ڪابل (م ڊ) افغانستان جي راڄڌاني ڪابل ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ حقاني نيٽ ورڪ جو سينيئر اڳواڻ ۽ افغان وزير خليل الرحمان حقاني مارجي ويو، افغان گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته مهاجرن جي معاملن بابت وزارت جي عمارت ۾ ڌماڪو ٿيو، مارجي ويل خليل الرحمان حقاني افغان گهرو وزير سراج الدين حقاني جو چاچو ۽ حقاني نيٽ ورڪ جي باني جلال الدين حقاني جو ڀاءَ هو، ڌماڪي بعد پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وزارت جي عمارت کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، افغان اختيارين آپگهاتي ڌماڪي جو شڪ ظاهر ڪندي چيو ته هيل تائين ڪنهن به گروپ ڌماڪي جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي.