آمريڪي شاعره ۽ ڪهاڻيڪارا مرائيل رڪيسر هڪ ڀيري چيو هو ته، ‘هِيءَ ڪائنات ايٽمن جي نه پر ڪهاڻين جي ٺهيل آهي!’ ڪهاڻيون اسان کي نه صرف سماج ۾ موجود رجحانن جي باري ۾ ٻُڌائينديون آهن، پر تاريخي واقعن، حادثن ۽ سانحن کي بيان ڪرڻ لاءِ لکڻ جي بهترين صنف پڻ آهن. ان لاءِ ته هڪ ليکڪ پنهنجي صلاحيتن کي ڪتب آڻي شاهڪار تحريرن کي جنم ڏيندو آهي ۽ پوءِ انهن جو اثر صدين تائين پيو هلندو آهي. ادب جي متعلق ڄاڻ رکندڙ ان ڳالهه جو ادراڪ رکن ٿا ته ڪڏهن اهي ڪهاڻيون تمثيلي هونديون آهن، ته ڪڏهن ڪُجهه تلخ حقيقتن کي نرم لفظن جو لباس اوڍائي پيش ڪيو ويندو آهي. اها پڻ حقيقت ته، هڪ شاهڪار ڪهاڻي، پڙهندڙ جي مٿان جادوءَ جو ڪم ڪندي آهي. اهو جادو، جيڪو اسان جي جيون ۾ وڏي تبديليءَ جو محرڪ بڻجندي ٿو….پوءِ اهي ڪهاڻِيون، افسانوي ڍنگ ۾ هجن يا سَچيون.
زندگيءَ جي کوڙ سارين سچين ڪهاڻين مان هڪ هِيءَ به آهي ته، اسان نه چاهيندي به سماج جي هر شعبي ۾ هڪ تڪڙي مٽا سٽا (Rapid Transition) جي عمل مان گُذري رهيا آهيون، جنهن کي ڪجهه گهڙين لاءِ ته ننڍڙي ٻارن جيان ضِد ڪري نه وٺڻ جي ڪوشش ڪريون، پر ڪجهه دير ۾ ساڳي شئي لاءِ ايلاز، منٿون پڻ ڪندي ملون ٿا! ان لاءِ ننڍي کنڊ جي سڄي تاريخ ڀري پئي آهي. نئين ايندڙ شين جي هڪ ڏينهن مخالفت ته ٻئي ڏينهن پاڻ ئي ان شئي جو ڀرپور استعمال….اهو سڀ ڪجهه جيڪو اسان جي معاشري ۾ هاڻي برپا ٿئي پيو، يورپ سوين سال اڳ اهي منزلون پار ڪري انهن جهنجهٽن مان پاڻ کي آزاد ڪرايو بيٺو آهي.
سماج جي ان تبديليءَ ۽ هڪ اهڙي ناول جو ذڪر ڪجي ٿو، جنهن جي ڪهاڻي پڻ عجيب آهي. اهو فرانس ۾ 1856ع جو سال هو، جڏهن هڪ نئين ليکڪ اهڙي قسم جو ناول لکيو، جنهن جي شايع ٿيڻ کانپوءِ فرانس جي معاشري ۾ بيچيني ۽ ڪاوڙ جي لهر پکڙجي وئي. وري ٿيو ائين جو بجاءِ جو ان ناول کي ڪٿي ٻنجو اچي، ٻئي سال يعني 1857ع ۾ ان کي ‘بيسٽ سيلر’ جو اعزاز حاصل ٿي ويو. هِي اُهو ساڳيو ئي سال آهي، جنهن ۾ هندستان ۾ انگريز سرڪار خلاف ميرٺ ۾ بنگال آرمي جي سپاهين بغاوت جي شروعات ڪئي. اڳتي هلي انگريزن پنهنجي حرفت ۽ طاقت سان ديسي سپاهين جي ان بغاوت کي ڪيئن ختم ڪيو، اهي الڳ ڪهاڻيون آهن. هتي ڳالهه فرانس کان شروع ٿي آهي ته ان سال پيرس جي هڪ عدالت ۾ مشهور فرينچ ناول ‘مادام باوري’ جي مصنف گستاف فلابرٽ، پبلشر ۽ پرنٽر خلاف مقدمو هلي رهيو هو. هن ناول تي جتي ڪيترائي الزام هئا، اتي مُک هِي هئا ته، ناول ‘مادام باوري’ ۾ زناڪاري، فحاشي ۽ مذهب جي توهين ڪئي وئي آهي. ڪيس هلندي ڪيترائي ڀيرا ايئن به ٿيو ته جن ماڻهن ناول خلاف ڪورٽ سان رجوع ڪيو هو، ججَ، انهن کان ناول جي مواد متعلق معلوم ڪرڻ چاهيو ته خبر پئي ته انهن مان ڪنهن به ‘مادام باوري’ جو مطالعو ئي نه ڪيو آهي. جنهن جي ڪري استغاثه هر ڀيري مجبور ٿي هٿ کنيو پئي! نتيجي ۾ ناول جو ليکڪ گستاف فلابرٽ ڪيس مان باعزت بري ٿي ويو.
