ڪائنات جي شروعات، بليڪ هول ۽ گيليڪسين جي ڪهاڻي … الفت حسين پتافي

0
38
ڪائنات جي شروعات، بليڪ هول ۽ گيليڪسين جي ڪهاڻي ... الفت حسين پتافي
This illustration provided by the European Southern Observatory in February 2024, depicts the record-breaking quasar J059-4351, the bright core of a distant galaxy that is powered by a supermassive black hole. The supermassive black hole, seen here pulling in surrounding matter, has a mass 17 billion times that of the Sun and is growing in mass by the equivalent of another Sun per day, making it the fastest-growing black hole ever known. (M. Kornmesser/ESO via AP)

 تيرنهن ارب ٽيهٺ ڪروڙ سال اڳ بگ بينگ ڌماڪي جي نتيجي ۾ موجوده ڪائنات جنم ورتو. هاڻي بگ بينگ ڇو ٿيو، ڪنهن ڪيو ان جي في الحال سائنس کي خبر نه آهي.بگ بينگ هڪ ائٽم کان به ننڍي، کربين ڊگري سينٽي گريڊ (لامحدود گرمي پد)، لامحدود گهاٽائي density واري نقطي اندر ٿيو، ان نقطي کي سنگيوليرٽي singularity چئبو آهي. سولي سنڌي ۾ هن وقت ڪائنات ۾ موجود سموري توانائي ۽ مادو ان سنگيوليرٽي ۾ بند ھو. ان نقطي جي آسپاس ڪجهه به نه هو، ڪجهه به نه مطلب ڪجهه به نه. ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ڦهلاءَ expansion جو جنم ٿيو ۽ ان نقطي مان ئي سموري اسپيس، ٽائيم، سڀ مادو ۽ انرجي جنم ورتو. مطلب ته اسپيس يا خلا به موجود نه هئي جنهن ۾ ڦهلاءَ ٿئي، بگ بينگ خود اسپيس کي به جنم ڏنو.جيئن ڦهلاءَ شروع ٿيو ته ڪجهه سيڪنڊن اندر ئي ڪائنات جو ڦهلاءَ اربين ڪلوميٽر ٿي چڪو هو. جيئن ته ٿرموڊائنامڪس جو قانون آهي ته ڦهلاءَ جي نتيجي ۾ گرمي پد ڪري پوندو آهي. مثال طور گهرن ۾ لڳل ايئرڪنڊيشن به expansion and compression جي بنياد تي گرمي پد ڪنٽرول ڪندا آهن.ڌماڪي جي شروعاتي مرحلن ۾ ڦهلاءَ جي ڪري سمجهو ته ان وقت جي اوائلي primitive or baby universe جو کربين سينٽي گريڊ گرمي پد اربين ڊگريز تائين پهتو، مطلب ته ڪولنگ اسٽارٽ ٿي وئي.ڪائنات ۾ موجود مادو نوانوي سيڪڙو هائڊروجن گيس تي مشتمل آهي، هائڊروجن گيس نه. هائڊروجن هڪ سمپل يا سادو ائٽم آهي جنهن جي نيوڪليئس ۾ هڪ پروٽان ۽ هڪ نيوٽران هوندو آهي ۽ ان جي ٻاهران صرف هڪ اليڪٽران گردش ڪندو آهي.

