ڪاروباري ‘مسيحائي’

0
16
ڪاروباري ‘مسيحائي’

 دُنيا تيز رفتاريءَ سان اڳتي وڌي رھي آھي، وقت سان دُنيا جي ھر شعبي ۾ بھتري ۽ جدت اچي رھي آھي پر اسان بدتري ۽ تباھيءَ طرف وڌي رھيا آھيون. پاڪستان ۾ صحت جو مسيحائي شعبو به تيزيءَ سان ڪاروبار طرف وڌي رھيو آھي، جنھن کي روڪڻ جي ضرورت آھي. عام  وهنوار اھو ڏٺو ويو آھي ته مريض ڊاڪٽر وٽ ويو، ڊاڪٽر ڪُجھ سوال پُڇيا ۽ ھڪ پرچيءَ تي ڪُجھ دوائون لکي مريض کي ڏئي ڇڏيون ته ھِي وڃي کائو!

                 مريض ڊاڪٽر ڏانهن فقط دوا وٺڻ ناھي ويندو، پنھنجي صحت ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ويندو آھي، تنھنڪري ڊاڪٽرن کي مريضن جي مڪمل رھنمائي ڪرڻ گُھرجي. کين تفصيل ٻُڌائڻ گُھرجن ته ان کي ڪھڙي بيماري آھي ۽ ان کي روڪڻ لاءِ کيس ڪھڙا اُپاءَ وٺڻ گُھرجن. جيڪي دوائون لکي ٿا ڏيو، تن بابت به مريضن کي ڄاڻ ڏيو. جيڪڏھن ڪي مريض ڊاڪٽر کان سوال پڇندا آھن ته، ڊاڪٽر چِڙي به ويندا آھن. مريض کي مڪمل تفصيل ان لاءِ ٻُڌائڻ گھرجن، ڇو ته اھو مريض جي زندگيءَ جو سوال آھي. ڊاڪٽرن کي مريضن کي پنھنجو ڪانٽيڪٽ نمبر به ڏيڻ گُھرجي ته جيئن ڪنھن مشڪل ۾ ھُو ڊاڪٽر کان پُڇي سگھن. ڊاڪٽر جيڪڏھن ھڪ وڌيڪ سم فقط مريضن سان رابطي لاءِ رکندا ته کين ڇا نقصان ٿيندو؟ اسان وٽ ڊاڪٽر جنھن انداز سان مريضن جو معائنو ڪن ٿا، ان انداز سان بيماري ڳولي لھڻ تمام گھڻو ڏُکيو ڪم آھي. ڊاڪٽرن کي به ھوم ورڪ ڪرڻ جي ضرورت هوندي آھي. انھن کي گُھرجي ته مريضن جون فائلون گھر به کڻي وڃن يا مريضن جي وڃڻ کانپوءِ پنھنجن ڪيسن تي وڪيلن وانگر اسٽڊي ڪن ته جيئن مريض جي بيماريءَ کي صحيح انداز سان جاچي سگھن. ڏھن منٽن اندر مريض کي چيڪ ڪري ڊائگنوسز ڪري سگھڻ آسان ڳالھ ناھي.

ڪجھ ڊاڪٽر مريضن کي ايتريون ته دوائون لکي ڏيندا آھن جو پنو اڳيان توڙي پويان ڪارو ڪري ڇڏيندا آھن، جنھن مان ائين محسوس ٿيندو آھي ته ڊاڪٽر کي بيماري سمجھ ۾ نه آئي آھي، تنھنڪري ھن ھڙني قسمن جون دوائون لکي ڏنيون آھن ته ڪنھن نه ڪنھن سان ٺيڪ ٿي ئي ويندو. اڪثر اھو به ڏٺو ويو آھي ته، جڏھن ڪو مريض ڪلينڪ يا اسپتال ويندو آھي ته سُور يا ٻين ترت اثرن لاءِ انجيڪشن يا ڊرپ لڳائڻ لاءِ چوندا اٿن. مھرباني ڪري ڪنھن به مريض کي نه ته غير ضروري انجيڪشن لڳايو نه ئي ڊرپ، جيستائين اھا لڳائڻ لازمي نه ھجي. سُور جي انجيڪشن بدران سُور جي ٽڪي ڏئي ڇڏيو، ڪلاڪ اندر سور ختم ٿي ويندو. ڇو ته انجيڪشن جا ڪيترائي سائيڊ افيڪٽس ٿيندا آھن. غير ضروري انجيڪشنس کان پرھيز ڪرڻ انتھائي ضروري آھي.

ڊاڪٽر معاشري جا سڀ کان گھڻا پڙھيل لکيل فرد ھجن ٿا، ڪانفرنسون اٽينڊ ڪن ٿا، ٻاھرين ملڪن جا دورا ڪن ٿا، پر ان باوجود انھن پنھنجي شعبي ۾ پيشرفت تمام گھٽ ڪئي آھي. ٻيو ته ٺھيو پر ھُو مريضن لاءِ ھڪ اپائنٽمنٽ جو نظام رائج ڪرڻ ۾ به ناڪام ويا آھن! ھڪ مريض جيڪو اڳ ئي بيمار شخص آھي، ان کي ڊاڪٽرن جي ڪلينڪس ۽ اسپتالن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڊاڪٽر جو انتظار ڪرڻ تي مجبور ڪيو ٿو وڃي. ڪجھ ڊاڪٽر ايترو ته تڪليف ڏيندڙ طريقيڪار رکندا آھن ته پھريون صبح جو اچي نمبر وٺي وڃو، پوءِ ٻيھر اچي لائين ۾ لڳو! حيرت آھي ته اسان جا ايڏا پڙھيل لکيل ڊاڪٽر اڃان تائين پرنٽيڊ پرسڪرپشن جاري ڪرڻ جيترا جديد ٿي نه سگھيا آھن! اڄ جي زماني ۾ ڇا ڊاڪٽر ھڪ پرنٽر به افورڊ نه ٿا ڪري سگھن؟ ڪڏھن ته ڊاڪٽرن جي لکيل دوا اسٽور ڪيپر کي به سمجھ ۾ نه ايندي آھي ته ڇا لکيل آھي! ٻاھرين ملڪن ۾ اوھان ڪنھن فارميسيءَ تان دوا وٺندا ته اھي اوھان کي دوا جي مٿان اسٽيڪر ھڻي ڏيندا آھن ته ھن دوا جو ڪم ھِي آھي ۽ اوھان کي ڏينھن ۾ ھيترو ڊوز ھيترا ڀيرا کائڻو آھي. اسان جو ملڪ ان سطح تي اڃان الائي ڪڏھن پھچندو؟ جڏھن ته اھو ڪرڻ بنھ آسان ڳالھ آھي، خبر ناھي اسان وٽ شعور ناھي يا جذبو ناھي!

ڊاڪٽرن کي ليبارٽريون توڙي دوائن جون ڪمپنيون ڪافي لالچون ڏينديون آھن ته فلاڻي ليب مان ٽيسٽ ڪرايو يا فلاڻي دوا لکي ڏيون. اھو ته ھڪ اھڙو جرم آھي، جنھن ۾ ملوث ڊاڪٽرن کي سزا ملڻ گُھرجي. ڪنھن به ڊاڪٽر کي اھو نه چوڻ گھرجي ته جيستائين فلاڻي ليبارٽري مان ٽيسٽ نه ڪرائيندا، تيستائين مان ان کي قبول نه ڪندس. تنھنڪري ان ڪميشن واري نظام جي مڪمل خاتمي جي ضرورت آھي. اچرج جي ڳالهه آھي ته ڊاڪٽر ايترو گھڻو ڪمائين ٿا پوءِ به کين اھڙين حرڪتن جي ضرورت پوي ٿي! سرڪاري اسپتالن کي پنھنجو وقت به ٺيڪ ڪرڻ گُھرجي. ڇو ته سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن جي تمام گھڻي رش ھوندي آھي. سنڌ جي سڀني سرڪاري اسپتالن ۾ رواج آھي ته ٻين بجي ھر ڪو گھر ھليو ويندو آھي، ان کي شام چار تائين ڪرڻ جي ضرورت آھي. سرڪاري اسپتالن ۾ ماڻھن کي ضرور وڃڻ گُھرجي. ڇو ته اُتي ڊاڪٽرن کي اھا لالچ ناھي ھوندي ته مريض وري وري اسان ڏانهن اچن، ان لاءِ ھُو فقط اوتريون ئي دوائون، ٽيسٽون يا علاج ٻُڌائيندا جيڪو ضروري ھوندو. اڪثر وڏين اسپتالن ۾ مون ڏٺو آھي ته ڊيوٽي ڊاڪٽر مريضن جو ڪيس نوٽ ڪرڻ لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ھٿ سان پيا لکندا آھن. ھن جديد دور ۾ ته اوھان وٽ اھڙو سافٽ ويئر ھجڻ گھرجي، جنھن ۾ اوھان مريض جي ھسٽري، ٽيسٽون ۽ دوائن جي انٽري ھڪ ڪِلڪ سان ڪري سگھو. جيڪڏھن اسٽاف ايترو وقت لکڻ ۾ وڃائيندو ته مريضن جي پرگھور ڪير لھندو؟