ناول ‘مادام باوري’ جو ٿيم ڪجهه هن ريت هو ته، تصورن ۾ رومانس جون خوبصورتيون ماٿريون، ناول جي هيروئن ۽ ان جي مڙس کي زوال جو شڪار بنائي ڇڏين ٿيون! جنهن لاءِ جڏهن هن ناول تي پهرين فلم ٺاهي وئي ته فلابير جو ڪردار نڀائندڙ جيمز ميسن ناول جي ٿيم جي دفاع لاءِ اڳتي آيو. ناول جي ٻوليءَ تي اهو الزام آندو ويو ته اها بازاري ۽ فحش آهي. ايتري تائين جو ڪجهه منظرن ۾ جنسي حرڪتن کي ايترو ته کولي ۽ تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي جو قاريءَ ڪڏهن به اهڙي قسم جي لکڻي نه پڙهي هئي. ماڻهن جو مطالبو هو ته اهڙي قسم جي ٻوليءَ ۽ بيان تي هڪدم پابندي مڙهي وڃي. ڇاڪاڻ ته اها سماج ۾ فحاشيءَ کي وڌائي ٿي. ساڳئي وقت ڪجهه ماڻهن ٿورو وڌي اهو پڻ الزام آندو ته، فحاشي ۽ عرياني پنهنجي جاءِ تي پر مصنف ان کي مقدس هجڻ جو درجو ڏئي پيو. جيئن ناول ۾ هڪ جاءِ تي ايما نالي هڪ عورت ڪردار جڏهن روڊلف سان ميل ڪري واپس گهر آئي ته هن آئيني جي سامهون بيهي پنهنجي جسماني بيهڪ جو جائزو ورتو ۽ خدڪلامي ڪندي چوڻ لڳي، “منهنجو هڪ عاشق آهي….ها هڪ اهڙو مرد، جيڪو مون تي مري جيئي ٿو.” ناول ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته، ايما، بيخوديءَ جي جهان ۾ ايتري ته گُم ٿي وئي آهي جو روڊلف سان ڪيل جنسي عمل کي پنهنجو حق سمجهي رهي هئي. اهو حق، جنهن لاءِ هُوءَ ورهين کان بيچين هئي. هن کي شدت سان انهن پرمسرت لمحن جو انتظار هو. هُوءَ هڪ شاندار ۽ باڪمال تجربي مان گذري آهي، جيڪو جذبات سان ڀرپور ۽ پرلطف هو. ناول ‘مادام باوري’ ۾ ايما جي ڪردار پنهنجي محبوب کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي مڙس مٿان ترجيح ڏني. هن جي چهري تي ڪِريم، ڪپڙن تي خُوشبوءِ وارو پرفيوم نه پر محبوب جو خيال ئي ڪافي هو.
