ڪارا رنڱج ڪپڙا ادا نيروٽي

0
14
ڪارا رنڱج ڪپڙا ادا نيروٽي

 سنڌ ۾ صدين کان،ڏهين ذوالحج، عيد الضحى کانپوءِ عزادارن جي خوشين جا ڏينهن ختم  ۽ غم  روئڻ جا ڏينهن شروع ٿي ويندا هئا،جنهن ڪري  مومنن جي اکين جي ڪنارن تي ماتم جي موسم جهڙو ماحول جڙي ويندو آهي.

 آڳاٽي دور ۾ بزرگ عزادار ، انهن ڏهاڙن ۾ شادين جا ڪاڄ ڪونه ڪندا هئا ۽ محرم الحرام ۾  نئون ڪپڙو پائڻ عيب سمجھندا هئا. انهيءَ ڪري پُراڻي  ڪپڙي کي کٽيءَ وٽ کڻي انهيءَ کي نيرَ ۾ رڱائي پائيندا هئا. نيرُ، جنهن جو رنگ نيرو هوندو هو. سنڌ ۾ سمن جي دور ۾ غم جو لباس“نيرو” هوندو هو. ڪلهوڙن جي دور تائين  به سوڳ  غم جي علامت رهيو. نيرَ ۾ ڪپڙا رڱيندڙ کي نيروٽي چيو ويندو هو. جنهن لاءِ ڀٽ ڌڻيءَ به  چيو آهي: “ڪارا رنڱج ڪپڙا، ادا نيروٽي.”

  آڳاٽي دور ۾ سنڌ ۾  نيرَ جو ڪم، هندو واپارين ڪري عروج تي رهيو. جيڪو وکر جي صورت ۾ ڏيهه ڏيساور تائين ويندو هو. نير، جنهن جو  ٻوٽو  6 فوٽ ڊگھو، سڻيءَ وانگي ٿيندو هو، جنهن کي جھنگ مان ڪپي  آڻي وڏي حوض ۾ وڌو ويندو هو، جنهن جا پن پاڻيءَ ۾ ملي ويندا هئا. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ان کي وڏي مانڌاڻيءَ سان گھمايو ويندو هو ، ڪافي دير تائين گھمائڻ کانپوءِ اهو پاڻيءَ ۾ ملي خشڪ، سخت ٿي ويندو هو جنهن جون ٽڪيون ٺاهي وڪري لاءِ مارڪيٽ ۾ موڪليون وينديون هيون. عزادار محرم الحرام جي ڏهاڙن ۾  پراڻن اڇن ڪپڙن کي کٽين کان نير ۾ رڱائي پائيندا هئا. اهڙي هڪ شاهدي ڏيڍ _ ٻه سئو سال اڳ سرجيل نامعلوم شاعره جي رچنا (اوساري) مان به ملي ٿي.

هـــــــائــــــــي هـــئي سيـــــدن نــيــرا رڱـــائــــــي ڪــيـــــا ڪـــپـــڙا،

هـــــــــائـــــــــــي هــــــــــئـــــــــــــــي سيدن ڪارا رڱائي ڪيا ڪپڙا،

تــنهنجي سيج پٺيان مـــــــاتامي، جنهن کي جھنڊا هن ساڻ،

تنهنجي دُهلن پٺيان ماتامي، جنهن کي ڪارا جھنڊا ساڻ،

تنهنجي گھوڙي پٺيان ماتامي، جنهن کي ڪارا جھنڊا ساڻ،

تنهنجي  تازين پٺيان ماتامي، جنهن کي ڪارا جھنڊا ساڻ.

سنڌ ۾ سوڳ جي علامت طور استعمال ٿيندڙ نيري رنگ بابت: عبدالواحد آريسر حليم باغيءَ  جي ڪتاب: ’اڙي شهرِ جانان‘ جي مُهاڳ ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي: “شهيدن تي ماتم ڪبو آهي ۽ ماتم جو لباس اسان وٽ ڪارو هوندو آهي، سنڌ ۾ سمن جي دور تائين ماتم جو لباس نيرو هوندو هو.” شاهه ڀٽائيءَ پڻ غم جي لباس بابت سر ڪيڏاري جي هڪ بيت ۾ هيئن چيو آهي :

مِيرَ مَدينئا نِڪري، آئِيا نه موٽي،

ڪارا رَڱِجِ ڪَپڙا، اَدا نِيروٽِي!

اَن تَنِين لاءِ لوٺِي، جي مِيرَ مُسافِرَ رانئيا.

