ڄامشورو (رپورٽر) سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جي احتجاج دوران پوليس ۽ شاگردن وچ ۾ چڪرين، ٻيهر احتجاج ۽ گرفتار شاگردن کي آزاد ڪرڻ کانپوءِ به ڄامشورو پوليس مظاهرين تي ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. سرڪار پاران سب انسپيڪٽر محمد سليم پنهور جي فرياد تي ڄامشورو ٿاڻي تي 37 سڃاتل ۽ 63 نامعلوم مظاهرين مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ دهشتگردي، حراس پکيڙڻ، هنگامي، ڊيوٽي اٽڪاءُ، پوليس کي مارڻ جي ارادي سان پٿراءُ ڪري پوليس اهلڪارن کي زخمي ڪرڻ جا قلم شامل ڪيا ويا آهن، ڪيس ۾ جسقم آريسر جي مرڪزي اڳواڻ عبدالفتاح چنا، شاگرد مور شاھ، شيراز جمالي، ساحل جمالي، درياھ خان ڪورائي، ثقلين سنڌي، زاهد ڪيريو، شهباز سوهو، عديل لغاري، ياسين جتوئي، نظير کوسو، ساحل آزاد فيصل وڳڻ، بشير بروهي ۽ ٻين کي نامزد ڪيو ويو آهي، احتجاج ۾ شامل سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن کانسواءِ ٻاهرين نوجوانن مير جان سنڌي، ياسين لنڊ، شعيب سنڌي، شبير ملڪ، حسيب ميمڻ، فراز دراوڙ، ميصم سنڌ يار، غني اعواڻ، وزير لغاري، منصور بليدي، جگنو جمالي، ياسر شر، ياسر برفت، ناصر جهلڻ، محمد يوسف جکراڻي، نسيم ميمڻ، جگديش ڪمار، ڪاشف ۽ ذوالفقار ملڪ کي به نامزد ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ فريادي موقف اختيار ڪيو آهي ته سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردن جي ڌرڻي جي اطلاع تي پهتاسين، جيڪي شاگرد سينٽرل لائبريري کان سنڌالاجي سامهون انڊس هاءِ وي تي ڌرڻي لاءِ اچي رهيا هئا، شاگردن کي پرامن طريقي سان سمجهايوسين ته سنڌ يونيورسٽي اندر پنهنجو احتجاج ڪيو، انڊس هاءِ وي کي بلاڪ نه ڪيو. فريادي وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته شاگردن زبردستي انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪيو، پوليس تي پٿراءُ ڪيو، خوف حراس پکيڙيو ۽ پوليس اهلڪارن کي زخمي ڪيو ۽ پوليس موبائلن کي نقصان رسايو. اهڙو ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ پوليس شاگردن جي گرفتارين لاءِ تياريون شروع ڪري ورتيون آهن.