ڪابل(م ڊ) افغانستان جي گادي واري هنڌ ڪابل ۾ زوردار آپگهاتي ڌماڪو ٿيو، نتيجي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا 13 زخمي ٿي پيا، ڌماڪو گادي واري هنڌ جي ڏاکڻي علائقي ۾ ٿيو، ڪابل پوليس جي ترجمان خالد زادران ايڪس تي پوسٽ ۾ ٻڌايو ته بارود سان ڀريل خودڪش جيڪيٽ پاتل شخص پاڻ کي ڌماڪي سان اڏايو، ڌماڪي سان هڪ عورت سميت 6 ڄڻا مارجي ويا 13 زخمي ٿيا، جن مان ڪجهه جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. گهرو وزارت جي ترجمان عبدالمتين قني به ڪابل ۾ ڌماڪي ۽ مارجي ويلن جي تصديق ڪئي. فوري طور تي حملي جي ذميواري ڪنهن به قبول نه ڪئي. پوليس ترجمان موجب اهو ڌماڪو ڏکڻ ڪابل جي علائقي قلعه بختيار ۾ ٿيو واقعي جي جاچ جاري آهي.