(شاهه)

وقت گذرڻ سان سنڌ مان نير جو ڪارو بار ختم ٿي ويو. ان جي پوک نه  ٿي  ۽ نه ئي  ان جا واپاري رهيا.نير جي جاءِ ڪاري رنگ ورتي  جيڪو اڄ تائين سوڳ  جي علامت طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. ڪاري رنگ جو علامتي اظهار گھڻو واقعي ڪربلا سان آهي . تاريخ لکي  ٿي: سن 61 هجري قتلِ حسين (ع) کانپوءِ، جڏهن سادات جي لُٽيل قافلي کي لشڪرِ يزيد قيد ڪري شام  جي زندان ۾ هڪ سال تائين قيد رکيو. جڏهن يزيد پنهنجي مقصد ماڻڻ ۾ ناڪام ٿيو، سن 62 هجري ۾ سادات جي قيدي قافلي جا شرط قبول ڪندي کين آزاد ڪيو. انهن ٽن شرطن ۾ هڪ شرط ‘ڪارا ڪپڙا ’ به هئا. جيڪو اڄ تائين  احتجاجي ماتمي لباس  بڻيل آهي.

اڄ جڏهن آسمان تي پهرين محرم الحرام جو چنڊ چڙهندوآهي ته، عزادارن جون سوڳوار اکيون ڪارن ڪپڙن تي پوندي ئي ڳل ڳوڙهن سان ڀڄائي ڇڏينديون آهن. اهڙي سمي بزرگ عزادار  ڪاٺ جي صندوق مان نير رڱيل گھنجيل ڪپڙا ڪڍي آسمان ڏي نهاري ڀٽائيءَ جي درد ڀري دانهن چون : “ محرم موٽي آئيو، آئيا تان امام .”  زندگيءَ کي جاويدان بخشيدڙ هي اهو غم آهي جنهن لاءِ زمين ۽ آسمان سميت هر ذات پئي روئي . شاهه چواڻي:

حَسن، ميرَ حُسين کي، رُنو ٽِن ٽولن .

گھرِ ماڙُ هين، جھَنگِ مِرُوئين، اُڀَن ۾ مَلَڪَن،

پکين پاڻ پڇاڙيو، ته لڏيو هوت وڃن،

الا! شهزادن ، سوڀوُن ڏِئين ، سَچا ڌڻي !

جيستائين دنيا قائم آهي تيستائين ڪربلا جي شهيدن جو درد ڀريو پيغام  ڌرتيءَ تي  اڀرندڙ سج جيان روشن  /  زنده ۽ لهندڙ سج جي سرخيءَ جيان  گواهه رهندو . نيري آسمان تي پهرين محرم جي چنڊ چڙهڻ  سان  عزادارن جي گھرن ۽ عزاخانن تي بلند ٿيل علم حضرت عباس  (ع) سينگارڻ لاءِ لاهي وري بلند ڪيا ويندا آهن. گھرن ۽ عزاخانن ۾ غم حسين (ع) جا تڏا وڇائجي ويندا آهن. رات ڏينهن مٿا ۽ پير اُگھاڙا ڪري ننڍا وڏا، جوان ۽ پوڙها مجلس عزا ۽ ماتمي  جلوسن ۾  موسم جي پرواهه بنا پيا هلندا آهن آخر انهن کي ڪنهن  جو ته آشير واد حاصل آهي !! عزاداريءَ بابت منهنجي اها ئي راءِ رهي آهي ته: عزاداري امام مظلوم  عشق جي منزل آهي. جنهن کي وقت جو ڪو به طوفان روڪي نه ٿو سگھي. ماتم مان موت نه پر زندگيءَ کي حيات ملندي آهي. ڇو جو ماتمين کي فاتح شام سانئڻ زينب سلام الله عليها جي دعا آهي . انهيءَ ڪري جيستائين دنيا قائم آهي شبير مولا جو غم زنده  رهندو. عزاداري عشق ۽ هڪ معجزو آهي . محرم الحرام جي چنڊ چڙهڻ سان پوري دنيا جو رنگ تبديل ٿي وڃي ٿو. چئوڏس ماتم جون صدائون بلند ٿي وڃن ٿيون. ياحسين ؑ   شاهه حسينؑ   جون صدائون ماحول کي ماتمي بنائي ڇڏين ٿيون. پوري ڪائنات سڳوار بڻجي وڃي ٿي.  هائي هئي ڪيڏو نه اثر آهي مولا حسين ؑ   جي غم ۾!!

[email protected]