ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران ڪراچي ۾ پرائيويٽ گاڏين ۾ پوليس لائيٽن ( بتين)، ڪارن شيشن ۽ پرائيويٽ سيڪيورٽي گارڊن طرفان هٿيارن جي نمائش خلاف ڪارروائي جو حڪم، ان ڏس ۾ نگران گهرو وزير گهرو کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري کي خط لکي ڄاڻايو آهي ته سندس مشاهدي ۾ آيو آهي ته ڪراچي ۾ پرائيويٽ گاڏيون پوليس لائيٽس ۽ ڪارن شيشن جو استعمال ڪري رهيون آهن، پرائيويٽ گاڏيون سائرن پڻ جو استعمال ڪري رهيون آهن، اليڪشن به ويجهي آهي، ان وقت پرائيويٽ لباس ۾ ملبوس سيڪيورٽي گارڊ گاڏين ۾ هٿيارن جي نمائش ڪري رهيا آهن، گهرووزير موجب گهٽ عمر وارا( نابالغ)  ڇوڪرا بنا روڪ ٽوڪ جي ڊرائيونگ ڪري رهيا آهن، جن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، بنا لائسنس وارن کي هفتي جي مهلت ڏني وڃي ته جيئن اهي لائسنس ٺهرائي سگهن يا وري مدو ختم ٿيل لائسنس ريِ نِيو ڪرائي سگهن، هفتي بعد ڪا به رعايت نه ڪئي وڃي، قانون ٽوڙيندڙن خلاف سخت ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي، اليڪشن ماحول کي محفوظ بڻائڻ لاءِ هدايتن تي ترجيحي بنيادن تي عمل ڪيو وڃي