ڪارنهن الزام هيٺ اغوا بعد قتل ڪيل نوجوان جا وارث انصاف لاءِ  دربدر

0
178
ڪارنهن الزام هيٺ اغوا بعد قتل ڪيل نوجوان جا وارث انصاف لاءِ  دربدر
ڪارنهن الزام هيٺ اغوا بعد قتل ڪيل نوجوان جا وارث انصاف لاءِ  دربدر

لاڙڪاڻو جي سچل ٿاڻي جي حد مان 7 مهينا اڳ مبينا ڪارنهن الزام هيٺ اغوا بعد بيدرديءَ سان قتل ڪيل نوجوان علي احمد بروهي واري ڪيس ۾ ملوث مُک جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو

مقتول نوجوان جي پيرسن امڙ نور بيبي پنهنجي پٽن ابوبڪر ۽ ڀاءُ علي اڪبر بروهي سان گڏجي احتجاج ڪيو

مظاهرين دانهيو ته ڳوٺ جي بااثرن خان محمد بروهي، عبدالعزيز، خير محمد، عبدالرسول، سيف الله بروهي ۽ ٻين منهنجي نوجوان پٽ علي احمد بروهي کي ڪارنهن جي تهمت هيٺ 27 جنوري تي لاڙڪاڻي شهر جي سچل ٿاڻي جي حد پوليس ٽريننگ اسڪول ٻاهران اغوا ڪري ٽن ڏينهن بعد گهٽا ڏئي بيدرديءَ سان قتل ڪري لاش روهڙي ڪئنال ۾ لوڙهي ڇڏيو هو

نوجوان جي قتل جو انڪشاف 26 مارچ تي اڳوڻي صوبائي صلاحڪار محمد امين مينگل جي سرپئنچي ۾ جرڳي دوران ٿيو هو

وارثن موجب جرڳي جو ڪيس ڪنگا ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪرايو ويو، انڪشاف ٿيڻ کانپوءِ سچل ٿاڻي تي ڄاڻايل جوابدارن مٿان پٽ جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو جنهن کان پوءِ ٻن جوابدارن عبدالرسول بروهي، سيف الله بروهي ۽ رمضان بروهي کي گرفتار ڪري جيل اماڻي ڇڏيو

مقتول جي وارثن موجب ڪيس ۾ رمضان بروهي هاءِ ڪورٽ مان ضمانت ڪرائي ورتي آهي، جڏهن ته مُک جوابدارن خان محمد بروهي، عبدالعزيز ۽ خير محمد بروهي کي پوليس هن وقت تائين گرفتار نه ڪري سگهي

مقتول جي وارثن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته اغوا، قتل، جرڳي ۽ ڌمڪين واري ڪيس ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري نوجوان جي خون سان انصاف ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي

هي به پڙهندا

مديجي: خوني تڪرار تان وڌيڪ 7 ڄڻا قتل