ڪنڊيارو(ن پ ا) جسقم چيئرمين صنعان قريشي ڪنڊيارو قومي شاهراهه تي پهتو، جتي ڪارڪنن سندس شاندار استقبال ڪيو، ان موقعي تي جسقم چيئرمين جو چوڻ هو ته ٻٻرلوءِ ۾ وڪيلن جي لڳل ڌرڻي ۾ وڃي رهيا آهيون ۽ هي سنڌو جو سڏ آهي، هر سنڌ دوست ٻٻرلو ڌرڻي ۾شريڪ ٿي سنڌو کي بچائڻ لاءِ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪري، هن چيو ته سنڌو زندگي ۽ بقا جو مسئلو آهي، سنڌ کي هٿ وٺي تباهه ڪيو پيو وڃي، سنڌ واسي هاڻ ڪو به ظلم برداشت نه ڪندا، هن چيو ته سنڌو تي ڪئنال اڏي سنڌ کي سڪائڻ جي سازش خلاف جدوجهد تي وڪيلن جس لهڻيو.