ايتري گرمي پد تي مادي جو موجوده شڪل، ليڪوئيد سالڊ، گيس ۾ سرجڻ نا ممڪن هو ڇو ته ايترو گرمي پد اليڪٽران کي نيوڪليئس جي ٻاهران ويهڻ نه آهي ڏيندو.مادي جي اهڙي صورت کي plasma state چئبو آهي. ڦهلاءَ ٿيندو رهيو ۽ گرمي پد گھٽجندو رهيو ۽ آخر ڪار هائڊروجن ائٽم جنم ورتو. هائڊروجن ائٽم جي جنمڻ سان شروعاتي ڪائنات اندر مادي جو وجود ظاهر ٿيو، هاڻي جتي مادو يا مايو هوندو اتي مائي گريوٽي جو هجڻ اوس آهي. ياد رهي ته ڪائنات جي چار بنيادي فورسز four fundamental forces of nature ۾ گريوٽي ڪمزور ترين فورس آهي، پر مايي جي جسامت ڪري هو ايتري پاورفل ٿي ويندي آهي. شروع جا ٻه لک سال سلسلو ڪجهه ائين ئي هلندو رهيو ۽ ڦهلاءَ ۽ ڪولنگ افيڪٽ ڪري هائڊروجن ائٽم ٺهندو ويو ۽ معمولي مقدار ۾ ليٿيم ائٽم پڻ.گريوٽي جي ڪري مائڪرو ليول تي هائڊروجن ائٽم هڪٻئي ڏانهن ڇڪجڻ شروع ٿيا ۽ ڪائنات ۾ مختلف جاين تي clumps of hydrogen atom هائڊروجن ائٽمز جا جهڳٽا ٿيڻ لڳا. نتيجي ۾ مختلف جاين تي هائڊروجن ائٽم جا بادل clouds of hydrogen جڙڻ لڳا. جيئن انهن بادلن جو مايو وڌيو ته گريوٽي به وڌي، نتيجي ۾ وڌيڪ ائٽم گڏ ٿيڻ لڳا ۽ وڏي پئماني هائڊروجن جي بادلن جي جسامت وڌڻ لڳي. جتي ائٽم ڳتيل هوندا اتي ائٽمن جو ٽڪراءَ به ٿيندو، ٽڪراءَ ٿيندو ته گرمي به وڌندي ۽ پريشر به وڌندو ته سينٽر ۾ ائٽمن جو تعداد به وڌندو. تقريبن ڏيڍ لک سال اهو ڪجهه ٿيندو رهيو ڪائنات ۾.

شروعاتي ٽي چار لک سالن ۾ ڪائنات ننڍي هجڻ ڪري هائڊروجن ائٽمز جي concentration به وڌيڪ هئي ته availability به وڌيڪ هئي نتيجي ۾ تمام وڏا گهاٽا ڪڪر يا هائڊروجن جا بادل ٺهندا ويا. انهن بادلن جي سينٽر ۾ ٽيمپريچر هڪ ڪروڙ ڊگريز تائين پهچي ويو ۽ پهرين پروٽو اسٽار (مطلب ته ستاري جو آنو ) جو جنم ٿيو.

پروٽو اسٽار جي سينٽر ۾ جڏهن ڏيڍ ڪروڙ تائين گرمي پد پهتو ته تقريبن ساڍا ٽي کان چار لک سال اڳ ڪائنات ۾ پهرين روشني جو ڪرڻو نمودار ٿيو ۽ سينٽر ۾ ڌماڪي سان فيوزن fusion reaction اسٽارٽ ٿيو ۽ ڪائنات جي انجڻ اسٽارٽ ٿي وئي، پهريون ستارو روشن ٿي ويو. جي بلڪل پهريون ستارو ڪائنات جي جنم وٺڻ کان چار لک سال پوءِ جنم ورتو.

جيئن ٻڌائي آيا آهيون ته شروع ۾ هائڊروجن ڪنسنٽريشن وڌيڪ هجڻ ڪري شروع وارا ستارا به تمام وڏي جسامت وارا هئا. هاڻي جيتري انجڻ وڏي هوندي اوترو فيول به وڌيڪ سڙندو، رينج روور گاڏي ۽ مهراڻ ڪار ۾ فرق ته هوندو آهي .

انهن تمام وڏي جسامت رکندڙ ستارن کي بلو اسٽار چئبو آهي. جيئن ته سج اندر تيرنهن لک زمينون سمائجي سگهجن ٿيون، اهڙي طريقي شروع وارن ستارن ۾ ڪروڙين سج سمائجي سگهجن پيا.ڪائنات جو ڦهلاءَ جاري هو ۽ اهڙا ستارا شروعاتي ڪائنات ۾ جنم وٺي چڪا هئا. سج جي جسامت رکندڙ ستارا لڳ ڀڳ ڏھه ارب سال جيئرا رهندا آهن پر شروعاتي ستارا وڌيڪ فيول کائڻ ڪري صرف ڪجهه لک سال ۾ ئي سارو فيول چٽ ڪري فنا ٿي ويندا آهن. سو ڪائنات جي شروعاتي ويھه پنجويهه لک سالن ۾ ئي اهي وڏا ستارا پنهنجو فيول ختم ڪري هائپر نووا ڌماڪي ۾ فنا ٿي ويندا هيا.

