ڪابل (م ڊ) ڪابل ۾ اسڪول ٻاهران ڌماڪي ۾ مارجي ويلن جو انگ 68 ٿي ويو، افغان طالبان حملي کان لاتعلقي جو اظهار ڪري ڇڏيو، افغانستان جي راڄڌاني ۾ اسڪول ٻاهران جمعي ڏينهن ٿيل بم ڌماڪي ۾ 150 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، واقعي ۾ مارجي ويلن ۽ زخمين ۾ سڀ کان وڌيڪ تعداد شاگردن جو آهي. افغان حڪومت واقعي تي اڱاري ڏينهن سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي، افغان صدر اشرف غني طالبان کي ڌماڪي جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو. ٻئي طرف افغان طالبان الزام جي سختي سان ترديد ڪندي چيو آهي ته ان ڪارروائي ۾ ڪابل انتظاميه جي سرپرستي ۾ داعش جي نالي تي ڪم ڪندڙ عنصر ملوث آهن. افغان طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد ڪابل ڌماڪن جي مذمت ڪندي حملي ۾ عام شهرين کي نشانو بڻائڻ ۽ ڳري نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو.