لاهور(م ڊ) صدر آصف زرداري سان لاهور ۾ پنجاب جي پارلياماني وفد جي ميمبرن ۽ پارٽي جي اڳواڻن گورنر هائوس لاهور ۾ ملاقاتون ڪيون. جيالن حڪومت خلاف شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا. وفد جي ميمبرن جو چوڻ هو ته انتظامي معاملن ۾ پ پ جي ميمبرن کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو، ترقياتي فنڊن جي ورڇ وارن معاملن ۾ ترجيح نه پئي ڏني وڃي، جڏهن ته پ پ جي پارلياماني وفد تڪن جي مسئلن کان به آگاهه ڪيو. ان موقعي تي صدر آصف زرداري جو چوڻ هو ته اتحادي حڪومت سان گڏ هلڻ اسان جي مجبوري آهي، ڄاڻان ٿو ته لکت وارن معاهدن تي عمل ناهي ٿي رهيو، پ پ پارلياماني وفد ايندڙ بجيٽ تائين مسئلا حل ٿيڻ جو انتظار ڪن. اجلاس جي اندروني ڪهاڻي موجب پ پ اڳواڻن شڪايت ڪئي ته ن ليگ ترقياتي فنڊن جي ورڇ ۾ پ پ اڳواڻن کي نظرانداز ڪري رهي آهي. ايم پي اي ممتاز چانگ ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي وارداتن بابت ٻڌايو. صدر آصف زرداري خاطري ڪرائي ته پنجاب اسيمبلي جي مسئلن تي وزيراعظم سان ڳالهائيندس

اسلام آباد(م ڊ) حڪومت وفاقي ڪابينا ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيرن جي حلف برداري 27 يان 28 فيبروري تي ٿي سگهي ٿي. ذريعن موجب ن ليگ جو ايم اين اي حنيف عباسي، بلال اظهر ڪياني، بيرسٽر عقيل کي وزير بڻايو ويندو. ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، مختيار احمد ڀرٿ به ڪابينا ۾ شامل ٿيندا. اختر ڪانجو، علي زاهد، جنيد چوڌري، رومينه خورشيد، معين وٽو، نوشين افتخار کي به ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويندو. ذريعن موجب مشاورت مڪمل ڪئي وئي آهي. پ پ دعوت باوجود ڪابينا ۾ شموليت کان انڪار ڪيو