هاڻي اچون ٿا اصل مدي تي:

هائپرنووا ڌماڪي ۾ اهي ستارا پنهنجي پاڻ مٿان ئي ڪوليپس ٿي ويندا آهن، جيئن اوهان مٽي جو ڍڳ ڪندا وڃو پر بنياد ايترو ويڪرو نه رکندئو ته هڪ خاص اوچائي کان پوءِ بغير ويڪري بنياد جي مٽي جو ڍير پنهنجي پاڻ مٿان ئي ڪري پوندو، ڊهي پوندو، collapse ٿي ويندو جيئن سوويت يونين collapse ڪري ويو هو.

ان super collapse يا هائپرنووا ڌماڪي ۾ ستاري جي ڪور، ڳڀ يا ڀڀ ۾ ايترو ته پريشر ۽ ٽيمپريچر ٿي ويندو آهي جو ڪائنات جي شروعاتي لمحن وانگر مادو پنهنجو وجود وڃائي ويهندو آهي ۽ پلازما ۾ واپس تبديل ٿي ويندو آهي. جڏهن ايترا وڏا ستارا ھائپر نووا ڌماڪو ڪندا آهن ته اهي سپر massive بليڪ هول ۾ تبديل ٿي ويندا آهن.

ائين ڪائنات ۾ شروعاتي بليڪ هول جو جنم ٿيو جيڪي بنيادي طور تي وڏن ستارن جي موت جو نتيجو هوندا آهن.

سو Collapse ٿيل ڪور ۾ تمام گهڻو مادو جمع ٿي وڃڻ ڪري اتي ايتري ته گريوٽي ٿي ويندي آهي جو اتان روشني به ٻاهر نه آهي نڪري سگهندي، ان ڪري ان کي بليڪ هول يا ڪاري بلا چئبو آهي.

گيليڪسين جو ٺهڻ:

هن وقت ڪائنات ۾ تقريبن ٻه هزار ارب گيليڪسيون آهن، گهڻي ڀاڱي هر گيليڪسي جي سينٽر ۾ هڪ super massive بليڪ هول هوندو آهي.

مختصرن، جڏهن بليڪ هولز جو جنم ٿيو ته انهن پنهنجي بي پناهه گريوٽي جي ذريعي شروعاتي ستارن سان ڳتيل ڪائنات جي صفائي ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي. بليڪ هولز پنهنجي آسپاس جي ستارن کي ڳڙڪائڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجي جسامت ۾ واڌارو ڪندا ويا ۽ ان بليڪ هولز جي آسپاس گيليڪسيون ٺهنديون ويون.

بليڪ هولز پنهنجين پنهنجين گيليڪسين ۾ موجود ستارن لاءِ اعلان ڪرائي ڇڏيو ته بابا اوهان وٽ ٻه رستا آهن، هڪ ته آڻ مڃو ۽ منهنجو طواف ڪندا رهو يا اوهان جي وجود جي سلامتي جو ضامن ڪير به نه ٿيندو. ان ڏينهن کان اڄ ڏينهن تائين مسڪين ستارا پنهنجي پنهنجي گيليڪسي ۾ بليڪ هول جو طواف ٿا ڪن پيا، جن کي ٿوري مڳي هوندي آهي ته ۽ اهي بليڪ هول جي پاڙي ۾ اچي کشٽ ڪندا آهن ته انهن کي بليڪ هول گرهه ئي هڪ ڪندو آهي. سولي سنڌيءَ ۾ گيليڪسيون وڏيرن يا بليڪ هولز يا ڪارين بلائن جون ڪيٽيون هونديون آهن جتي هو ڪنهن مسڪين کي اصل نه سهندا آهن. سمجهداري ان ۾ هوندي آهي ته ستارا هڪ خاص فاصلي تي ئي بليڪ هول جي سلامي ڀرين يا پنهنجو وجود وڃائي ويهن.

