ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اسٽار ڪارتڪ آريان جي نئين ايندڙ فلم ”عاشقي ٿري“ ٺاهڻ وارو معاملو رولڙي ۾ پئجي ويو. مشهور ڀارتي پروڊڪشن ڪمپني ٽي سيريز باضابطه طور تي اعلان جاري ڪيو آهي ته رومانٽڪ بلاڪ بسٽري سيريز جي نئين فلم تي ڪم ناهيون ڪري رهيا. ٽي سيريز ٻڌايو ته عاشقي ٿري جي پروڊڪشن يا ڊولپمينٽ ۾ ڪنهن به طرح شامل ناهيان. فلم عاشقي 1990 ۾ ٺاهي وئي هئي جنهن ۾ مرڪزي ڪردار راهول راءِ ۽ انواگروال ڪيو هو اها فلم باڪس آفس تي هٽ رهي. 2013ع ۾ فلم جو سيڪوئل ٺاهيو ويو جنهن ۾ اديتيه راءِ ڪپور ۽ شرڌا ڪپور اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا.