ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) ڪراچي اوڀر جي عدالت ڪار ساز حادثو ڪندڙ جوابداره نتاشا جي منشيات ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، نتاشا جي منشيات ڪيس ۾ ضمانت وارو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي عدالت چيو ته منشيات ڪيس جو نتاشا جي فوتين جي وارثن سان ٿيل معاهدي سان ڪو تعلق ناهي، انهي ڪيس جي فريادي سرڪار پاڻ آهي، عدالت چيو ته آئيس جو نشو نوجوانن ۾تيزي سان ڦهلجي رهيو آهي، وقت اچي ويو آهي ته آئيس جي نشي کي روڪيو وڃي، انهي کان اڳ جو آئيس پوري نسل کي گهيري وٺي، انهي جي روڪٿام لاءِ قدم کنيا وڃن، اعليٰ تعليم يافته نتاشا معياري زندگي گذاري رهي هئي، اهڙي عورت جو لاپرواهي سان نشي جي حالت ۾ گاڏي هلائي پيءَ ۽ ڌيءَ کي مارڻ افسوسناڪ ۽ حيرتناڪ آهي، ٻئي طرف نتاشا جي وڪيل جوڊيشل ميجسٽريٽ جي فيصلي کي سيشن عدالت ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جوڊيشل ميجسٽريٽ ضمانت ۾ اهم شاهدين کي نظر انداز ڪيو آهي، جڏهن ته نتاشا کي مقتولن جي وارثن معاف ڪري ڇڏيو آهي۔