اهڙين حالتن ۾ ڪو به معاشرو قبول نه ڪندو ته هڪ شادي شده عورت پنهنجي محبت کي جسماني طور حاصل ڪرڻ لاءِ مڙس سان بيوفائي ڪري. عام ماڻهن ته نه اهو ناول پڙهيو، نه ئي سمجهيو، البته جن ناول پڙهيو، اُنهن ٻڌايو ته ڪهاڻيءَ ۾ زنا کي فروغ ڏنو ويو آهي ۽ معاشري کي ان طرف راغب ڪرڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪيو ويو. نتيجي ۾ ناول جي ليکڪ، پبلشر ۽ پرنٽر خلاف وڏي پئماني تي مهم شروع ٿي وئي. عوام ۾ اهو خوف پڻ پکڙجي ويو ته اهڙين تحريرن سان ادب ۾ فحاشي ۽ عريانيءَ جا رستا کُلي ويندا، پر شايد اهو ڪجهه ماڻهن جو خيال هو. فرانس جي سماج ۾ اڪثريت اهڙن ماڻهن جي هئي، جن ان ناول کي تمام گهڻو پسند ڪيو. نتيجي ۾ ناول ‘مادام باوري’ خلاف ڪيس پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو. ناول جي ليکڪ گستاف فلابرٽ، ناشر ۽ پرنٽر کي سڀني الزامن مان آجو قرار ڏئي مقدمي کي خارج ڪيو ويو. فرانس ۾ هلندڙ اهو ڪيس سڄي دنيا لاءِ مثال بڻجي ويو. ادب ۾ انهن ليکڪن جا رستا کُلي پيا، جيڪي پنهنجي تحريرن ۾ ذهني آسودگيِءَ سان لکڻ جا حامي هئا. هنن جو شروع کان مطالبو هو ته هُو ڪهاڻيءَ ۾ اهڙن سڀني جزن جي باري ۾ به پڙهندڙن کي معلومات ڏيڻ چاهين ٿا، جيڪي هنن جي شعور ۽ جاڳرتا کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿين.
ناول ‘مادام باوري’ گستاف فلابرٽ جو پهريون ناول هو، جيڪو هن مسلسل پنجن سالن جي محنت کانپوءِ لکي پورو ڪيو هو. گستاف، جيتوڻيڪ ڪيس ته کٽي ورتو، پر هُو سڄي عمر ان ناول مان خُوش نه ٿي سگهيو. هُو ڄاڻي پيو ته سماج ۾ نام نهاد قدرن جو علمبردار طبقو ڪڏهن به هن جي لکڻين مان مطمئن نه ٿي سگهندو. اهڙي قسم جو اظهار هن پنهنجي سوانح حيات ۾ پڻ ڪيو. هڪ طرف ناول جي ليکڪ گستاف فلابرٽ جي اندر جي بيچني ته ٻئي طرف وقت سان گڏ ناول جي قدر ۽ قيمت ۾ ڪڏهن به گهٽتائي نه ٿي. ان ڪري تواتر سان ناول ‘مادام باوري’ شايع ٿيندو رهيو ته ان جي پلاٽ تي فلمون پڻ ٺهنديون رهيون. هن وقت به ‘وِڪي پيڊيا’ تي ناول کي سرچ ڪندا ته هن تي توهان کي هڪ ڊزن کان وڌيڪ موويز ٺهيل ملنديون. پهرين فلم 1932ع ۾ ‘ان هولي لوِ’ جي نالي سان ٺاهي وئي. ناول تي آخري فلم 2014ع ۾ ‘مادام باوري’ جي نالي سان ٺهي. دلچسپ ڳالهه ته بالي ووڊ وارن به سال 1993 ۾ ‘مايا ميم صاب’ جي نالي سان ان ناول تي فلم ٺاهي. هن فلم ۾ توهان شاهه رخ خان کي ڏسي سگهو ٿا. مضمون کي هن نوٽ تي پورو ڪجي ٿو ته هن ڪائنات جي هر ذري جي پويان هڪ پُوري ڪهاڻي پئي آهي. اياز گُل ٺيڪ لکيو هو:
ڏُکَ جي نه پُڄاڻي آ،
هر شخص ڪهاڻي آ.