اسانجي پنهنجي ملڪي وي گيليڪسي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه سئو کان پنج سئو ارب ستارا آهن. ملڪي وي گيليڪسي جي سينٽر ۾ به هڪ بليڪ هول ڪاري بلا ويٺل آهي جيڪا گذريل تيرنهن ارب سالن کان راڄ ٿي ڪري پئي. هن بليڪ هول جو سائنسي نالو سيجيٽيريس اي Sagittarius A آهي. سج به هن وقت تائين سلامت ان ڪري آهي جو هو هڪ محفوظ فاصلي تي ئي پنهنجو ونهوار رکيو پيو اچي ۽ پنهنجو طواف هر  پنجويهه ڪروڙ سالن ۾ باقائدگي سان پورو ڪندو پيو اچي.

اهي ته ٿي ويا سپر بليڪ هول، ان کان علاوه هر گيليڪسي ۾ جيڪي ستارا سج کان ڏهوڻ يا ان کان وڏا هوندا آهن ته اهي به پنهنجي موت کان پوءِ بليڪ هول ۾ تبديل ٿي ويندا آهن. صرف اسانجي گيليڪسي ۾ ئي ڪروڙين ننڍا وڏا بليڪ هول آهن. سج جي سائيز وارا ستارا بليڪ هول ۾ نه پر پهرين ريڊ ڊارف ستاري ۽ آخر ۾ وائيٽ ڊارف ستاري ۾ تبديل ٿي ويندا آهن. هاڻي ڪجهه سوالن جا جواب ته، بليڪ هول جي روشني ته هوندي نه آهي پوءِ خبر ڪيئن پئي ته بليڪ هول هوندو آهي؟

جواب، سئو سال اڳ آئنسٽائين پنهنجي جنرل ٿيوري آف رليٽيوٽي (جنهن کي اڄڪلھه مان پڙهان ٿو پيو، انگريزي نه پر ميٿ جي زبان ۾) ذريعي پنهنجي ايڪوئيشن جي ساليوشن طور ٻڌائي ويو ته ڀائو منهنجي ميٿ جي حساب سان بليڪ هول هجڻ کپن، انهن جون هي هي خاصيتون هونديون آهن. ڪجهه ڏهاڪن کان پوءِ جڏهن ٽيلي اسڪوپ ٺهي ۽ ستارن جي حرڪت motion کي اسٽڊي ڪيو ويو ته خبر پئي ته ڪيترائي ستارا بظاهر خالي پيل جاءِ تي ڪجهه عجيب غريب نموني حرڪت ٿا ڪن، جيئن وڏيري جي اڳيان پويان ان جا ڇاڙتا چاپلوسي ڪندا آهن. وڌيڪ ڪيلڪيوليشن ذريعي خبر پئي ته ستارن جو اهڙو chaotic behavior ڪنهن طاقتور گريوٽي جي ڪري آهي ۽ ايتري گريوٽي صرف بليڪ هول جي ڪري ئي هوندي آهي. اهو ڪجهه ٻيو نه پر بليڪ هول ئي ٿي سگهي ٿو ٽي سال اڳ پهريون دفعو بليڪ هول جي تصوير به ڪڍي وئي هئي. اها تصوير ڪنهن 10 ميگاپڪسل ڪيمرا واري موبائل سان نه پر هزارين ٽيرا بائيٽس جي ڊيٽا ذريعي جوڙي وئي آهي.اوهان جيڪڏهن چاهيو ته زمين کي به بليڪ هول ۾ تبديل ڪري سگهو ٿا. بس سموري زمين کي نپوڙي squeeze ڪري هڪ چانور جي داڻي جيترو ڪري ڇڏيو ته زمين به هڪ بليڪ هول ٿي ويندي….. (فيس بوڪ تان ورتل)