ڪراچيءَ جي بهترين اسپتالن جا به ايمرجنسي ڊپارٽمينٽ سُست نظر ايندا آهن. ائين ٿو لڳي ڄڻ انهن تي “ايمرجنسي” لفظ جو مفهوم ئي واضح نه ھجي. اڪثر اتي اسٽاف جي کوٽ يا اڻپورائي نظر ايندي آهي، جنهنڪري ايمرجنسي وارڊ پنھنجو اصلوڪو ڪم ڪري ئي نه پيو. ڪراچيءَ جا ايمرجنسي وارڊ  اڪثر مريضن کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ۾ رکن ٿا! اسپتالن کي گهرجي ته پنهنجي ايمرجنسي ڊپارٽمينٽ جو ٻيهر جائزو وٺي، اهڙو نظام لاڳو ڪن، جيڪو جلدي سروس فراهم ڪري، حياتين کي بچائي ۽ مريضن کي انتظار گاهن جي عذاب کان بچائي!

يوٽيوب جي اچڻ کانپوءِ ھاڻي اوھان پنھنجي بيماريءَ بابت مڪمل ۽ تفصيلي ڄاڻ  آرام سان حاصل ڪري ٿا سگھو. انٽرنيٽ جي جديد دنيا جھڙوڪ، AI  معرفت پنھنجي بيماري کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪري گھڻي ڄاڻ حاصل ڪري بيماري کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿا سگھو. ائين بلڪل به ناھي ته سڀئي ڊاڪٽر ڪاروباري قسم جا آھن. تمام گھڻا سُلجھيل، سچا، ايماندار، ھڏ ڏوکي ڊاڪٽر بلڪل موجود آھن. جيئن ڊاڪٽر مرلي ڌر، ڊاڪٽر ياسمين قاضي، ڊاڪٽر اديب الحسين رضوي، ڊاڪٽر شير شاھ سيد وغيرہ جھڙا گھڻائي ئي ڊاڪٽر آھن، جيڪي ھميشه مريضن جو درد محسوس ڪري انھن جي ڀرپور رھنمائي ڪندا رھن ٿا.

اسان کي پنھنجي معاشري مان بيمارين جي تعداد کي گھٽائڻ لاءِ جستجو ڪرڻي آھي، جنھن ۾ ڊاڪٽرن جو ڪردار تمام گھڻو اھم آھي. ٻاھرين ملڪن ۾ حڪومتون عوام جي لاءِ صحت جا ڏينھن ملھائينديون آھن. عوامي آگاھيءَ جون مھمون ھلائينديون آھن، جنھن ۾ ھر ماڻھوءَ جو وزن، بلڊ پريشر، شگر وغيرہ چيڪ ڪئي ويندي آھي. جيئن ثقافت جا ميلا ٿين ٿا، تيئن صحت جا عوامي ميلا به لڳاتار ڪوٺائڻ گھرجن. ھڪ ڊاڪٽر جو ڪم فقط بيماريءَ جو علاج ڪرڻ ناھي ھوندو معاشري کي بيماريءَ کان بچائڻ به ھوندو آھي، جنھن پاسي ڌيان گھٽ ڏنو پيو وڃي.

اڳ ۾ ڊاڪٽر جو ڏَسيل مشورو ۽ علاج ڪنھن به قسم جي شڪ کان بالاتر ٿيندو ھو پر ھاڻي گھڻين جڳھين تي سيڪنڊ اوپينين وٺڻ ضروري بڻجي ويو آھي. ڊاڪٽرن کي پنھنجي پيشي جي فلسفي کي سمجھڻ جي بيحد ضرورت آھي، جيڪو کين سُٺا ڊاڪٽر ئي سمجھائي سگھن ٿا. جيستائين ھڪ ڊاڪٽر ۾ انسانيت نه آھي، ھُو ڊاڪٽر بڻجي ئي نه ٿو سگھي.  ڊاڪٽر سماج جا مسيحا ٿين ٿا، تنھنڪري انھن کي مسيحا مان ڪاروباري بڻجڻ ڪڏھن به نه گُھرجي.