حيدرآباد(بيورو رپورٽ) جيئي سنڌ محاذ طرفان سنڌو درياءَ تي ڪئنال اڏڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف جدوجهد ڪندڙ سياسي، سماجي، قومپرست ۽ وڪيل اڳواڻن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو، آجياڻي ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنالن خلاف هلندڙ تحريڪ کي وڌائڻ تي زور ڏيندي ٺهراءُ پڻ منظور ڪيا ويا، جن ۾ گهر ڪئي وئي ته سنڌو درياءَ تي ٺھندڙ ڪئنالن واري منصوبي جو مڪمل خاتمو آڻي درياءَ تي ڊيمن ۽ ڪئنالن جي اڏاوت بند ڪري سنڌو درياءَ کي قانون موجب پاڻي ڏنو وڃي، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبو ختم ڪري سنڌ جون سرڪاري زمينون سـنڌي ھارين ۽ پورھيتن کي ڏنيون وڃن، ان کانسواءِ ميگا رھائشي ھائوسنگ اسڪيمن کي ڏنل زمين به واپس ورتي وڃي. ان سلسلي ۾ ڄاڻ موجب جيئي سنڌ قومي محاذ طرفان سنڌو درياءَ تي ڪئنال اڏڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف جدوجهد ڪندڙ سياسي، سماجي، قومپرست ۽ وڪيل اڳواڻن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو، آجياڻي واري تقريب ۾ (ف) ليگ اڳواڻ صدرالدين شاهه راشدي، مسرور خان جتوئي، جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر عباسي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، مولانا اياز علي قمي، سنڌ آبادگار اتحاد جي صدر نواب زبير ٽالپر، هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد جي صدر عشرت علي لوهار، وڪيل اڳواڻ ڪي بي لغاري، حسنين مرزا، پروفيسر مشتاق ميراڻي، ڊاڪٽر بدر چنا، ايس يو پي جي وائيس چيئرمين امير پنهور ۽ پروفيسر يعقوب چانڊيو سميت سول سوسائٽي جي نمائندن سميت ٻين شرڪت ڪئي. رياض چانڊيو جي صدارت هيٺ آجياڻي واري تقريب ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪينالن خلاف هلندڙ تحريڪ کي وڌائڻ تي زور ڀريو ويو. جيئي سنڌ محاذ طرفان سنڌو تي ڪئنالن جي اڏاوت خلاف جدوجهد ڪندڙن جي مان ۾ ڏنل آجياڻي واري تقريب ۾ منظور ڪيل ٺهرائن ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته سنڌو درياءَ تي ٺھندڙ ڪئنالن واري منصوبي جو مڪمل خاتمو آڻي درياءَ تي ڊيمن ۽ ڪئنالن جي اڏاوت بند ڪري سنڌو درياءَ کي قانون موجب پاڻي ڏنو وڃي، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبو ختم ڪري سنڌ جون سرڪاري زمينون سـنڌي ھارين ۽ پورھيتن کي ڏنيون وڃن، ان کانسواءِ ميگا رھائشي ھائوسنگ اسڪيمن کي ڏنل زمين به واپس ورتي وڃي. هڪ ٻي قرارداد ۾ سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سمورا سياسي قومي ڪارڪن آزاد ڪرڻ، انساني حقن تي لڳل پابندي ختم ڪرڻ ۽ شاگرد يونين تان پابندي ھٽائڻ جا به مطالبا ڪيا ويا، ٺهراءُ ۾ 7 ڪروڙ سنڌين جي پرامن ۽ لسانيت کان پاڪ 6 ڪئنال جي اڏاوت کي روڪڻ واري جدوجھد تي سنڌي قوم کي واڌايون ڏنيون ويون، قرارداد ۾ چيو ويو ته هي قومي ڪٺ سمجھي ٿو ته 6 ڪئنالن واري رٿا رد نه ٿي پر ملتوي ڪئي وئي آھي، ان ڪري ڪئنالن واري مڪمل خاتمي تائين جدوجھد جاري رھندي ۽ ھي ڪارپوريٽ فارمنگ، سنڌ جي معدني وسيلن تي قبضي، 26هين آئيني ترميم ۽ پيڪا آرڊيننس جي خاتمي تائين جدوجھد جاري رکي ويندي. تقريب دوران هڪ ٻي قرارداد ۾ چيو ويو ته صدر زرداري، بلاول زرداري، مراد علي شاھ ۽ پ پ سرڪار 6 ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏنل سنڌ جي ھزارين ايڪڙ زمين جا ذميوار آهن،  28 اپريل کي قومي غيرت ۽ سنڌو درياءَ سان يڪجھتي جو ڏينھن قرار ڏيندي ھر سال ان ڏينھن کي سنڌو درياءَ جو ڏينھن ڪري ملھائڻ جو به اعلان ڪيو ويو.