا آهن ۽ فارغ وقت ۾ پنهنجي فن تي ڪم جاري رکن ٿا جيئن هڪ مصور ڏينهن ۾ گرافيڪس ڊيزائن جي نوڪري ڪري ۽ رات جو پنهنجي آرٽ ورڪ تي ڌيان ڏئي ٿو؛ يا هڪ ڳائڻي اسڪول ۾ پڙهائي ٿي ۽ هفتي جي آخر ۾ موسيقي جي محفلن ۾ ڳائي پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي ٿي. هن نموني سان اهي پنهنجو شوق به پورو ڪن ٿا ۽ آمدني جو اضافي ذريعو به هٿ ڪن ٿا.

عورتن لاءِ هائبرڊ ڪاروبار هڪ اهڙو رستو آهي جيڪو کين گهر جون ذميواريون نڀائيندي به ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏئي ٿو. پاڪستان ۾ گھڻيون عورتون گھر ويٺي ڪو نه ڪو ڪاروبار ڪن ٿيون ۽ پنهنجي ڪٽنب جي مدد ڪن ٿيون ڪن عورتن لاءِ گھر ۾ کاڌي پچائڻ يا سلائي ڪڙهائي جو ننڍو بزنس هلائڻ روزگار جو بهتر ذريعو بڻيل آهي. ڪجهه عورتون اهڙن هٿ جي هنر سان آنلائن آرڊر وٺي پروڊڪٽ وڪرو ڪن ٿيون. ان کان علاه ڪي پڙهيل لکيل عورتون گھر ويٺي ڪنٽينٽ رائيٽنگ، ڊجيٽل مارڪيٽنگ يا آنلائن ٽيچنگ ڪن ٿيون. هائبرڊ انداز عورتن کي اجازت ڏئي ٿو تہ هو گھر ۽ ڪم جو توازن برقرار رکندي پنهنجي خاندان جي مالي مدد ڪن ۽ پنهنجي صلاحيتن کي ڪم آڻين.

شاگرد پڻ پنهنجي پڙهائي جاري رکندي ننڍا ڌنڌا يا پارٽ ٽائيم ڪم ڪن ٿا. جيڪڏهن ڪنهن شاگرد وٽ ڪا خاص مهارت آهي جيئن ڪمپيوٽر پروگرامنگ يا گرافڪ ڊيزائن، ته هو پڙهائي سان گڏ آنلائن پروجيڪٽ وٺي سگهي ٿو اهڙي طرح ڪو شاگرد جيڪو پڙهائڻ ۾ سٺو آهي اهو ٻين ننڍن ٻارن کي ٽيوشن پڙهائي ڪجهه خرچ به ڪمائي ٿو ۽ استاد ٿيڻ جو تجربو به حاصل ڪري ٿو. اهڙي ريت شاگردي دوران حاصل ڪيل عملي تجربو ۽ ڪمائي کين مستقبل ۾ فائدو ڏي ٿي ۽ هو پاڻڀرو ٿي سگهن ٿا.

ننڍا ڪاروباري ماڻهو به پنهنجي موجوده ڪاروبار سان گڏ ڪو نئون ڪم گڏ هلائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. هڪ دڪاندار پنهنجي دڪان جي سامان کي آنلائن به وڪڻڻ شروع ڪري سگهي ٿو ته جيئن وڌيڪ گراهڪ حاصل ٿين جيڪڏهن ڪو ڪاروبار موسمي نوعيت جو آهي ته ان جو مالڪ آف سيزن ۾ ڪو ٻيو ضمني ڪم يا خدمتون فراهم ڪرڻ تي به غور ڪندو آهي.ان سان سال ڀر آمدني جو سلسلو جاري رهي ٿو. اهڙي طرح هڪ واپاري پنهنجي ڪاروبار ۾ نواڻ آڻي سگهي ٿو ۽ مارڪيٽ ۾ مقابلو به بهتر طريقي سان ڪري سگهي ٿو.

آخر ۾، هائبرڊ ڪاروبار ماڻهن کي اهو اعتماد ۽ همٿ بخشي ٿو تہ هو گهٽ خطري سان پنهنجا ڪاروباري خواب پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. هيءُ طريقو خاص طور انهن لاءِ ڪارآمد آهي جيڪي بنا نوڪري ڇڏڻ ڪجهه نئون شروع ڪرڻ گھرن ٿا. يقيناً، هن لاءِ محنت ۽ سٺي منصوبابندي ضروري آهي ڇو ته ٻن ذميوارين کي گڏ هلائڻ آسان ناهي، پر اهو ناممڪن به ناهي. بهتر اهو آهي تہ ننڍي شروعات ڪري آهسته آهسته پنهنجي ڪاروبار کي وڌايو وڃي ان سان توهان اضافي آمدني سان مالي مظبوطي حاصل ڪري سگهو ٿا، نوان سکڻ جا تجربا ماڻيو سگهو ٿا ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ پنهنجو پورو وقت وارو ڪاروبار به قائم ڪري سگهو ٿا. هر فرد، ڀلي اهو ڪنهن به پيشي سان تعلق رکندڙ هجي يا گھر ۾ رهندڙ عورت يا ڪو شاگرد – پنهنجي حيثيت ۽ شوق مطابق هائبرڊ ڪاروبار شروع ڪري سگهي ٿو. اهڙي طرح هو پنهنجي مستقبل لاءِ نيون راهون هموار ڪري سگهن ٿا ۽ سماجي توڙي معاشي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهن ٿا.

mntunio@gmail.com