ٺٽو (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو چيو آھي ته سنڌ جي حصي جي پيئڻ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي سنڌ جون زرخيز ۽ سرسبز زمينون ڀڙڀانگ ۽ بڻجر بڻائي چولستان جي لکين ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو ڪالاباغ ڊيم کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي، ٺٽي جي سينئير صحافي ڊاڪٽر شاهد صديقي سان سندس ڀاءُ جي وفات تي ساڻس تعزيت ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ايڪنڪ جي اجلاس جي ڪارروائي جا منٽس گم ڪري وفاقي حڪومت زبردستي ڪئنال ٺاهڻ واري هوڏ تي قائم آهي، هن چيو ته پاڪستان جي حڪمرانن کان سوال ڪندي چيو ته ڇا سنڌ جو ماڻهو هن ملڪ جو شهري ناهي جو سنڌ جي احتجاج کي نظر انداز ڪري ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي تي ڪم ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته سنڌ ڪنهن به صورت ۾ سنڌو درياهه تي لڳندڙ ڌاڙي تي خاموش نه رهندي، هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو باشعور آهن ۽ انهن لاءِ پاڻي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي

 

 

 

، جڏهن ته وفاق ۾ ويٺل سمورين ڌرين کي سوچڻ گھرجي ته ننڍن صوبن کي به گڏ کڻي ھلڻو آھي، هن چيو ته تڪراري منصوبن کي ايڪنڪ جي اجلاس مان منظوري وٺڻ واري سنڌ کي اک ڏيکاري پئي وڃي ۽ ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪرڻ تي سنڌ کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي.