بدين (رپورٽر) بدين ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف پيادل مارچ، پريس ڪلب اڳيان جلسو ڪيو. تفصيل موجب قومي عوامي تحريڪ پاران ڪئنالن جي مستقل خاتمي، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ بدين ضلعي ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف اياز لطيف پليجو، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ شازيه احمداڻي، بختاور جمالي، عبدالله چانڊيو، سانول گوپانگ، بچل احمداڻي، رشيد گوپانگ، حسين درس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھزارين ماڻهن اﷲ والا چوڪ کان پيادل مارچ ڪيو جيڪو شھر جي مختلف علائقن مان ٿيندو پريس ڪلب بدين وٽ پھتو جتي جلسي عام ۾ تبديل ٿي ويو، پيادل مارچ ۾ عورتن وڏي تعداد شرڪت ڪئي ان موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ سان وڏو فراڊ ۽ دوکو ٿيو آهي، سنڌ جون زمينون ۽ پاڻي کسيو ويو هو ان جي حوالي سان سنڌ جي ماڻهن کي ٺڳي، سازش، اٽڪل ۽ دوکو ڪري چيو ويو تہ ڪم ٿي ويو ڪئنال ڪون ٿا ٺهن، سنڌ جا ماڻهو جيڪي روڊن تي هئا انهن کي چيو ويو گهر ويهي رهو۔ هاڻ ليٽر نڪري ويو آهي،ڪميٽي ٺاهي آهي سنڌ جون زمينون ڪون وينديون ۽ وزير صاحب اچن پيا ڳالهين لاء ۽ پوء سڀ گم ٿي ويا. هن چيو ته نه زمينون واپس ٿيون، نه ڪارپوريٽ فارمنگ ختم ٿي، نه ئي ڪئنال ختم ٿيا هاڻ ته چون ٿا وڌيڪ ڊيم ٿا ٺاهيون هاڻ ھن وقت مٿي مينهن پيا آهن جبلن تي جتان عارضي پاڻي ايندو جيئن هر سال ايندو آهي ۽ ماڻهو سمجهن ٿا بس پاڻي اچي ويو۔ هن چيو ته وڏيرا جاگيردار، سردار، مرشد لڪل آهن، پر ھن گرمي ۾ اياز لطيف پليجو، سنڌياڻي تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ جا ڪارڪن پنهنجي درياھ، زمينن، وسلين کي بچاءُ لاءِ ميدان تي بيٺا آهن سنڌ جي ھر شھر ۽ ڳوٺ کي مزاحمت جو قلعو ٺاھينداسين آئون سنڌ کي سمھڻ نه ڏيندس ، چوڪيدار وارو ڪم مليل آهي، ستلن کي جاڳائيندا رھنداسين هي ڊگهي جدوجهد آهي، سنڌ جي چوري ڪيل ملڪيت واپس ڪرائينداسون.اياز لطيف پليجي چيو ته توھانکي غلط فھمي آھي ته سڄي سنڌ ڪا حڪمران وڏيرن، سردارن، مرشدن، وزيرن، ڪامورن ۽ کرب پتين وانگر ھيڻي، موقعي پرست ۽ ڀاڙي آھي، سنڌ جي پورھيتن ۽ ھيٺين وچولي طبقي جو ٻچو ٻچو پنھنجي وطن، ڪئنالن خلاف آخري گھڙي ۽ آخري فتح تائين وڙھندو.