سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪارساز روڊ حادثي جي مک جوابدار عورت نتاشه جي منشيات ڪيس ۾ به ضمانت منظور ڪري ورتي
عدالت 10 لک روپين جي مچلڪن عيوض جوابدار عورت جي ضمانت منظور ڪئي، ڪراچي جي ڪارساز واري علائقي ۾ گاڏيءَ جو ٽڪر هڻي پيءُ ۽ ڌيءَ کي ماريندڙ جوابدار عورت کي فوتين جي وارثن معاف ڪري ڇڏيو هو
وارثن ۽ جوابدار عورت وچ ۾ عدالت کان ٻاهر معاملا طئي ٿيڻ سبب ڪراچي اوڀر جي عدالت 6 سيپٽمبر تي حادثي واري ڪيس ۾ نتاشه جي ضمانت منظور ڪئي هئي
فريادي ڌر جي وڪيل پاران اين او سي جمع ڪرائڻ تي عدالت هڪ لک روپين جي مچلڪن عيوض نتاشه جي ضمانت منظور ڪئي هئي، ٻڌڻي دوران جوابدار نتاشه جي وڪيل موقف اختيار ڪيو هو ته نتاشه ذهني مريضه آهي، آگسٽ 2005 کان سندس علاج هلندڙ آهي