ڪئنال 25 سال پراڻو معاملو آهي. پرويز مشرف جي دور ۾ ڪالاباغ جو اشو زور شور سان اٿاري سنڌي قوم کي ان ۾ مصروف رکي پنجاپي ٿل ڪئنال، گريٽر ٿل ڪئنال، چشما رائيٽ بئنڪ ڪئنال کي پڪو ڪرڻ ۽ ان جي گنجائش ۾ واڌاري جو ڪم، ڪڇي ڪئنال، ريڻي ڪئنال ۽ سنڌو مان نڪرندڙ لنڪ ڪئنالن جي گنجائش ۾ واڌارو ڪري انهن کي ٻارهو ئي وهائڻ وارن منصوبن کي سنڌين جي اکين اڳيان بنا ڪنهن اعتراض يا مزاحمت جي سڪون سان ٺاهي ويا.
سنڌي رڳو ڪالاباغ ڊيم نامنظور جا نعرا هڻندا، پنهنجي دل خوش ڪندا رهجي ويا.25 سالن کان پوءِ جڏهن پنجابين سمنڊ تائين سنڌ جي زمين پنهنجي ملڪيت ۾ وٺڻ واري منصوبي کي عملي جامو پهرائڻ شروع ڪيو ته اوچتو ئي اوچتو سنڌي قوم کي ياد ڏياريو ويو ته پنجابي درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍي درياءَ سڪائي رهيا آهن. سنڌي ويچاري قوم کان ڪالاباغ ڊيم وسري ويو ۽ 6 ڪئنالن جي ڪيڏاري تي ماتم ۾ مصروف ٿي وئي. ماتم جي مصروفيت ۾ پنهنجي پيرن هيٺان تيزيءَ سان کسڪندڙ پنهنجي ڌرتي جو احساس شايد 25 سالن کان پوءِ ٿيندو
تيستائين 6 ڪئنالن جو. ڪيڏارو پڙهندڙ ملائڪن جي نوازشات سان ٻاهرين ملڪن ۾ ملڪيت ٺاهي آرام سان سيٽل ٿي ويندا. باقي رهندي ماتمي مسڪين قوم سا جڏهن نوحه خوانن جي خاموشي کان پوءِ ڪنڌ ورائي ڏسندي ته فلسطينين وانگر پنهنجي ئي ڌرتيءَ جي ملڪيت کان محروم ٿي چڪي هوندي.