نئين دهلي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا ڪاجول جي هندو مذهب جي هڪ خاص تقريب دوران اسٽيج تان لهندي ڪرڻ جي وڊيو سندس مداحن کي ڳڻتي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. سپر هٽ فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ اداڪارا ڪاجول جي پنهنجي پٽ يوگ سان گڏ هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اداڪاره ڪاجول هڪ تقريب ۾ موجود آهي. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته تقريب ۾ اسٽيج تان هيٺ اچڻ وقت ڪاجول جو پير سلپ ٿي وڃي ٿو پر پٽ کيس بچائي وٺي ٿو. اهو سچ آهي ته ڪاجول پير ٿاٻڙجڻ سبب ڪرڻ واري هئي